ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

آفت جي مهل مان وري اُسرڻ جي ضرورت

Editorial-Article-Zahid Bhutto

زاهد علي ڀٽو

سال 2022ع جي سانوڻ ۾ ساندهه وسندڙ مينهن ايترو ججهو وسيو آهي جو ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته سئو سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو آهي. هيلوڪي وسندڙ سانوڻ ۾ سنڌ جو ڪو شهر، ڪا وستي، ڪو واهڻ ناهي جتي مينهن سبب نقصان نه ٿيو هجي. هر طرف تباهيءَ جا ڏکوئيندڙ منظر آهن. پوکيل فصل مينهن ۾ لڙهي مڪمل تباهه ٿي ويا آهن. شھرن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل آهي، جتي مينهن سان گڏ گٽرن جو گند ۽ گندو پاڻيءَ به بيٺل آهي. ڏهاڙي دار مزدور مزدوري نه ملڻ ڪري فاڪاڪشيءَ تي مجبور آھي، ريڙهين سميت ننڍي وڏي ڪاروبار وارا گهرن ۾ ويهي رهيا آهن. فيڪٽريون، ڪارخانا ۽ وڏا ڪاروبار به هن صورتحال ۾ مفلوج بڻجي ويا آهن. ايڏي تباهي ٿي آهي، ايڏو نقصان ٿيو آهي جو شايد ڪيترن سالن ۾ پورائو مشڪل سان ٿئي.
اخبارن ۽ سوشل ميڊيا وسيلي خبرن توڙي اکين ڏٺل ڪنن ٻڌل خبرن چارن موجب شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ ڪيترن جا اجها ڊهي پٽ پئجي ويا آهن. ڪيتري هنڌن تي جاني نقصان ٿيا آهن. ڪن جو الھه تلھه لڙهي ويو. ڪن جو مال متاع ڇتين هيٺان دٻجي ويو. ڪي رڳو ساهه بچائي نڪتا آهن ۽ ڪن سرڪاري اسڪولن ۾ پناهه ورتي آهي. ڪي ويچارا رستن تي اچي ويا آهن.
هر طرف ڏکوئيندڙ صورتحال آهي. جنهن کي ڏسي ۽ ٻڌي اکين ۾ پاڻي اچي ٿو وڃي. منهنجي ناناڻي ڳوٺ ۾ هڪ ڳوٺاڻو فصل ٻڏڻ ڪري ذهني توازن وڃائي ويٺو آهي جنهن جو سڀ ڪجھه فصل تي هو. هڪ غريب جون 9 ٻڪريون هيٺ ڪريل بجليءَ جي تار ۾ وچڙڻ ڪري مري ويون. ڪيئي خاندان بيروزگاري ڪارڻ لنگهڻ ڪاٽڻ تي مجبور آهن. اهڙا ٻيا ڪيئي واقعا ڏسي ۽ ٻڌي لڱ ڪانڊارجي ٿا وڃن.
قيامت صغريٰ جهڙي تباهيءَ جي ماحول باوجود اسان جي سماج مان بيوس ۽ مجبور ماڻهن کي ڦرڻ واري عادت، لالچ، بي حسي ختم ناهي ٿي سگهي. مينهن کان بچاءُ واسطي ڇتين توڙي جهوپڙين ۾ ڪتب ايندڙ پلاسٽڪ پني جيڪا اڳ ۾ ٻه کان اڍائي سئو ۾ في ڪلو ملندي هئي هينئر دڪاندارن ساڳي پني 600 کان800 ۽ 1000 تائين وڪڻي رهيا آهن.
ٻي ڀاڄي ته ٺهيو پر بصر، پٽاٽا، ٽماٽا به غريب جي پهچ کان پري ٿي ويا آهن. مارڪيٽ ڪميٽي ۽ انتظاميه مينهن ۾ منهن لڪائي ويٺل آهي. ههڙي مصيبت جي مهل ۾ امدادي ڪارروايون نه هجڻ برابر آهن، سرڪار توڙي سرندي وارن جي ڪن تي اڃا جونءِ به ڪانه ٿي سري. جنهن پئماني تي جيترو جلدي امدادي سرگرميون شروع ٿيڻ گهرجن ها سي هن مهل هيءَ سٽون لکڻ تائين شروع نه ٿي سگهيون آهن. سرڪاري عملدار ميٽنگون ڪرڻ ۾ مصروف آهن. سرڪار پاران مقرر ڪيل فوڪل پرسنز پنجابي جي ان چوڻي جو عملي نمونو بڻيل آهن “ساڊي اوڻيان جاوڻيان ويکو ڪم نون ڇڊو”
اهي ته ٿيون مينهن جون تباھڪاريون، منافع خورن جون بي حسيون ۽ سرڪار جون لاپرواهيون پر عام شهري طور مصيبت جي گھڙين ۾ اسان کي مايوس ٿيڻ بدران مضبوط ٿيڻو آهي. انساني تاريخ المين سان ڀري پئي آهي. 65 غ 71ع جي جنگين 72ع جي آيل ٻوڏ 2010 ۽ 11ع جي ٻوڏ ۽ دربدري 2020ع ۾ آيل ڪووڊ سڀئي ڏکيا ڏينهن وقت سان گذري ويا. اهڙن ڏکين وقتن کان پوءِ به انساني زندگي روان دوان آھي ۽ رهڻي آهي سو اسا نکي هيل مينهن سبب آيل مصيبت واري وقت ۾ به همت حوصلي سان رهڻو آهي. مايوس ٿي مرڻ کان مڙسيءَ سان منهن ڏيڻو پوندو. اوکو سوکو وقت اڳ ۾ به گذري ويو آهي ۽ هيءَ ڏکيا ڏينهن به گذري ويندا.
بس ضرورت ايثار، سچائي، همت ۽ حوصلي جي آهي.
هر امير غريب کي هڪٻئي جو ڀرجهلو بڻجڻو پوندو. ڀلي پنهنجو سڀ ڪجهھ قربان ڪري ٻئي کي نه ڏيو پر جيڪو سري سگهو، جيڪو آسانيءَ سان ڪري سگهو اهو ته ڪريو. وڌيڪ پري نه پر پاڙي ۾ ويجهي کان ويجهي گهر ۾ جيڪڏهن تڪليف آهي کين کائڻ لاءِ کاڌو ته ڏئي سگهجي ٿو. اٽو وغيره ته ڏئي سگهجي ٿو. پنهنجا ۽ ٻارڙن جا پراڻا ڪپڙا ته ڏئي سگهجن ٿا. بجليءَ جي تار ته ڏئي سگهجي ٿي. اهڙيءَ ريت ٻي مدد آسانيءَ سان ڪري سگهجي ٿي.
آفيمي قوم چيني دنيا جي امير ۽ مضبوط قوم ٿي سگهي ٿي. ٻيو ته ڪالهھ اسان بنگالين کي بکيا بنگالي چئي ٽوڪ ڪندا هئاسين ۽ ٽڪي جو ماڻهو چوندا هئاسين. تن وٽ به ٻارهو ئي مينهن وسندا رهندا آهن ۽ ٻوڏون اينديون رهيون آهن. اُهي بنگالي به هاڻي اسان جي ڀيٽ ۾ ڀڙ ٿي ويا آهن ته اسان سنڌي بحيثيت قوم هن مصيبت مان نٿا چڙهي سگهون ڇا؟
بلڪل اسين اڳتي وڌي سگهون ٿا. اسان کڻي جو هاڻي تازي مينهن سبب زرعي ۽ معاشي طور تباهه ٿي ويا آهيون پر جي اسان همت ڪريون ته وري پنهنجي پيرن تي بيهي سگهون ٿا. اسان زبردست معدني ذخيرن سان مالا مال آهيون. ٿر، اتر، ڪاڇو، کورک، ڪراچي، موهن جو دڙو، سياحت توڙي ڪاروباري حوالي سان وڏي اهميت رکن ٿا. حيدرآباد، سکر، خيرپور، گهوٽڪي، ڪشمور، روهڙي جنڪشن جاگرافيائي، معدني، وڻج واپار حوالي سان شاهوڪار آهن.
اسان کي رڳو انهن ڪاروباري، ثقافتي، سياحتي ۽ معدني وسيلن مان موقعا حاصل ڪري پاڻ کي مضبوط ڪرڻو آهي. نصابي تعليم سان گڏ هنري تعليم، ڪاروبار ۽ آءِ ٽي ۾ به ڀڙ ٿي مضبوط ٿياسين ته سياسي،سماجي ۽ معاشي طور به مضبوط ٿينداسين۔
ان لاءِ سماج ۾ جيڪي صاحب حيثيت آهن. تعليمي ۽ هنري طور هوشيار آهن. اهي پنهنجي ويجهڙ جي ٻين سنڌين جي هر ممڪن مدد ڪن ايثار جو جذبو پيدا ڪن ته ناممڪن کي به ممڪن ڪري وڃبو. جيڪڏهن هڪٻئي جا ڀرجهلا نه ٿياسين ته سنڌي قوم جي اسرڻ ۾ وڏو وقت لڳندو سو اهو نقصان سڀني جو اجتماعي نقصان هوندو۔
اسان کي ڌاري ۽ لاڏائو قومن جي ريس ٿيڻ گهرجي. افغاني توڙي پاڪستاني پٺاڻ جيڪي وانا وزيرستان ۽ افغانستان جا جابلو علائقا ڇڏي سنڌ ۾ بٺن، ڪاٺ، کاڻين، هوٽلن، ڪپڙي جي ڪاروبار مان ڪمائي لک پتي نه پر ڪروڙ ۽ ارب پتي بڻجي ويا آهن.
اردو ڳالهائيندڙ جيڪا 75 سال گذرڻ کان پوءِ به پاڻ کي مهاجر سڏائين ٿا. سنڌ ۾ سبزي منڊي کان وٺي،ڪپڙي، ڪريانه سميت تقريبن هر ڪاروبار ۾ گرفت ڪري ويا آهن. ڇا اسان سنڌي ڌارين جي ڀيٽ ۾ پنهنجي ڌرتي تي وري اسري نٿا سگهون!؟ بلڪل اسري سگهون ٿا پر ان لاءِ تعليم، سخت محنت، سچائي، هنر ۽ ڪاروبار طرف وک وڌائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اسين هن مصيبت جي وقت مان پار پئي مضبوط ٿي سگهون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button