ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

برسات متاثرن جي بحاليءَ ۾ دير نه ڪريو

Editorial

سنڌ هن وقت پاڻيءَ ۾ ٻڏل خطو آهي، جتي ڪروڙين ماڻهو هن وقت کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن. جن جا اجها ڊهي پيا آهن. روزگار هليو ويو آهي، ان کان سواءِ فصل پڻ ٻڏي ويا آهن. تنهنڪري هيءَ وڏي انساني تباهي آهي. جڏهن اهڙيون آفتون اچن ٿيون ته انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل ڪوششون ورتون وينديون آهن ته جيئن صورتحال کي بهتر نموني منهن ڏئي سگهجي ۽ انساني زندگيءَ جي بحالي پڻ ٿي سگهي. موسمياتي تبديليءَ جي وفاقي وزير شيري رحمان جو چُوڻ آهي ته هاڻوڪين مون سون برساتن دوران ٿيندڙ تباهه ڪارين ۽ ٻوڏ سبب 913 ماڻهو مري ويا آهن. جڏهن ته ٽي ڪروڙ شهري بي گهر ٿي ويا آهن. هن گڏيل قومن کي مدد جي اپيل ڪري ڇڏي آهي.
سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ تمام گهڻيون برساتون وسيون آهن پر سنڌ انهن برساتن سبب گهڻي متاثر ٿي آهي. هاڻوڪين برساتن سبب جيڪا تباهي ٿي آهي، انهن جا انگ اکر ڇرڪائيندڙ آهن سندس چوڻ هو ته هاڻوڪڻين برساتن ۽ ٻوڏ سبب علائقن ۾ موجود پاڻي 2010ع ۾ ايندڙ تباهه ڪارين واري ٻوڏ کان وڌيڪ آهي. ان ڪري صورتحال گهڻي خراب ٿي وئي آهي. شيري رحمان اهو پڻ چيو ته هاڻوڪي مون سون جهڙو سسٽم به اسان اڳ ڪڏهن ڪونه ڏٺو. جو اسين اٺين اسپيل مان گذري رهيا آهيون. جڏهن ته ان سسٽم تحت سنڌ بلوچستان ۾ گهڻيون برساتون ٿي رهيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته برساتن سبب 23 ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آهي. قومي هنگامي صوتحال جو اعلان ڪيو ويو آهي. سنڏ جا 30 ضعلا مڪمل طور تي ٻڏي ويا آه. صورتحال سنگين ٿي وئي آهي. ان ڪري پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري يورپ جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي ۽ وزيراعظم شهباز شريف به پنهنجو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. ان ڳالهه کان ڪو انڪار ناهي ته سنڌ ۾ واقعي به هڪ انساني الميي جو جنم ٿيو آهي. هاڻوڪين برساتن سبب جيڪو نقصان ٿيو آهي، اهو ان کان اڳ ۾ ڪڏهن به ناهي ٿيو پر اهڙي حالت ۾ ڪنهن به ريت ماڻهن کي اڪيلو يا سندن آسري تي ڇڏي نٿو سگهجي. ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ هڪ پاسي ته شهر متاثر ٿيا آهن پر ٻئي پاسي سڀ کان وڌيڪ ٻهڙاريون پڻ متاثر ٿيون آهن. جنهن ڪري نه رڳو عام ماڻهو جي حالت گهڻي خراب ٿي آهي پر ان لاءِ اڳيان هلي به وڌيڪ مسئلا پيدا ٿي سگهن. جيڪڏهن حڪومت اهو فيصلو ڪيو آهي ته اها گڏيل قومن کي اپيل ڪندي ته ان ۾ دير نه ڪرڻ گهرجي. هيءَ وقت رڳو بيان بازي ڪرڻ جو ناهي پر عملي طور ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جو آهي. ڇاڪاڻ ته برسات متاثرن جي بحاليءَ ۾جيتري دير ٿيندي اوترو ئي نقصان وڌيڪ ٿيندو. ڇو ته اهي ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ نه آهن پر اهي روڊن ۽ ميدانن تي ويٺا آهن، جتي انهن کي کاڌ خوراڪ جي ضرورت آهي، جتي انهن کي ڪپڙي لٽي جي ضرورت آهي، جتي انهن کي زندگيءَ جي هر ضرورت جي شيءِ جي ضرورت آهي. پر اهو تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن ملڪي سطح تي انهن جي مدد ڪرڻ لاءِ حڪومت اڳيان اچي. هيءَ معاملو رڳو فوٽو سيشن جو ناهي پر هيءَ معاملو عوام سان گڏ بيهڻ جو آهي. حڪومت کي پهريون ڪم ته انهن علائقن کي پاڻيءَ کان خالي ڪرائڻ جو ڪرڻ گهرجي، جيڪي برسات سبب ٻڏا پيا آهن ۽ ماڻهو اتي چرپر به نٿا ڪري سگهن. تنهنڪري رڳو ڀت جي ٿيلهي ڏئي ماڻهن تي ٿورو نه ڪيو وڃي پر حقيقي طور انهن جي واهر ڪئي وڃي.
دنيا ۾ جڏهن به آفتون اينديون آهن ته ڪئين ادارا سرگرم ٿي ويندا آهن. تنهنڪري انهن ادارن تائين ترت رسائيءَ جي ضرورت آهي. ماڻهن جي بحاليءَ جو ڪم بنهه گهڻو اهم آهي، ان کي ترت اڪلايو وڃي. حڪومت هر ممڪن مدد ڪرڻ لاءِ سرڪاري سطح جا سڀئي وسيلا ڪتب آڻي ته جيئن سنڌ توڙي ٻين علائقن جا برسات متاثرن جي زندگي بحال ٿي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button