سنڌ هن وقت پنهنجي ويجهي تاريخ جي بدترين برسات کي منهن ڏئي رهي آهي. هن برسات ۾ سوين انسان اجل جو شڪار ٿي ويا آهن. برسات سبب ڪرندڙ ڇتين ۾ دٻجي ويل گهڻو ڪري ٻار ۽ عورتون آهن. سنڌ جي مسڪين ماڻهن جا جهوپا جهري ويا آهن. انهن جي جياپي جا وسيلا وهي ويا آهن. انهن جو ڪجهه به نه رهيو آهي. اهڙي صورت ۾ سنڌ جي وڏي وزير پاران صرف دلي همدرديءَ جو اظهار انهن جا زخم ڀري سگهندو؟ ڇا بلاول ۽ مراد علي شاهه پنهنجو منهن ڏيکاري انهن ماڻهن جي دلجوئي ڪري سگهندا؟ ظاهر آهي ته ان قسم جي دعويٰ ته ڪير به ڪري نه ٿو سگهي. اسان کي اهو به معلوم هجڻ گهرجي ته جيڪي بلاول ۽ مراد علي شاهه تي گهور پيا وڃن ۽ هن جي نظر ۾ سائينءَ جن جو قدم رنج ڀرڻ به ڪافي آهي، اهي ماڻهو اهي آهن، جن هن حڪومت کان تمام گهڻو مال ميڙيو آهي. محبت جا به مفاد هوندا آهن. خاص ڪري اها محبت جيڪا سياسي هوندي آهي. ان جا سبب هجن ٿا.
سنڌ جا ماڻهو به بلاول ۽ زرداريءَ سان محبت جو اظهار ڪري سگهن ٿا پر شرط اها آهي ته هو انهن کي ٻيو ڪجهه نه پر صرف انصاف عطا ڪن. انهن جو جيڪو به ۽ جيترو به حق آهي، انهن کي ڏين ۽ پوءِ ڏسن ته هو ڪهڙي ريت انهن ڪردارن سان محبت ڪن ٿا. آصف زرداري ته سنڌي ماڻهن جي محبت کان سدائين محروم رهيو آهي ۽ هاڻي محسوس اهو ٿي رهيو آهي ته بلاول سان به سنڌ جي عوام جو ساڳيو پيار نه رهيو آهي، جيڪو اڳ ۾ هو. ان جو سبب به اهو آهي ته سنڌ جي ماڻهن جيڪي بلاول مان اميدون رکيون هيون، اهي پوريون ٿي نه سگهيون آهن. هو هن مهل سياسي طور تي سرگرم آهي پر هن جو مقصد صرف ۽ صرف عمران خان جي مخالفت آهي. جڏهن ته هن کي ملڪ جي عوام ۽ خاص طور تي سنڌ جي ماڻهن لاءِ هٿ پير هڻڻ گهرجن. پر هن مهل تائين هن اهڙو ڪجهه نه ڪيو آهي، جنهن سان هن کي سياسي شهرت جو اهو ذائقو ملي سگهي، جنهن کي عوامي محبت ڪوٺيندا آهن.
بلاول ڀٽو زرداريءَ کي سمجهڻ گهرجي ته عمران خان صرف عوام سان انصاف جو واعدو ڪري ٿو ته عوام هن جي مٿان قربان ٿيڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو. اهو عمران اڳ به هو پر اڳ ۾ هن کي اها شهرت نه ملي هئي، جنهن ۾ عوام جي محبت به شامل هجي. هن مهل عمران عوامي محبت کي انجواءِ ڪري رهيو آهي ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته عمران خان جا مخالف هن جي ان ڪاميابيءَ تي اندر ۾ سڙي ۽ پڄري رهيا آهن. ڇو ته جيتري محبت عمران خان کي ملي رهي آهي، ايتري ٻيو ڪنهن به سياستدان کي نه ملي هئي. اهو عمران خان جو پورهيو آهي.
ذوالفقار علي ڀٽو ته عوام جو اڄ به محبوب آهي، ان سلسلي ۾ هن جي عمران خان سان ڀيٽ نه ٿي ڪري سگهجي. ڇو ته عمران خان ان ڪيٽگريءَ ۾ نه ٿو اچي، جنهن ۾ ڀٽو صاحب شامل هو. ڀٽو صاحب ته تاريخ جو عجيب ڪردار هو. ان کان پوءِ جيڪڏهن عوامي محبت ڪنهن جي حصي ۾ آئي آهي ته اهو بنا ڪنهن شڪ جي عمران خان ئي آهي. پر عمران خان سان عوام جي محبت جو سبب اهو آهي ته هو انهن جي حقن جون ڳالهيون ڪري ٿو. هو انهن کي خوشحاليءَ جا خواب ڏيکاري ٿو. هن جو اهو عمل هن کي هر ڏينهن ڪامياب ڪري رهيو آهي ۽ هو گذريل ڏينهن کان وڌيڪ محبت ۽ شهرت ماڻي رهيو آهي. هن مهل به حڪومت جي خواهش باوجود اها هن کي گرفتار ڪري نه ٿي سگهي. ڇو ته اهو خطرو پنهنجي جاءِ تي موجود آهي ته متان عوام ڪاوڙ ۾ اچي ٻاهر نڪري اچي ۽ پاڪستان ۾ هنگامي حالتون برپا ٿين. عمران خان جي گهر آڏو ماڻهن جا ميڙ ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته عوام ڪنهن جو به احسان فراموش نه ڪندو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته سياستدان عوام جي ووٽ جو احسان وسارڻ ۾ ويرم ئي نه ڪندا آهن، جڏهن ته اهو ووٽ انهن کي اقتدار جي مسند تي پهچائيندو آهي. پر ان سلسلي ۾ سياستدان جو ڪردار اهو رهندو آيو آهي، جنهن کي سنڌي ٻوليءَ جي پهاڪي ۾ چيو ويندو آهي ته “ڪم نڪتو ڊکڻ وسريو.”
عوام سان سياستدانن جو اهو سلوڪ پاڪستان جي سياست جو سڀ کان وڏو مرض آهي ۽ سڀ کان وڏي افسوس جي ڳالهه اها آهي جيڪو عوام جنهن سياستدان يا جنهن سياسي پارٽيءَ سان وڌيڪ پيار ڪندو آهي، هن کي ڏک به اتان گهڻو ملندو آهي. اهو مثال هن مهل پاڪستان جي ان پارٽيءَ مٿان پورو اچي ٿو، جيڪا ڪڏهن ملڪ جي وڏي پارٽي هئي ۽ هاڻي اها سسي سنڌ تائين محدود ٿي وئي آهي ۽ جيڪڏهن هن مهل به اها سنڌ ۾ موجود آهي ته ان ۾ عوام جو ڪردار آهي. اهو عوام جنهن سان پيپلز پارٽيءَ جو سلوڪ ڪنهن به طور تي سٺو ناهي. ڇو ته هن مهل سنڌ جا عام ماڻهو جنهن حال ۾ آهن، ان حال ۾ پيپلز پارٽيءَ جي موٽ تمام گهڻي تڪليف واري آهي.
سنڌ تاريخ جي تمام وڏي برسات سبب تمام گهڻي تڪليف ۾ آهي ۽ سنڌ جو جيڪو به مالي ۽ جاني نقصان ٿيو آهي، ان جو ازالو معاشي مصيبت ۾ پيل ملڪ ته هرگز به نه ٿو ڪري سگهي پر پوءِ به وفاق کي جيتري پرگهور سنڌ جي لهڻ گهرجي، ايتري پرگهور نه لڌي وئي آهي ۽ وڏي ڳالهه ته سنڌ کان اهو پڇڻ به گوارا نه ڪيو ويو آهي ته ان جو حال ڪهڙو آهي؟ جڏهن هن مهل پيپلز پارٽي نه صرف وفاقي حڪومت جو حصو آهي پر وفاقي حڪومت ٺاهڻ ۾ پيپلز پارٽيءَ جو اهم تري ڪردار آهي. ڇا اهو ممڪن ناهي ته پيپلز پارٽي ملڪ جي وزير اعظم شهباز شريف کي سنڌ جي ياترا ڪرائي ۽ کيس سنڌ جي صورتحال اکين سان ڏيکاري ته سنڌ ۾ برسات ڪهڙي طرح غريب ماڻهن جا جهڳا جهڻ ڪري ڇڏيا آهن. وفاقي حڪومت کي سنڌ جي عوام جي سهائتا ڪرڻ گهرجي پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ جي متعلق ملڪ جو وزير اعظم نه پڇي ٿو ۽ نه ڪجهه ڪري ٿو. ممڪن آهي ته هو سمجهي ٿو ته سنڌ پيپلز پارٽيءَ جي ملڪيت آهي ۽ ان ۾ هن کي ڪنهن به طرح جي مداخلت نه ڪرڻ گهرجي. جڏهن ته هن کي اهو معلوم هجڻ گهرجي ته مثبت مداخلت ڪنهن به طرح سان بري نه لڳندي آهي.
شهباز شريف ملڪ جو وزير اعظم آهي ۽ هن کي برسات سبب تمام گهڻو ڪجهه وڃائي ويٺل سنڌ سان ملڻ گهرجي ۽ پنهنجن وسيلن جي آهر سنڌ جي مدد به ڪرڻ گهرجي پر شهباز شريف هن مهل به پاڻ کي پنجاب تائين محدود رکيو آهي ۽ ان جو سبب اهو آهي ته هن کي تمام گهڻو فڪر آهي ته هو ڪنهن طرح ان پنجاب کي واپس ورائي سگهي، جيڪو پنجاب شريف خاندان کان عمران خان کسي ويو آهي. شهباز شريف کي به معلوم آهي ته پاور جو مرڪز پنجاب آهي. هن جي مٿان پنهنجي وڏي ڀاءَ ميان نواز شريف جو به تمام گهڻو بار ۽ اصرار آهي ته هو پنجاب ۾ پارٽيءَ جا پير پختا ڪري. پر صرف خواهشن سان ڪجهه نه ٿيندو آهي. خواهشن سان گڏ جيڪڏهن محنت نه هوندي ته ڪجهه به نه ٿيندو.
شريف خاندان جي پريشاني سمجهه ۾ اچڻ جهڙي آهي. عمران خان انهن جي پيرن هيٺان سياسي پاور جي ڌرتي کسڪائي رهيو آهي ۽ يقيني طور تي انهن کي تشويش به هوندي پر ان جو مطلب اهو ناهي ته ان افسوس ۾ وزارت اعظميٰ جي ڪرسيءَ تي ويهڻ کان پوءِ به شهباز شريف سنڌ کي وساري ويهي. جهڙي طرح تمام گهڻن ڏينهن کان وٺي سنڌ مٿان مستقل مينهن وسي رهيا آهن ۽ ماڻهو برساتي ريلن ۾ صرف مال نه پر جانيون به وڃائي رهيا آهن ۽ اهڙي ماحول ۾ وزير اعظم نه اچڻ ۽ نه وري وفاق پاران سنڌ جي لاءِ ڪنهن به طرح جو امدادي پيڪيج ڏيڻ جو اعلان ڪرڻ وارو عمل تمام گهڻي تڪليف جو ڪارڻ آهي ۽ هجڻ به گهرجي. ڇو ته اها سنڌ ئي آهي، جيڪا نه صرف پاڪستان کي جنم ڏيڻ واري سرزمين آهي پر ان هن مهل تائين پاڪستان کي هلائڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. پر وفاقي حڪومت ڇا ڪيو آهي؟
سچ اهو آهي ته سنڌ ملڪ جي محسن آهي پر سنڌ جو ڪو به احسان ياد نه ٿو ڪيو وڃي ۽ سنڌ کي جهڙي ريت فراموش ڪيو ويو آهي، اهو سياسي دنيا ۾ دوکو ڏيڻ جي مترداف عمل آهي. جيڪو صوبو وفاق کي سڀ ڪجهه عطا ڪري ۽ موٽ ۾ وفاق هن کي هن جو جائز حق به نه ڏئي ته ڇا اهو سلسلو ڪنهن به طرح سان سهپ جوڳو هوندو؟
سنڌ جا سور برسات سبب وڌي ويا آهن ۽ انهن سورن کي گهٽائڻ جي سلسلي ۾ هن مهل تائين نه وفاق جي حڪومت جي مالڪ شهباز شريف ڪجهه ڪيو آهي ۽ نه پيپلز پارٽيءَ هن کان ڪجهه ڪرايو آهي. هن مهل به حالت اها آهي ته سيد مراد علي شاهه وفاق کان سنڌ جو حق وٺڻ بدران گڏيل قومن ۽ عالمي ادارن کي اپيل ڪري رهيو آهي ته جو ڪنهن طرح سان سنڌ جي سهائتا ڪن. ڇو ته سنڌ مڪمل طور تي متاثر ٿي آهي. عالمي ادارن کي به مدد ڪرڻ گهرجي پر اصل فرض ته وفاقي حڪومت جو آهي. سنڌ جو وڏو وزير وفاقي حڪومت کي ڪجهه ڇو نه ٿو چوي؟ جڏهن ملڪ جو وزير اعظم عمران خان هوندو هو ته ان مهل مراد شاهه ڪنهن جي جهل نه جهلبو هو ۽ هر ڏينهن وفاقي حڪومت جي مٿان ڪنهن نه ڪنهن تنقيد جو تير هلائيندو هو ۽ صحيح ڪندو هو. پر هن مهل سنڌ جي وڏي وزير جهڙي ريت پنهنجا هٿيار رکي ڇڏيا آهن ۽ هو وفاق جي حوالي سان ڪجهه به ڪڇڻ لاءِ تيار ناهي ته هن اهو عمل افسوس جوڳو آهي. هن کي سنڌ جي سهائتا لاءِ وفاق کان حق گهري نه پر ڇني وٺڻ گهرجي.