ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ ۾قدرتي آفتون ۽ قومي ايڪتا جي ضرورت

Editorial-Article- Ali Muhammad Memon

سنڌ ۾ طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ ھزارين گهر اُجاڙي ڇڏيا آهن. گهرن جون ڇِتيون ۽ ڀتيون ڊهڻ سبب معصوم ٻارن ۽ عورتن سوڌو وڌيڪ 200 ڄڻا پنهنجيون حياتيون وڃائي ويٺا آهن. جڏهن ته، زخمين جو انگ هزارن ۾ آهي. برساتن ۽ ٻوڏ سبب وبائي مرض ۽ مختلف قسم جون بيماريون پڻ وڌي وبائي صورت اختيار ڪري ويون آهن. سنڌ ۾ هن وقت هلندڙ برساتون هن خطي جي هاڻوڪي تاريخ جا پراڻا ريڪارڊ ٽوڙي رهيون آهن ۽ برساتن ۽ تباهه ڪارين جا نوان رڪارڊ قائم ڪري رهيون آهن. هنن برساتن ۾ سمورو سنڌ صوبو آفت سٽيل بنجي ويو آهي. صوبي جي ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ٿيندڙ اربين رپين جا مالي نقصان، فصلن جي تباهي، گهرن، اسڪولن، پالتو جانورن ۽ چوپائي مال جي نقصانن کان سوا قوم جي هر طبقي جي سماجي ۽ انساني زندگي تمام گهڻي متاثر ٿي آهي ۽ انهن نقصانن جو هن وقت اندازو لڳائڻ کان ٻاهر آهي. ائين معلوم ٿي رهيو آهي ته، هاڻوڪيون برساتون سنڌ کي ٻوڙي ۽ لوڙهي وڃي رهيون آهن، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ وري گهٽ ۾ گهٽ 20 سال پٺتي ڌڪجي وئي آهي.
سنڌ صوبو يقينن، پنهنجي تاريخ جي هڪ وڏي تباهي ۽ قدرتي آفت جو شڪار ٿي ويو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي زرعي معيشت ۽ هر قسم جي واپار ۽ ڪاروبارن کي تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، جنهن جو ازالو ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ ممڪن نظر نه ٿو اچي. سنڌ سرڪار طرفان صوبي ۾ برساتن سبب ٿيندڙ نقصانن بابت ڄاڻايل هاڃن جي انگن اکرن موجب، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي چوڻ موجب صوبي ۾ رڪارڊ ٽوڙ برساتون پيون آهن ۽ اڳ کان 500 سيڪڙو وڌيڪ برساتون پيون آهن جيڪا قدرت طرفان آزمائش آهي. سندس چوڻ هو ته سموري سنڌ کي نقصان پهتو آهي ۽ هي نقصان 2010ع واري ٻوڏ کان وڌيڪ آهي. سنڌ سرڪار صوبي جي ٽيويهه ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آهي، جاري ٿيل سرڪاري نوٽيفيڪيشن موجب، حيدرآباد، ٺٽو، بدين، سجاول، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار، ڄامشورو، مٽياري، ميرپورخاص ۽ دادو کي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آهي. نوٽيفڪيشن ۾ آفت سٽيل ضلعن ۾ عمرڪوٽ، شهيد بينظير آباد، نوشهروفيروز، سانگھڙ، سکر، خيرپور، گھوٽڪي، لاڙڪاڻو، ڪشمور ۽ شڪارپور به شامل آهن. ان کان سواءِ قمبر شهدادڪوٽ، جيڪب آباد ۽ ملير به آفت سٽيل ضلعن ۾ شامل آهن. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه موجب برساتن سبب صوبي ۾هن وقت تائين 170 ماڻهو فوت ٿيا آهن. وڏي وزير موجب سموري صوبي کي آفت سٽيل علائقو قرار ڏيارڻ لا وفاقي حڪومت وٽ سنڌ جي صورتحال جو معاملو اٿاريو ويو آهي. صوبي جي هاڃيڪار صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ وڌ ۾ وڌ امداد مهيا ڪرڻ لا ملڪي ۽ عالمي ادارن کان وڌ ۾ وڌ رليف ۽ مدد پڻ حاصل ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن.
ٻئي پاسي، سنڌ جي ننڍن ۽ وڏن شهرن جا سرڪاري اسڪول، گهر ۽ سرڪاري ۽ نجي عمارتون ۽ گهر ٻوڏ متاثرن جي ٿيل لڏپلاڻ ۽ پناهه وٺن ڪري ڀرجي ويا آهن، جن ۾ هزارين خاندان مشڪلاتن ۽ آزمائشن واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. وڌيڪ برساتن ۽ تباهه ڪارين ڪري وڌيڪ هزارين خاندان پنهنجا گهر ۽ مال ملڪيتون پٺتي ڇڏي فقط پنهنجيون حياتيون ۽ معصوم ٻچڙن ۽ گهر ڀاتين کي بچائڻ لا پناهه گاهن جي ڳولها ۾ آهن ۽ لڏپلاڻ ڪري مختلف شهرن ۽ محفوظ علائقن ڏانهن وڃي رهيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ انهن مظلومن جي واهر ۽ سنڀال ڪرڻ ۽ بي گهر ماڻهن کي کاڌو خوراڪ، علاج ۽ زندگي جون گهربل بنيادي ضرورتون مهيا ڪرڻ واري وڏي ذميواري ۽ قوم ۽ ساڃهه وندن ۽ سماجي ادارن ۽ جماعتن لا وڏو امتحان پيدا ٿي پيو آهي. سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ سماجي ڀلائي جون مختلف جماعتون ۽ سماجي رضاڪار ڪم ڪري رهيا آهن جنهن ۾ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسئيشن جي مرڪز طرفان خصوصي امدادي سرگرميون شروع ڪيون ويون آهن ۽ سنڌ صوبي جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ موجود سگا شاخن ۽ رضاڪارن کي متحريڪ ڪيو ويو آهي ۽ امدادي سرگرميون جاري آهن ان کان سوا هزارين رضاڪار ۽ سماجي ڪارڪن “پنهنجي مدد پاڻ” واري جذبي تحت ٻوڏ متاثرن ۽ برساتن جي هاڃيڪارين جي شڪار ماروئڙن جي مدد ڪري رهيا آهن. انهن کان سوا متاثر علائقن ۾ ميڊيڪل ڪئمپون لڳائڻ ۽ متاثرن کي کاڌو خوراڪ ۽ راشن پهچائڻ واريون سرگرميون پڻ ڪيون پيون وڃن. سنڌ جي مختلف ضلعن ۾سوين سماجي خدمتگار تنظيمون ۽ سياسي جماعتون ۽ سياسي ۽ سماجي ڪارڪن پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ متاثرن جي هر ممڪن مدد مهيا ڪرڻ لا ڪم ڪري رهيا آهن. يقينن، سنڌ جي ساڃهه وندن ۽ سماجي ڀلائي وارو ذهن رکندڙ جماعتن ۽ ڪارڪنن مان قوم جي سر تي آيل هن ڏکئي وقت ۽ بحراني ۽ هنگامي حالت ۾ ڪم ڪرڻ ۽ مدد مهيا ڪرڻ ساراهه جوڳو عمل آهي.

موسميات کاتي جي تازي اعلان موجب چوماسي جو نئون سلسلو اڄ 24 آگسٽ کان ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ برساتن جو سبب بڻبو. سنڌ جي مختلف علائقن ۾ گجگوڙ ۽ کنوڻ سان گڏ تيز اسپيلز جو امڪان آهي، جنهن سبب ڪراچي ۾ سميت مختلف شهرن جا هيٺيان علائقا پاڻي هيٺ اچي سگهن ٿا. موسميات کاتي موجب، بنگالي نار کان ايندڙ چوماسي جي نئين سسٽم بابت اڳڪٿي وئي ڪئي آهي، جيڪو هندستان جي رياست راجسٿان کان سنڌ ۾ داخل ٿيندو. جنهن سان حيدرآباد، نوشهروفيروز، ٿرپارڪر، بدين، عمرڪوٽ سميت ٻين ضلعن ۾ ٽن ڏينهن تائين وڏين برساتن جو امڪان آهي ۽ برساتن سبب ٻوڏ متاثر علائقن جي حالت اڃا به وڌيڪ خراب ٿي ويندي.

موسميات کاتي طرفان سنڌ جي مختلف علائقن ۾ٿيل برساتن جي جاري ڪيل انگن اکرن موجب، سنڌ جي علائقن مان پڊ عيدن ۾ جولاءِ ۽ آگسٽ اندر1539 ڏهائي 5 ملي ميٽر تائين سڀ کان وڌيڪ برسات رڪارڊ ٿي آهي. جڏهن ته ڪراچي جي علائقي گلشن حديد ۾ 862 ملي ميٽر ۽ موهن جو دڙو ۾ 811 5 ڏهائي ملي ميٽر رڪارڊ ٿي. ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ برساتن جو مرڪز گلشن حديد ۽ ملير ضلعي وارا ٻيا علائقا شامل آهن. سنڌ صوبي ۾ برساتن جي هن قسم جي هاڃيڪار صورتحال ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ برساتن واري وڌندڙ سلسلي ۾ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته، سنڌ جون سموريون سياسي ۽ سماجي جماعتون، ساڃهه وند ۽ سماجي رضاڪار هڪٻئي سان ويجها رابطا قائم ڪري امدادي ڪمن جي ورهاست ڪرڻ گهرجي ۽ سنڌ سرڪار، وفاقي حڪومت ۽ عالمي ادارن طرفان پڻ صوبي جي سمورن ضلعن ۾گڏيل هنگامي مرڪز قائم ڪيا وڃن جتان کاڌو، خوراڪ، دوائون ۽ مختلف قسم جون امدادون متاثرن کي بروقت ۽ وڌ کان وڌ پهچائي سگهجن.
قدرتي آفتن ۽ قومي بحران کي منهن ڏيڻ لا سمورين ڌرين ۽ جماعتن کي سمورا ويڇا وساري ضرور يڪجا ٿيڻ ٿيڻ گهرجي ۽ ٻوڏ متاثرن جي هر ممڪن امداد ۽ بحالي کي ممڪن بڻايو وڃي. سنڌ گهڻو ڪري اهڙي قسم جي قدرتي آفتن ۽ ٻوڏ جو شڪار ٿيندي رهي آهي ۽ هتان جي قومن ڪيتريون ئي آزمائشون ڏٺيون آهن. اميد ته قومي ٻڌي ۽ گڏيل امداد سان تاريخ جي هن آزمائش مان به نڪري پار پئجي سگهجي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button