پوري ملڪ سميت سنڌ اندر وسندڙ مينهن جيڪا تباهي ڪئي آهي اها پيش ڪيل انگن اکرن جي ڀيٽ ۾ تمام گھڻي آهي. جيتوڻيڪ اسان ماڻهن کي انگن اکرن سميت هر معاملي ۾ ڳالهه وڌائي بيان ڪرڻ جي عادت آهي پر هن تباهيءَ جا سرڪاري توڙي غير سرڪاري انگ اکر بلڪل معمولي آهن. حقيقي تباهي ان کان هزار ڀيرا وڌيڪ آهي. جيتوڻيڪ پاڪستان ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽيءَ نالي اداري (جنهن جو ڪم ڪنهن اين جي او وانگر فقط انگ اکر جاري ڪرڻ ئي آهي) بيان جاري ڪيو آهي ته رڳو سنڌ ۾ 16 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن. 5 لک ماڻهو بي گهر بڻيا آهن. 14 لک ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿيو آهي. 386039 کان وڌيڪ گهر ڊهي پيا آهن ۽ 240 ماڻهو مارجي ويا آهن. پر هيءُ لاشن ڳڻڻ يا ڊٺل گهرن جو شمار ڪرڻ جي ڳالهه ڪانهي. هيءُ نوحو آهي ان انساني المئي جو جيڪو حڪومتي نااهلي سبب پيش آيو آهي جنهن کي هميشه جيان هن ڀيري به قدرتي آفت جي نالي ۾ لڪائي پيش ڪيو پيو وڃي. لاڙڪاڻي ضلعي جو رهواسي هئڻ جي ناتي ليکڪ پاڻ ڪيترن ئي واقعن جو اکين ڏٺو شاهد آهي. اتر سنڌ جي ڪنهن به شهر جي ڪنهن به مکيه رستي ڪناري ويهي ڏسو، لڳ ڀڳ هر پنجن منٽن کان پوءِ ڪو نه ڪو لڏو ساڄي يا کاٻي طرف ويندي ڏسندئو! ڪنهن به اسپتال يا ڪلينڪ توڙي ميڊيڪل اسٽور تي وڃي ڏسو، ماڻهن جا انبوهه نظر ايندا.
سنڌ اندر عام طور تي ايتري ڊگهي برسات نه پوندي آهي جنهن ڪري اسان وٽ نه ته جايون جڳهيون ان رٿابنديءَ تحت ٺهرايل آهن جو ايڏي ڊگهي برسات جي سٽ سهي سگهن ۽ نه وري احتياطي اپاءُ ورتا ويا. عوامي سطح تي ان جو سڀ کان وڏو سبب غربت، جهالت ۽ بيوسي آهي جڏهن ته حڪومتي سطح تي هميشه جيان مجرماڻي لاپرواهي ۽ ڪرپشن. سنڌ حڪومت ڪنهن به ريت ڪنهن آمريڪي رياست جي حڪومت جهڙي ڪانهي نه وري اها لندن ۽ سنگاپور جي مڪاني حڪومتن جي جوڙ جي آهي جتي مينهن ڀل جيترو به وسي، زندگيءَ جي وهنوار کي روڪيندو ڪونهي. پر سنڌ حڪومت کي چار مهينا اڳ ۾ موسميات کاتي ۽ دنيا جي باخبر ادارن پاران خبردار ڪيو ويو هو ته تاريخ جو ڊگهو ۽ بدترين مينهن اوهان جو اڻ گهريو مهمان بڻجڻ وارو آهي. ان هوندي به سنڌ حڪومت ڪکُ ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو. ڪنهن به قسم جا احتياطي اپاءَ نه ورتا ويا حالانڪه عوام غريب ۽ بيوس آهي پر حڪومت وٽ ته وري به وسيلا موجود آهن، ان پنهنجي ذميواري ڇو نه نڀائي؟ اهو هڪ اهم سوال آهي. ايتري تائين جو مينهن جو پاڻي ڪهڙي پاسي ۽ ڪيئن نيڪال ڪرڻو آهي اهو فيصلو به عوام تي ڇڏيو ويو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڳوٺن جا ڳوٺ ٻڏي ويا آهن. ماڻهو هڪ ٻئي خلاف بندوقون تاڻيون بيٺا آهن ته هتان ڪٽ ڏئي پاڻي ايڏانهن وهائينداسين، چئي خبردار! هن پاسي پاڻي وهائڻ نه ڏينداسين.
جيتري قدر قدرتي آفت جو تعلق آهي ته دنيا جا ڪجهه ملڪ سامونڊي طوفانن، خطرناڪ زلزلن ۽ وڏي باهه لڳڻ توڙي مينهن جي تباهيءَ کي لڳاتار منهن ڏيندا پيا اچن. پر انهن فطرت جي اڳيان ائين ڪڏهن به هٿيار ڦٽا نه ڪيا آهن. مينهن انهن جون جايون ڪيرائي وجهڻ ته پري رهيو انهن جو رنگ به نه ڦٽائي سگهندو آهي. ڇاڪاڻ ته انهن ۽ اسان ۾ فرق اهو آهي ته اهي ايماندار ۽ اسان بي ايمان آهيون. اهي آسودا آهن اسان غريب آهيون. اهي پڙهيل ڳڙهيل ۽ اسان اڻ پڙهيل آهيون. اهي سائنسي علمن کان آگاهه ۽ اڻ ڄاڻ آهيون. اهي فطرت جي قانونن ۽ اصولن کي سمجهي ان کي پنهنجي حق ۾ موڙڻ جو هنر ڄاڻن ٿا جڏهن ته اسان فطرت کي روح ۽ ارادي جي مالڪ هستي سمجهي ان جي اڳيان روئندا مِسڪندا رهون ٿا. هالينڊ دنيا جو اهڙو ملڪ آهي جتي سال جا 145 ڏينهن مينهن وسندو رهندو هئو. نيٺ اتان جي سائنسدانن ان جو حل ڪڍي ورتو. اتي گوگل وِنڊ نالي 1170 وڏيون هوائي ڦرڻيون لڳايون ويون آهن جيڪي ڪڪرن کي ڌِڪي اتي وڃي وسڻ تي مجبور ڪنديون آهن جتي هالينڊ جي ماڻهن کي ضرورت هوندي آهي. پر جيڪڏهن اهو ساڳيو مسئلو هالينڊ جي سائنسدانن بدران اتان جي پادرين هٿان حل ڪرائجي ها ته اهي بائيبل مقدس کڻي روڊن ۽ گھٽين ۾ هُو ها ڪرڻ جي صلاح ڏين ها. چرچ ۾ اچي اجتماعي دعا ۾ شامل ٿيڻ جو سبق ڏين ها يا وري گناهن کي ڇڏڻ بنا توبهه نماز پڙهائين ها. اسان کي لڳي ٿو ته اسان جي بُرن عملن سبب فطرت اسان کان ناراض آهي ۽ اها پنهنجي ناراضگيءَ جو اظهار اسان کي بڇڙو ڪري ڪري رهي آهي. عجيب ڳالهه اها آهي ته هڪڙي پاسي اسان جو پختو ايمان آهي ته آفتون انسان جي برن عملن جي شامت هونديون آهن ته ٻئي پاسي وري بُرا عمل جاري رکڻ لاءِ به سدائين سندرو ٻڌي بيٺا هوندا آهيون. مينهن وسڻ کان اڳ جيڪي پٽاٽا ويهه روپيا ڪلو هئا سي مينهن وسڻ کان پوءِ هڪ سئو ويهه روپيا ڪلو وڪامڻ لڳا، انهن جو معيار ڪِري پيو سو الڳ. پلاسٽڪ جي جيڪا ڪلي مينهن وسڻ کان اڳ ٽيهه روپيا في ميٽر هئي سا مينهن وسڻ کان پوءِ 300 روپيا في ميٽر تائين وڃي پهتي سو ته الڳ پر اها بلڪل اڻ لڀ ٿي وئي. مڃون ٿا ته مارڪيٽ ۾ طلب ۽ رسد جو قانون پنهنجي ڪرامت ڏيکاريندو آهي پر هتي ته ڪارل مارڪس واري ڳالهه درست پئي لڳي ته جيڪڏهن توهان مونکي ڦاهي ڏيڻ جي طاقت رکو ٿا ته پوءِ هڪڙي مهرباني ڪريو. ڦاهي ڏيڻ لاءِ جيڪو رسو گھربل آهي اهو منهنجي دوڪان تان خريد ڪريو. يعني مرندي مرندي به سرمائيدار جي سوچ نفعو ڪمائڻ واري هوندي آهي. ڪنهن جي خدمت ڪرڻ يا ڏکيءَ ويل ڪم اچڻ وارا نسخا وڃي ڪنهن ٻئي تي آزمايو. سرمائيدار ۽ واپاري توڙي پونجي وادي ماڻهن لاءِ هر قسم جي هنگامي صورتحال اصل ۾ گھڻي کان گھڻو مال ميڙڻ جو موقعو هوندي آهي. ڀل اهو ڪورونا جي وبا هجي يا ٻوڏ ۽ مينهن جي مصيبت.
گذريل ڪجهه عرصي دوران تباهيءَ جا منظر هر طرف نظر پئي آيا پر حڪومت ڪٿي به نظر نه ٿي آئي. هر مهيني ڪروڙين روپين جي بجيٽ رکندڙ ٽائون ڪميٽين وٽ هڪڙو جنريٽر به ڪونه هئو جنهن سان مينهن جو پاڻي شهر منجهان نيڪال ڪري سگهجي. مڪاني حڪومت ۽ پبلڪ هيلٿ ڊپارٽمينٽ جيان ئي بجليءَ جو نظام به مڪمل طور تي ناڪاره ثابت ٿيو. حالانڪه سڌريل دنيا جيان اسان وٽ به شهرن اندر بجليءَ جو نيٽ ورڪ جيڪڏهن انڊر گرائونڊ هجي ته ماڻهن کي گيس وانگر ئي بجلي به هر حال ۾ ملندي رهي. پر جيئن ته هتي حڪمرانن جي نيت عوام کي خوار خراب ڪرڻ جي آهي، ان کي سهولتون ڏيڻ جي هرگز نه، ان ڪري اهڙي ڪا به صلاح يا خواهش ديواني جو خواب ئي هجي ٿي. سم نالن جي کاٽي ٿيل ڪانهي. انهن جا ڪپر مضبوط ڪونهن. انهن تي قبضا آهن. ان ڪري مينهن جو پاڻي نيڪال ڪري سگهڻ جي صلاحيت کان محروم آهن. شهرن اندر ناليون ۽ نالا روڊن رستن کان مٿي ٺهيل آهن ۽ انهن جي صفائيءَ جو ڪو ڪارگر نظام موجود ڪونهي ان ڪري اهي به مينهن وسڻ کان پوءِ مينهن جو پاڻي نيڪال ڪرڻ ته ٺهيو ابتو مينهن جي پاڻيءَ ۾ گٽر وارو پاڻي گڏائي ڇڏين ٿا.
حڪومت سڳوريءَ سموري دنيا جي حڪومتن ۽ نجي ادارن توڙي شخصيتن کان هاڻوڪي مينهن جي تباهڪارين سان منهن ڏيڻ لاءِ امداد جي گُهر ته ڪئي آهي پر اهو شڪ نه پڪ آهي ته اها امداد مستحقن تائين پهچڻ نه ڏني ويندي. هميشه جيان هن ڀيري ۽ هن معاملي ۾ به ڪرپشن جو ريڪارڊ ٽوڙيو ويندو. وقت ڪڍي وڃڻ وارو اهو ئي پراڻو آزمايل نسخو آزمايو ويندو. يعني جيئن جيئن وقت گذرندو ويندو، ماڻهن کان مينهن ۽ ان جي تباهي توڙي امداد جون ڳالهيون وسرنديون وينديون ۽ اهي ٻيهر پراڻن پيچرن تي هلڻ شروع ڪندا. سمورو ڏوهه فطرت يا پنهنجي بدڪرداريءَ تي ڏئي اڳتي وڌڻ واري پاليسيءَ تي عملدرآمد ڪندا.
هاڻوڪي تباهيءَ به سڀ کان وڌيڪ غريب ۽ بي پهچ ماڻهوءَ کي ئي سڀ کان وڌيڪ ايذايو آهي. اهو سماجي حصو جيڪو پنهنجي مالي ۽ سماجي حيثيت سبب گناهه ڪرڻ جي لائق به نه هوندو آهي. ڏهاڙيءَ تي ڪم ڪندڙ مزدور ۽ هاري سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي. فصل جي تباهي هجي، گهرن جو مسمار ٿيڻ توڙي بيروزگاريءَ جو اهنج، اهو حصو سڀ کان وڌيڪ ۽ خراب نموني متاثر ٿيو آهي. ائين سمجهو اهي ماڻهو ويهارو سال پوئتي هليا ويا آهن. اهڙن ماڻهن وٽ نه اضافي رقم ۽ بچت موجود هوندي آهي نه انهن کي ڪٿان اوڌر ملڻ جو آسرو هوندو آهي نه انهن جا گهر اهڙا مضبوط اڏيل هوندا آهن جو آفتن سان منهن ڏئي سگهن ۽ نه وري سندن مٽ مائٽ ۽ يار دوست ايترا سگهارا هوندا آهن جو سندن مدد ڪري سگهن.
هن وقت حڪومت ۾ ڪو آسرو اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گھرڻ برابر آهي. پر اهو سمجهڻ ته پيپلز پارٽيءَ بدران جي ڊي اي يا ڪنهن ٻئي جي حڪومت هجي ها ته اسان کي اهڙا ڏينهن نه ڏسڻا پون ها، به غلط آهي. حڪمران طبقي جون جيتريون به سياسي پارٽيون آهن سي سڀ ساڳي ئي عوام دشمن ايجنڊا تي عمل پيرا آهن. بهرحال، حڪومت جو فرض آهي ته عوام جي دردن جو درمان بڻجي. ان ڪري عوام دوست سياست سان سلهاڙجي حڪومتن تي دٻاءُ وجهڻو پوندو ته اهي عوام جي خير خواهي ڪن. ساڳي وقت سنڌ اندر ايڌي فائونڊيشن ۽ ايس آئي يو ٽي جهڙا وڌيڪ ادارا قائم ڪري پنهنجي مدد پاڻ وارو جذبو پڻ منظم ڪرڻو پوندو ته جيئن ڪنهن به قسم جي اڻ وڻندڙ صورتحال يا هنگامي حالتن کي منظم ۽ ادارا جاتي طريقي سان وڏي پيماني تي منهن ڏئي سگهجي.