ملڪ ۾ بجلي ايتري ته مهانگي ڪئي وئي آهي جو ايندڙ وقت ۾ عوام گهڻو ڪري لالٽين استعمال ڪندو. ڇاڪاڻ ته بجليءَ جو في يونٽ ايترو مهانگو ٿي چڪو آهي ۽ مٿان وري ايترا ته ٽيڪس مڙهيا ويا آهن جو عام ماڻهو اهي ٽيڪس ادا نٿو ڪري سگهي. حڪومت گذريل ٽن مهينن ۾ لاڳيتو بجليءَ جا اگهه وڌائي رهي آهي. تنهنڪري بجليءَ جو في يونٽ عوام کي بنهه گهڻو مهانگو ملي رهيو آهي. هاڻوڪي حڪومت اهو طئي ڪري ورتو آهي ته جيڪو ٿورو گهڻو رليف عوام کي مليل هو، اهو به کسي وٺجي ته جيئن عوام سدائين بل جمع ڪرائڻ ۾ مصروف لڳو پيو هجي ۽ ان کان ٻيا مسئلا وسري وڃن. عوام جي لاڳيتين شڪايتن کان پوءِ به بجلي ورهائيندڙ ڪمپنيون عوام ڏانهن ڳرا بل موڪلي رهيون آهن.
ملڪ ۾ بجلي 4 رپيا 69 پئسا في يونٽ وڌيڪ مهانگي ٿيڻ جو امڪان آهي. سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي پاران نيپرا کي ڏنل درخواست ۾ جولاءِ جي ماهوار فيول ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ بجلي 4 رپيا 69 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي. سي پي پي مطابق جولاءِ ۾ پاڻي مان 35 ڏهائي 17 سيڪڙو ۽ ڪوئلي مان 12 ڏهائي 74 سيڪڙو بجلي تيار ٿي. ڊيزل مان 1 ڏهائي 46 سيڪڙو ۽ فرنس آئل سان 6 ڏهائي 42 سيڪڙو بجلي پيدا ٿي. ڊيزل مان پيدا ٿيندڙ بجلي جي لاڳت 27 رپيا 88 پئسا في يونٽ رهي. جڏهن ته فرنس آئل مان 35 رپيا 69 پئسا في يونٽ جي حساب سان بجلي پيدا ڪئي وئي. مقامي گئس مان 10 ڏهائي 36 ۽ ٻاهران گهرايل ايل اين جي مان 14 ڏهائي 98 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي. ايل اين جي مان بجلي جي لاڳت 28 رپيا 28 پئسا في يونٽ رهي. ان کان سواءِ ايٽمي ٻارڻ مان 14 ڏهائي 20 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي، جنهن جي پيدواري لاڳت هڪ رپيو في يونٽ رهي. سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي ٻڌايو ته جولاءِ ۾ ڪل 13 ارب 76 ڪروڙ يونٽ بجلي وڪرو ٿي. جولاءِ لاءِ پيداواري لاڳت 6 رپيا 28 پئسا في يونٽ مقرر هئي. جڏهن ته بجليءَ جي پيداواري لاڳت 10 رپيا 28 پئسا في يونٽ رهي. نيپرا 31 آگسٽ تي سي پي پي اي جي درخواست تي شنوائي ڪندي ۽ بجلي جي قيمت وڌڻ سان واهپيدارن تي 75 ارب رپين کان وڌيڪ جو بار پئجي سگهي ٿو. ٻئي پاسي بجلي جي وڌندڙ قيمتن واهپيدارن کي سخت پريشان ڪري ڇڏيو، هلندڙ مهيني بجليءَ جي بلن جي اصل قيمت کان ڊبل بل مليا آهن، لاهور جي صارف جو هڪ هزار 3 يونٽن جو بل 50 هزار کان ٽپي ويو. هن بل ۾ في يونٽ قيمت 50 رپين جي ملڪ جي بلند سطح تي وڃي پهتي آهي، بجلي بل جي اصل قيمت 25 هزار ۽ 25 هزار رپين جا واڌو ٽيڪسز وڌا ويا آهن، صارف جي بل ۾ هن وقت 17 قسم جا اضافي ٽيڪس لاڳو آهن. انرجي ماهر نديم چوڌري چيو ته سمورا واڌو ٽيڪس ناجائز جگا ٽيڪس جي برابر آهن، آسان رستو ڳوليو ويو آهي ته ناجائز ٽيڪس لڳايا وڃن، هي واهپيدار جي بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي آهي، بجلي چوري وڌڻ جو اصل سبب هي ئي ناجائز ٽيڪس آهن. واهپيدار اصل بل نٿو ڏئي سگهي، ٽيڪس ڪيئن ادا ڪري، هي ٽيڪس عدالت ۾ چئلينج ڪيا ويندا، سپريم ڪورٽ کي بنيادي حقن جي ڀڃڪڙيءَ جو پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ گهرجي.
اسين سمجهون ٿا ته هي حڪومت جو عوام دشمن فيصلو آهي. جنهن جي جيتري نندا ڪجي سا گهٽ آهي. بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ متبادل ذريعا استعمال ڪيا وڃن. ملڪ ۾ سولر تي وڏي بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عوام ڏانهن ڳرا بل موڪلڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي ته جيئن عوام کي ڪجهه رليف ملي سگهي ۽ آءِ ايم ايف جي چوڻ تي بجليءَ جون قيمتون وڌائڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي.