صحت جو ڀونچال
سٺي صحٽ لاءِ جيڪا آبھوا گهربل آھي، اھا ٿر ۾ موجود آھي. اونھاري ۾ رات جي وقت کٽولو ٻاھر اڱڻ ۾ رکي آسمان ڏانهن نھار ڪبي تھ تارن جي جھرمر ۽ چنڊ جي چانڊوڪي دل کي سڪون ۽ صاف شفاف ماحول جو يقين ڏياري ٿي.
ٿر جا ماڻھو پنھنجي پيٽ خاطر روزانو واريءَ منجھه وکون کڻي، ڀٽن کي لتاڙي پنھنجي چوپائي مال جي ڳولا ۾ چڱو خاصو پنڌ ڪن ٿا. انھيءَ ڪري جسماني طور مضبوط ھجڻ سان گڏ قوت مدافعت پڻ وڌيڪ رکن ٿا. تازو ڪورونا جي وبا جڏھن پوري دنيا ۾ ڦھلجي وئي، تڏھن ماڻھن انھيءَ وبا کي عام ٿڌ زڪام وانگر ورتو ۽ صحت تي ڪي خاص اثر يا موت وغيره نھ ٿيا.
ٿر جي پاڻيءَ کي ليبارٽريءَ ۾ چڪاس ڪرائڻ سان پاڻي ۽ صحت جا ماھر حيران رھجي ويندا آھن تھ ايترو کارو يعني نمڪيات وارو پاڻي پيئڻ کان پوءِ ھتان جو انسان زنده ڪيئن ٿو رھي. انھن ماھرن کي اھا خبر ناھي تھ ٿر جي ماڻھن جو کاري پاڻيءَ سان گڏ زنده رھڻ جو اھو صدين جو سفر آھي. ٿرين جي ذھنن ۾ مٺي پاڻي حاصل ڪرڻ جو واحد ذريعو برسات جو پاڻي ھو. مٺا کوهه تمام گهٽ ھوندا ھئا ۽ اھي بھ ٿر جي ڪجھه خاص خطن ۾ ممڪن ھئا. ڳوٺ کان پري مٺا کوهه ھجڻ جي ڪري پاڻيءَ جو ھڪ سرڪ پڻ قيمتي ھوندو ھو. کاري پاڻي پيئڻ جي ڪري 40 سالن کان وڏي عمر وارن ماڻھن ۾ مختلف بيماريون جھڙوڪ گوڏن، سنڌن توڙي بڪين يعني گڙدن جون مختلف بيماريون ظاھر ٿينديون ھيون. ڏند پيلا ٿي ويندا ھئا ۽ ٽنگون ٽيڙيون ٿي وينديون ھيون.
ڪجھه سال اڳ ٿر ۾ پڪا روڊ ٺھيل نھ ھئا. انھيءَ ڪري مريضن کي شھر تائين آڻڻ وڏو مسئلو ھوندو ھو. مريض مقامي سطح تي طب جي ٽوٽڪن يا ڀوپن ۽ مولوين جي رحم ڪرم تي ھوندا ھئا. قوت مدافعت وڌيڪ ھجڻ ڪري اڀري سڀري بيماريءَ جي پرواهه نھ ھوندي ھئي پر مريض جي طبيعت وڌيڪ خراب ٿيندي ھئي تھ پوءِ اٺن تي سوار ٿي يا ڪپڙي جي جھولي ۾ شھرن تائين پھچايو ويندو ھو.
ٿرپارڪر جو خوبصورت شھر ڏيپلو ميمڻ برادريءَ جي تعليم ڏانھن لاڙو ۽ ميڊيڪل شعبي ۾ خدمتن جي حوالي سان مشھور آھي. تعليم ۽ روزگار جي ڳولا ۾ ڏيپلي شھر کان لڏي پاڪستان جي مختلف وڏن شھرن ۽ پاڪستان کان ٻاھر مختلف ملڪن ۾ رھائش پذير ٿيا آھن. ھزارين ڏيپلائي ڊاڪٽر ھجڻ جي باوجود ٿر ۾ ماھر ڊاڪٽرن جي سخت کوٽ آھي. شعبي ۾ سوين جڳھيون خالي پيون آھن. ٿر ۾ صحت جي ڀونچال سبب حڪومت سنڌ خاص عنايت ڪندي ڊاڪٽرس ۽ پئراميڊڪس لاءِ خاص الائونس پڻ مقرر ڪيو پر ان ھوندي پڻ حڪومت جي اها آڇ ڊاڪٽرس کي ٿر ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ راضي نھ ڪري سگھي آھي. اڄ بھ سڄي ٿر ۾ گائنوڪولاجسٽ فقط ٻھ ڊاڪٽرس آھن.
ٿر ۾ اڻ ھوند ۽ تعليم گهٽ ھجڻ جي ڪري نفسياتي بيمارين منھن ڪڍيو آھي، انھن نفسياتي بيمارين سبب ڀوپن ۽ مولوين جي ڪمائيءَ ۾ اضافو ڪيو آھي ۽ جنن، ڀوتن ۽ جادو جي ٽوڻن ڦوڪن جي چڪر ۾ غريب عوام جي ڦر لٽ جاري آھي. ڳوٺن ۾ مٽيون مائٽيون ۽ رشتا ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار ٿي ويا آھن ۽ جادو جي نالي ۾ وھمن وسوسن جي بازار گرم آھي. نفسياتي بيمارين جي انتھا خودڪشيءَ جي صورت ۾ سامھون اچي ٿي. ٿر ۾ اڄ بھ سراسري روزانو ھڪ يا ماڻھو خودڪشي ڪن ٿا. بدقسمتيءَ سان نفسياتي بيمارين جي حوالي سان اسان جو تصور منفي ۽ جھالت وارو آھي. انھيءَ ڪري ڪنھن نفسياتي ماهر سان مشورو ڪرڻ لاءِ ڪنھن ماڻھوءَ کي صلاح پڻ نٿي ڏئي سگهجي.
ٿر ۾ بيسڪ ھيلٿ يونٽ کي پي پي ايڇ آءِ حوالي ڪرڻ کان پوءِ تمام گهڻي بھتري آئي آھي. ڳوٺن ۾ ڪجهھ ڊاڪٽر جوڙا (زال ۽ مڙس) گڏ ڪم ڪندي نظر اچن ٿا ۽ 24 ڪلاڪ خدمت جي لاءِ موجود ھوندا آھن. عام طور تي دوائڻ جي کوٽ جي شڪايت ھر ھنڌان اچي ٿي. شايد دوائن جي پورائي لاءِ بجيٽ جي کوٽ آھي يا بجيٽ جو صحيح استعمال ناھي.
ٿر ۾ صحت جي خدمتن جو ذڪر ڪجي تھ ماما وشن کي ياد نھ ڪجي، اھا وڏي نا انصافي ٿيندي. ھو گذريل ٽن ڏھاڪن کان ضرورت مند مريضن کي مفت رت جو بندوبست ڪري ڏيڻ لاءِ 24 ڪلاڪ موجود ھوندو آھي. مٺي اسپتال ۾ بلڊ بئنڪ پڻ قائم آھي ۽ ھزارين رت ڏيندڙ رضاڪارن جا بلڊ گروپ ياد اٿس. ھر ماڻھوءَ جي مدد انھي شرط تي ڪندو آھي تھ اھا رت جي ٿيلھي اوڌر تي مھيا ڪبي. جڏھن ضرورت پوندي تھ واپس ٿيندي يعني ٻئي ڪنھن ضرورتمند کي ڏني ويندي. بنا ڪنھن رنگ نسل مذھب جي انساني ھمدردي طور ھر ڏکي وقت ۾ سڏ سان گڏ ھوندو آھي. ڪنھن لاوارث کي حيدرآباد يا ڪراچي پھچائڻو ھجي يا ڪنھن غريب خاندان کي گهر تائين لاش پھچائڻو ھجي تھ ماما وشن چندو گڏ ڪرڻ لاءِ ڪنھن بھ دوست جي کيسي ۾ ھٿ وجھندو تھ انڪار نھ ٿيندو. انھيءَ ڪردار کي ڏسي انسانيت تي ويساهه ايندو آھي.
ٿر ۾ عورت ۽ ٻار صحت جي حوالي سان وڌيڪ متاثر ٿين ٿا. انھيءَ جو خاص سبب سماج جو ڪمزور طبقن ڏانھن رويو آھي. ٿر جي سماجي ڍانچي جو اڀياس ڪبو تھ عورت پنھنجو پاڻ سان ٿيندڙ ٻھ اکيائي يعني متڀيد کي غلط نٿي سمجھي ۽ ان عمل کي عام رواج ۽ رسم ۾ شمار ڪري ٿي. مثال طور شاديءَ جو فيصلو سئو سيڪڙو مائٽن جي مرضي مطابق ٿيندو آھي. اڪثر شاديون 18 سالن کان ننڍي ڄمار ۾ ٿين ٿيون. انھيءَ ڪري ڪمزور ماءُ ڪمزور ٻار کي جنم ڌئي ٿي. ٿر جي ھر ٻي عورت اينيميا يعني رت جي کوٽ جو شڪار ھوندي آھي ۽ ھڪ ڳورھاري عورت جي رت ۾ ھيموگلوبن 5 کان 7 گرام في ڊيسي لٽر ھجڻ ڪري ماءُ ۽ ٻار جي زندگي خطري ۾ ھوندي آھي.
ٿر ۾ معصوم ٻارن جي فوتگيءَ جي باري ۾ ميڊيا ۾ خبرن پوري دنيا جو ڌيان ٿر ڏانهن ڇڪائي سنڌ حڪومت کي دفاعي پوزيشن ۾ آڻي ڇڏيو آهي. نتيجي ۾ ٿر جي اسپتالن ۾ صحت جي سھوليتن کي بھتر ڪرڻ لاءِ ڪجھه اپاءَ ويا. خاص طور تي مٺي سول اسپتال ڌيان جو مرڪز ٿي. ٿرين کي سڀ کان وڏو فائدو اين آءِ سي وي ڊي جي قيام سان ٿيو. ھن اسپتال ۾ اسٽاف ڪراچيءَ کان آندو ويو آھي ۽ اسٽاف جي رويي سان گڏ سھوليتن جو معيار تمام سٺو آھي.
ٿر ۾ اونھاري ۽ وسڪاري جي مند ۾ نانگ بلا جي ڏنگڻ جا ڪيس تمام گهڻا ٿين ٿا. سال 2017ع جي ھڪ تحقيقي رپورٽ مطابق 454 ماڻھن کي نانگ بلائن ڏنگيو، جنھن مان 81 سيڪڙو مرد، 19 سيڪڙو عورتون ۽ 22 سيڪڙو ٻار متاثر ٿيا. ڪل مريضن مان 6 ماڻھن جو موت واقع ٿيو. ٿر ۾ پيئڻ بلا جو آزار پڻ گهڻو آھي، اھا بلا ننڊ ۾ ستل ماڻھوءَ کي ڏنگي ٿي ۽ ڏنگڻ کان پوءِ ڪجهھ ئي گهڙين ۾ ساهه منجھڻ سبب مريض جو موت واقعي ٿي وڃي ٿو. ھن بلا جي لاءِ ڏند ڪٿا آھي تھ ننڊ ۾ ستل ماڻھو جي وات ۾ زھر ڦوڪي ٿي پر طبي ماھر انھي ڏند ڪٿا کي مڃڻ لاءِ تيار ناھن.
ٿر ۾ صحت جي سڌاران لاءِ ڪجھه تجويزون عرض رکجن ٿيون:
1-ٿر جي ھر ننڍي وڏي شھر ۾ ٽيلي ھيلٿ سينٽر قائم ڪيا وڃن، جتي ميڊيڪل آفيسر سان گڏ ليبارٽريءَ جي سھوليت مھيا ڪري ڏني وڃي. مٺي شھر ۾ موجود سينٽر ۾ ڪوآرڊينيشن يونٽ جوڙي ڪراچيءَ جي ڪنھن سٺي اسپتال جي ماھرن سان ڳنڍيو وڃي.
2-ٿر جي ڳوٺن ۾ موجود ليڊي ھيلٿ ورڪر جي اِيڊوانس ليول جي تربيت جو بندوبست ڪري سندن ڪم جي دائري کي وڌايو وڃي. خاص طور تي نفسياتي بيمارين مان ڪڍڻ لاءِ ڪائونسلنگ وارو ڪم ورتو وڃي.
3-ٿر جي ھر ڳورھاري عورت جي صحت مرڪز ۾ رجسٽري لازمي قرار ڏني وڃي ۽ حمل وارن ڏينھن دوران مستحق عورتن جي کاڌ خوراڪ جو بندوبست حڪومت پاران ڪري ڏنو وڃي.
4-ٿر جي ڊوميسائيل تي ميڊيڪل ڊگري حاصل ڪندڙ ڊاڪٽرس لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 10 سالن لاءِ ٿر ۾ ڪم ڪرڻ کي لازمي قرار ڏنو وڃي ۽ انھي ڏس ۾ قانون سازي پڻ ڪئي وڃي.
5-ٿر ۾ اينٽي سنيڪ وينم انجيڪشن تيار ڪرڻ جي ليبارٽري قائم ڪئي وڃي ۽ پوري پاڪستان ۾ انجيڪشن جي فراھمي ٿر مان ڪئي وڃي.
6-ڀوپن ۽ پيرن پاران جنن ڀوتن توڙي جادو ڪڍڻ جي بھاني ڦرڻ لٽڻ واري عمل کي ختم ڪرڻ لاءِ ترت اپاءَ کنيا وڃن.
7-ٿر ۾ زمين اندر پاڻيءَ جي ذخيرن جي معيار ۽ مقدار کي جاچڻ لاءِ ڪنھن ساک واري اداري کان اڀياس ڪرايو وڃي ۽ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ لاءِ ضروري اپاءَ وڃن.
(هلندڙ)