سنڌ جي تاريخ سان جيڪا ويڌن ٿي آھي، اھا جيڪڏھن رڳو چچنامي جي روشنيءَ ۾ پڙھجي تھ خبر پئجي ويندي تھ ڪيئن سنڌ جي ثقافت، تاريخ ۽ تمدن کي مال ميڙڻ يا مال غنيمت سمجھي قتل ۽ غارت جو نشانو بڻايو ويو آھي. چچنامي ۾ ھڪ جاءِ تي جڏھن محمد بن قاسم ۽ عرب لشڪر اروڙ قلعي وٽ درياءَ جي ٻي ڀر بيٺو ھو تھ ان وقت بن قاسم مھاراجا ڏاھر کي خط لکي چيو تھ جيڪڏھن توھان پنھنجو مال ۽ پنھنجي ملڪيت اسان جي حوالي ڪري اسان جي اطاعت قبول ڪريو تھ اسان واپس وينداسين ۽ اوھان کي بادشاھي معاف آھي پر مھاراجا ڏاھر ايئن نھ ڪيو ۽ ڌرتيءَ لاءِ وڙھڻ پسند ڪيو.
چچنامي جي تاريخ جي اصليت يا تصديق تھ پنھنجي جاءِ تي تھ، ان کي تاريخ بھ مڃجي يا نھ پر عربن جي نئريٽو موجب بھ انھن کي مذھب کان وڌيڪ سنڌ جو مال ۽ سنڌ جي ملڪيت پياري ھئي. جيڪي حڪمران مال ۽ دولت ڏيئي عربن کي خوش ڪندا ھئا تھ اتي مذھب جي ڳالهھ نھ ٿيندي ھئي پر جيڪي حاڪم ۽ بادشاهه پنھنجي ڌرتيءَ کي غلاميءَ ۾ ڏيڻ پسند نھ ڪندا ھئا تھ اھي ڪافر ۽ مشرڪ سڏيا ويندا ھئا. اھي ظالم ۽ گنھگار ڪوٺيا ويندا ھئا. ڪجهه ڏينهن اڳ جيڪي ڪجهه حيدرآباد ۾ ٿيو آھي اھو سلسلو اڄ جو شروع ناھي ٿيو، تڏھن کان اھو رواج پئجي ويو آھي تھ غير مسلم ماڻھن جو مال ملڪيت حلال ۽ اھي پاڻ ڄڻ حرام ھجن. جيئن مذھبي جنونين جيڪي شايد پنجاب ۾ ٿيل گذريل واقعن کان متاثر ھئا ۽ مذھبي ھيرو ٿيڻ جي چڪر ۾ ھئا، انھن اھا ھڪڙي خطرناڪ راند رچي ۽ ان جا پيرا الائي ڪٿي ڪٿي ٿي ويا. جيڪڏھن سنڌ پوليس، رينجرس ۽ سنڌ جا باشعور ماڻھو سوشل ميڊيا ذريعي تحرڪ ۾ نھ اچن ھا تھ شايد خون جي وڏي ھولي کيڏي وڃي ھا ۽ مسجد منزل گاهه وارو واقعو شايد ورجائجي وڃي ھا. اھا ايڏي تھ خطرناڪ راند پئي نظر آئي جو پري کان رڳو ميڊيا تي تصويرون ۽ ويڊيو ڏسي عورتن ۽ ٻارن جون دليون دھلجي ٿي ويون تھ سنڌ ڌرتي جيڪا ھزارن سالن کان مذھبي رواداري ۽ برداشت واري سرزمين رھي آھي. جيڪا شاهه لطيف، سچل سرمست، سامي، شيخ اياز، جي ايم سيد، رسول بخش پليجو، محمد ابراھيم جويو، لڇمڻ ڪومل، گوبند مالھي ۽ استاد بخاريءَ جي سرزمين رھي آھي، اھا رت ۾ وھنجاري وڃي ھا. ان تي جيترو افسوس ڪجي اھو گھٽ آھي.
ٻئي پاسي سموري سنڌ ۽ بلوچستان جنھن نموني سان ھن سال قھري برساتن کي منھن ڏيئي رھيا آھن، اھا تاريخ ۾ وڏي نقصانڪار ثابت ٿي آھي. ھيل تائين جيڪي حال احوال پھتا آھن، انھن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو تھ جيڪا سنڌ غربت جي چڪي ۾ پيسجي رھي ھئي ۽ ان سنڌ جا غريب ماروئڙا پنھنجي پگھر ۽ محنت سان جيڪي ڪچا گھرڙا اڏيا ھئا، اھي پٽ پئجي ويا آھن. سموريون زمينون جن تي اڀرا سڀرا فصل ٿيا پئي اھي سمورا مينھن جي پاڻيءَ ۾ تر ٿي تباهه ٿي چڪا آھن. سموري سنڌ جو اھو حال آھي. قمبر ۾ سيم جو نالو ڦاٽي پيو ۽ ڪيترائي ڳوٺ لوڙھي ويو. ڪيترن ئي ھنڌن تان گھرن جون ڇتيون ڪرڻ سبب گھر ڀاتي ھيٺيان اچي دٻجي ويا آھن. ھوڏانھن نام نھاد اردو ميڊيا شھباز گل جي جنسي تشدد، عمران خان جي بيانن، شھباز شريف، راڻا ثناءُاللھ، نواز شريف ۽ ٻين ڪارندن جي بيانن سان سرخيون ھلائي ڄڻ اھڙو پيغام پيا ڏين، جھڙوڪ سنڌ جي برساتن ۾ تباھي ڪنھن ٻئي ملڪ جو قصو ھجي. پر جيڪڏھن واقعي ٻئي ملڪ جو قصو ھجي پوءِ اھا اردو ميڊيا زارو قطار ايئن رئندي آھي جو ڄڻ تھ سندن قضيو ٿيو ھجي. افغانستان ۾ ٿورڙي تباھي ايندي آھي تھ ھتان جھاز ڀرجي امداد موڪليو ويندو آھي، پر ھي غريب ۽ بي سھارا سنڌ آھي جتي مھينن کان برسات وسي رهي آهي پر ڪنھن جي مٿي تي جونءِ ڪانه ٿي سُري.
سنڌ سموري ٻڏي رھي آھي پر سنڌ حڪومت بھ رڳو ٻھ ڏينھن پھرين ڏيکاءُ خاطر نظر آئي آھي نھ تھ ھن سموري انفرااسٽرڪچر جي تباھيءَ جو سڌو سنئون ذميوار سنڌ حڪومت بھ آھي. جنھن گذريل 15 سالن وٺي حڪومت جو واڳون پاڻ وٽ سنڀاري رکيون آھن ۽ پنھنجي جيالن ۽ وڏيرن کي اربين کربين رپين جون ملڪيتون تھ ٺاھي ڏنيون آھن پر غريب ماڻھن کي اجھو، لٽو ۽ سُک واري ماني نھ ڏني آھي. سنڌ سموري ٻڏي وئي آھي پر گھوٽڪي ضلعو (جنھن سان ھي راقم واسطو رکي ٿو) ان جو حال انتھائي برو ٿو نظر اچي.
ڳوٺ وڪيل لنڊ جيڪو جروار ۽ يارولنڊ شھرن جي وچ ۾ آھي، جيڪو سردارن جي ڳوٺن کان ھڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آھي. ان ڳوٺ جا تقريبن 90 سيڪڙو گھر ڪِري پٽ ٿي چڪا آھن، انھن جون زمينون تھ پاڻي پاڻي ٿي ويون آھن پر انھن کي سڪل زمين تي پير رکڻ جي جڳھه بھ نٿي ملي پر ڪير واھر ڪرڻ وارو ئي نھ آھي. ڳوٺاڻا اھو قصو ٻڌائيندي روئي پوندا آھن تھ وٽن کائڻ لاءِ بھ ڪجهھ ناھي. ھڪٻئي کان مانيون اڌار وٺي پيا وقت گذارين، مال ۾ ٻڪريون ڍڳيون ويچاريون بھ مري ويون آھن، نڪو وٽن ڪو اسڪول آھي نڪا ڪا مضبوط عمارت جنھن ۾ مٿو لڪائين. اھي ڪنڊير شاخ جي ڪڙ تي ويھي ڏينھن گذارين ٿا ۽ رات جون رڳيون دعائون ٿا گھرن تھ خير سان صبح ٿئي. سرسو طرفان ٺهرائي ڏنل سرڪاري گھر تھ سڀ کان پھريان ڪري پيا آھن. ساڳئي ريت سومر موري جي ڳوٺ بخش علي لاشاريءَ جو سمورو علائقو مينھن جي پاڻي ھيٺ اچي ويو آھي. گھرن جون چوديواريون ڪري پيون آھن ۽ عورتون پڌر پٽ تي ويٺيون آھن. نھ وٽن چارو آھي نھ وٽن مال بچيو آھي، پر ڳالهھ اھا آھي تھ ماروئڙا ڪنھن در دانھڙي ڏين؟ ڳوٺ وارن جو چوڻ آھي تھ پھرين پاڻي زمينن ڏانھن ڪڍندا ھئاسين ھاڻي حالت اھا آھي تھ زمينن جو پاڻي گھرن ۾ ڪاھي پيو آھي. ٻئي پاسي منافعي خور دڪاندارن جو اھو حال آھي تھ 50 رپين جي پلاسٽڪ واري پني ھاڻي پنجن سون ۾ وڪرو پيا ڪن. ساڳئي صورتحال ڳوٺ نورمحمد جلباڻي يوسي دلمراد گبول جا بھ آھن جتي جون تصويرون ۽ صورتحال ڏسي دل دھلجي ويندي آھي. مٿي ذڪر ڪيل سمورن ڳوٺن ۾ رڳو ريسڪيو جو عملو پھچي ماڻھن کي ٽينٽ، رڌ پچاءُ جو سامان، سڪل ڪاٺيون ۽ اجھو ڏين تھ بھ ڪافي آھي. سماجي ورڪر علي نواز جلباڻي جروار جي آسپاس سمورن ڳوٺن جو احوال لکي سدائين باخبر رکندو آيو آھي پر ڪير بھ نوٽيس وٺڻ وارو نھ آھي. جروار شھر بھ مينھن جي پاڻي سان ٽمٽار لڳو پيو آھي، جتي جي ھندو ڪميونٽي پنھنجي مدد پاڻ تحت ويٺا مسئلا حل ڪن. جروار جي ويجھو ھڪ ڳوٺ جنھن کي پروفيسر شوڪت لوھار يونان سڏيندو آھي. اھو ڳوٺ ميرخان گبول جنھن جا سمورا ڪچا گھر تقريبن ڊھي چڪا آھن ۽ 90 سيڪڙو گھر رھڻ جي لائق نھ آھن، اھي سمورا ڳوٺ وڏيرن ۽ سردارن جي ڳوٺن ۽ گھرن جي سڏ پنڌ تي آھن پر اڌ صديءَ ۾ بھ انھن ڳوٺن جي انفرا اسٽرڪچر جو ڪو اونو نھ ڪيو ويو آھي، نڪي انھن رھواسين کي گھربل روزگار ڏنو ويو آھي جو اھي پنھنجي ڪٽنب کي ڏکئي وقت ۾ سنڀاري سگھن.
صحت جا مسئلا ھونئن ٻارھن ئي مھينا جاري رھندا آھن. ساڳئي نموني تعلقو ميرپور ماٿيلو، توڙي ڏھرڪي ۽ اوٻاوڙو تعلقا بھ ايئن نظر انداز ٿيل آھن جو انھن صنعتي زونن وارن علائقن ۾ بھ ماڻھو پٿر واري دور جي زندگي گذاري رھيا آھن. ٻن ڌرين يا سياسي گروپن جي سياست جا رخ سدائين ھڪٻئي کي ڪيرائڻ يا گھٽ ڪري ڏيکارڻ ڏانھن رھيا آھن. تنھنڪري ھڪڙي ڌر وٽ 15 سال ضلعي ناظمي جون واڳون رھيون آھن پر ضلعي ۾ انتظامي ڪم ايئن رليل رھيا آھن، ڄڻ انھن علائقن ۾ مفتوح قوم جا اڇوت ماڻھو رھندا ھجن. اھي ٻئي سياسي ڌريون يا گروپ رڳو گھوٽڪي ضلعي ۾ موجود 15 ملٽي نيشنل ڪمپنين کان پنھنجو ڀتو وٺڻ بدران عوامي ڪم لاءِ مجبور ڪن ھا تھ ضلعي جو عوام ھھڙي مصيبت ۾ ڳوڙھا نه ڳاڙي ھا.
ھڪ طرف ٻهراڙي سنڌ ۾ وڏيرن ڀينگ ڪئي آھي تھ ٻئي طرف شھري علائقن ۾ مذھبي انتھا پرستي ۽ ڌاري آبادڪاري ڪري سنڌين کي اڇوتن واري زندگي ڏانھن ڌڪي ڇڏيو آھي. سنڌ ھڪ منھين نھ ٻھ منھين نھ پر ڪيترن منھن واري بلا جي وات ۾ آھي ۽ سنڌي ماڻھو اھڙي ڪسمپرسي واري زندگي گذارين ٿا جو جروار ۾ گھر جي ڇت ڪِرڻ سبب عورت جي لاش کڻي وڃڻ لاءِ قبرستان ڏانھن رستو نھ ھو. اھو بھ مينھن جي پاڻيءَ مان جھاڳي وڃڻو پيو. سنڌ جيڪا شاھوڪار سرزمين رھي آھي جتي جي مال ۽ دولت عربن کي چپ چٽڻ تي مجبور ڪندي ھئي، اھا سنڌ ھنن حڪمرانن لٽي تباهه ڪئي آھي جنھن جو نھ ويڄ نھ طبيب. اڃا بھ برساتن جي اڳڪٿي ٿيل آھي خبر نٿي پوي تھ ھن تباھيءَ مان سنڌ ڪيئن سنئين ٿي اڀرندي؟ پر ھڪڙي ڳالھه سموري تاريخ مان واضح آھي تھ جيستائين سنڌ ۾ حق حڪمراني اصلي سنڌين کي نھ ملندي، ھتان جا ھندو، دراوڙ، ڀيل، ڪولھي، اوڏ، ميگھواڙ ۽ ھيٺئين طبقي جا مسلمان حق حاڪميت حاصل نھ ڪندا، تيستائين سنڌ پئي سزا لوڙيندي.