ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌي سوسائٽي جي تباهه حالي

Editorial

سنڌي سوسائٽيءَ جيڪا سو سيڪڙو سنڌين جي آباديءَ واري پراڻي سوسائٽي آھي، تنھن جو حشر ڪيترن ورھين کان لاڳيتو خراب ٿيندو رھيو آھي پر ھاڻي ته پنھنجن عھديدارن ڪارڻ، تباھيءَ جي منزل تي پھچي چڪي آھي. ووٽن ذريعي خانگي سوسائٽيءَ جي چونڊيل ھاڻوڪن عھديدارن اھو تاثر پيدا ڪري ڇڏيو آھي ته کين سوسائٽيءَ کي سڌارڻ جو ٽڪو به احساس ڪونھي. نه رڳو ايترو پر ھاڻوڪي چونڊيل نمائندن ان جو حشر اڳ وارن نمائندن جي ڀيٽ ۾ اچرج جهڙو يعني وڌيڪ بڇڙو ڪري ڇڏيو آھي. بھرحال، اڳ وارن پراڻن چونڊيل ميمبرن کي ڀلائيءَ جو ٿورو ڪي گهڻو احساس ته ھوندو ھو. انھن کي ڀلائيءَ واريون رٿون پھريان زباني طور ڏنيون، اهي سدائين عمل ڪرڻ لاءِ ھا ڪندا ھئا پر عمل گهٽ ئي ڪندا ھئا. پوءِ، عمل گهٽ ٿيڻ ڪارڻ لکت ۾ سڌاري لاءِ کوڙ درخواستون به ڏنيون ھئم ته اھي زباني طور ھا ڪري قبول ڪندا ھئا ۽ پوءِ بس! مطلب ته اسان جي ماڻھن ۾، عام ڀلائيءَ جو بلڪل ئي گهٽ احساس آھي.
سوسائٽيءَ جا ھاڻوڪا عھديدار ته وري سوسائٽيءَ کي سڌارڻ واريون رٿون ٻڌڻ لاءِ به تيار ئي ڪونھن، عمل ته ٿيو پري جي ڳالهھ. بھرحال، سنڌي سوسائٽيءَ جو ھلندڙ سال جي شروع کان ايڏو ته برو حشر ٿي ويو آھي جو اڳ ڪڏھن به ڪونه ٿيو ھو. سو رب سڳوري کان اھڙي دکدائڪ رويي خلاف پناھه جي دعا ئي گهري سگهجي ٿي.
سنڌي سوسائٽيءَ جو اصل نالو سنڌي جماعت ڪوآپريٽو ھائوسنگ سوسائٽي لميٽيڊ آھي جيڪا ڪراچيءَ جي جوڳي موڙ بس اسٽاپ جي سامھون، مين نيشنل ھاءِ وي روڊ، ضلعي ملير، ڪراچي شھر اندر آھي. انھيءَ سوسائٽيءَ جو باني واحد بخش ميمڻ مرحوم مون کي ٻڌائيندو ھو ته اصل ۾ سنڌي سوسائٽي، شھيد ذوالفقار علي ڀٽي منظور ڪئي ھئي.
سوسائٽيءَ جي ڀلائيءَ لاءِ، ھن مون کان انگريزي اخبار ڊان ۾ پنھنجي نالي سان ڪجهہ خط لکرايا ھئا. بھرحال، سندس فوت ٿيڻ کانپوءِ صورتحال وڌيڪ خراب ٿيل آھي. مون نوٽ ڪيو آھي ته ڪراچيءَ جي مختلف ھائوسنگ سوسائٽين ۾ اتان جي واسين ۾ کڻي ڪيترا به پاڻ ۾ اختلاف ڇو نه ھجن پر اھي پنھنجن سوسائٽين جي گڏيل ڀلائيءَ لاءِ گڏجي جدوجھد ڪندا آھن ڇاڪاڻ ته کين سوسائٽيءَ جي گڏيل ڀلائيءَ جي مکيه ڳڻتي ھوندي آھي. اھو مقصد حاصل ڪرڻ کانپوءِ وري پاڻ ۾ذاتي اختلاف به جاري رکندا آھن پر اسان وٽ سنڌي جماعت ھائوسنگ سوسائٽيءَ ۾ الڳ دکدائڪ داستان آھي. سوسائٽيءَ ۾ ڪيترا ٻين کي تڪليف ڏيڻ لاءِ سڄي سوسائٽيءَ کي تباهه ڪندي به دير ڪونه ڪندا آھن يعني ذاتي دشمني خاطر سوسائٽيءَ کي نقصان رسائڻ جي عملي طرح ڪوشش ڪندا رھندا آھن. مثال: سوسائٽيءَ اندر مين روڊ تي ھڪ مکيه گهر جي ٻنھي پاسن کان ٺھيل روڊ جي ھنن مرمت ڪانه ڪئي جڏھن ته سوا سال تائين جدوجھد جاري رھي پر پوِءِ به انھن گهر اڳيان اڌورو روڊ ٺاھيو.
سوسائٽيءَ ۾، آمريڪا وڏي خرچ سان سنڌ سرڪار جي حوالي سان اسڪول جي وڏي ۽ عاليشان عمارت ٺاھي ڇڏي آھي. جڏھن آمريڪا جو قانصل جنرل، سوسائٽي اندر افتتاح ڪرڻ آيو ھو ته ان وقت به مين روڊ ٽٽل ھو پر ھاڻي ته سڀني روڊن جو حشر وڌيڪ بڇڙو ٿي ويو آھي. سوسائٽي اندر قبرستان آھي جيڪو مين روڊ تي آھي پر ان جو در، ٿوري مفاصلي تي گهٽيءَ ۾ آھي ۽ اھو ٿورو مفاصلي واري رستو سدائين ڊٿل ۽ برباد ھوندو آھي پر انھيءَ ننڍڙي روڊ تان قبرستان ۾ دعائن لاءِ ويندڙ ماڻھن جو لنگهڻ ڏکيو ھوندو آھي. ڇاڪاڻ ته سوسائٽيءَ جا عھديدار ان جي سڌارڻ ۾ ٽڪو ئي دلچسپي نٿا رکن. اھو خراب حشر، ھاڻوڪي مينھن واري موسم کان اڳ جو آھي پر ھاڻوڪي مينھن ته نه رڳو ان کي پر سڄي سوسائٽيءَ جي روڊن کي گهڻو تباهه ڪري ڇڏيو آھي جو عام روڊن تان لنگهڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آھي. انھيءَ جي تڪليف مون کي به پھچندي آھي ڇاڪاڻ ته منھنجو معصوم پوٽي، ڄمار 786 ڏينھن، ستن سالن کان دفن آھي ۽ منھنجي گھر واري به ھڪ سال کان گڏ دفن آھي. مان ستن سالن کان روزانو حاضري ڀرڻ قبرستان ۾ ويندو آھيان پر ھڪ سال کن کان روڊ تان لنگھڻ وڏو آزار بڻيل آھي ۽ سوسائٽيءَ جا عهديدار روڊ مرمت ڪرائڻ لاءِ تيار نه آهن. اھو ٻڌائڻ مناسب آھي ته قبرستان ۾ رڳو منھنجي پوٽيءَ جو نالو سنڌيءَ ۾ لکيل آھي ۽ ٻين سڀني جا اردوءَ ۾ لکيل آھن.
سوسائٽيءَ اندر زيادتيءَ جو ڪاٿو انھيءَ مان لڳائي سگهجي ٿو، اسان وٽ سوسائٽيءَ جو اھم شخص جيڪو مختلف دور دوران سوسائٽيءَ جو سربراهه يا عھديدار رھيو ۽ سندس سوسائٽيءَ جي ڀلائيءَ لاءِ سندس ڪارڪردگي بھتر رھي آھي. ھاڻوڪي سوسائٽيءَ جي عھديدارن جي چونڊ دوران سندن سپورٽ ته ڪئي ھئي پر پاڻ عھديدار ڪونه آھي. ٻه ڏينھن اڳ، مون کي سوسائٽيءَ ۾ مليو. مون کيس ٻڌايو ته سوسائٽيءَ جا سڀ روڊ ڏسو جيڪي ڪيتري وقت کان تباهه ٿيل آھي يعني مينھن کان به اڳ، پر ھاڻي ته وڌيڪ برباد آھن. جڏھن ته سوسائٽيءَ جي عھديدارن ظاھري طور انھيءَ کي سڌارڻ لاءِ ڪيتري وقت کان ڪابه خاص ڪوشش ئي نه ڪئي آھي. مون کيس ٻڌايو ته آمريڪي قانصل جنرل پنھنجي سرڪار جي وڏي خرچ سان ٺاھيل اسڪول جي عاليشان بلڊنگ جو افتتاح ڪيو ۽ منھنجو ڪالم “آمريڪي پروگرام ھيٺ سنڌي اسڪول جو افتتاح” روزاني سنڌ ايڪسپريس (19 نومبر2021) ۾ڇپيو ھو. منھنجو ٻيو ڪالم”سنڌي سوسائٽيءَ جو عاليشان ثقافتي پروگرام” به سنڌ ايڪسپريس ۾7 جنوري 2022ع تي ڇپيو ھو. روزاني سنڌ ايڪسپريس ڪيترن سال کان روزانو سوسائٽيءَ آفيس ۾ عام ماڻھن جي پڙھائڻ لاءِ ٻين اخبارن سان گڏ خريد ڪئي ويندي ھئي. جيئن ته سوسائٽيءَ ۾ مختلف اخبارون پڙھڻ لاءِ سڀ ميمبر روزانو نٿا اچن سگهن سو ذاتي خرچ تي سنڌ ايڪسپريس جي آمريڪي قانصل جنرل جي افتتاح واري ڪالم جون اٽڪل 500 ڪاپيون پنھنجي ذاتي خرچ تي خريد ڪري سوسائٽيءَ جي کوڙ ميمبرن کي ڏنم ته جيئن سنڌي سوسائٽيءَ ۾ آمريڪي تعليمي اداري بابت سڀ پڙھن ۽ فائدو حاصل ڪن. کيس ٻڌايم ته سوسائٽيءَ جي اداري جي جنرل سيڪريٽري موٽ ۾ اھو “تحفو” ڏنو ته ڪيترن سالن کان پڙھائيءَ لاءِ ايندڙ سنڌ ايڪسپريس جي واکاڻ ڪرڻ بدران ان کي مڪمل بند ڪري ڇڏيو. مون کي ڏاڍو افسوس ٿيو ته سوسائٽيءَ جي ڀلائيءَ لاءِ ڪيل ڪوششن جي واکاڻ ڪرڻ بدران، جنرل سيڪريٽري قادر بخش ميمڻ، سنڌي سوسائٽيءَ جي فائدي ۾ مختلف مضمون شايع ڪندڙ پراڻي اخبار بند ڪري ڇڏي جنھن جي روزاني قيمت رڳو 20 رپيا آھي مطلب ته ڪا گهڻي مھانگي ناھي. جڏھن ته مون سان جنرل سيڪريٽريءَ جي ڪابه ذاتي ناراضگي ڪانه ھئي. پوءِ مون ڪجهھ دوست عھديدارن کي ٻڌايو ته مون سنڌ ايڪسپريس ۾ سنڌي سوسائٽي جي ڀلائيءَ لاِءِ کوڙ آرٽيڪل لکيا آھن. سڀني دوستن وعدو ڪيو ته ايندڙ پھرين تاريخ سنڌ ايڪسپريس، سوسائٽيءَ جي آفيس لاءِ وري شروع ڪنداسون جو جنرل سيڪريٽريءَ اھڙو وعدو ڪيو آھي. بھرحال، ڪيترا مھينا گذري ويا آھن پر جنرل سيڪريٽري بنا اطلاع جي، اخبار جاري ناھي ڪئي. اھي ڳالھيون ٻڌي منھنجي دوست ۽ پراڻي عھديدار مون کي وراڻيو ته منھنجو سوسائٽي عھديدارن سان ھاڻي واسطو بلڪل ناھي. عھديدارن سان واسطو نه ھئڻ جو ٻڌي مون کي ڏک ٿيو ته سوسائٽيءَ جي عھديدارن کي احساس ڏيارڻ لاءِ مٿن دٻاءُ وجهجي ھا ته بھتر ھو.
منھنجي نيڪ نيتيءَ سان راءِ آھي ته اسان اهي خاميون نوٽ ڪري عوامي ڀلائيءَ لاءِ ڳنڀيرتا سان ڪوششون ڪري اڳتي وڌي سگھون ته بھتر. سو سيڪڙو سنڌي آباديءَ واري سوسائٽيءَ ۾، نجي دوڪانن جا بورڊ سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل بلڪل ڪونهن. انهيءَ سلسلي ۾ مون به گھڻيون ڪوششون ڪيون ۽ سوسائٽيءَ کي چئي وڏا بينر لکرايا ته سنڌي ٻوليءَ کي اهميت ڏيو ۽ سوسائٽيءَ اندر دوڪانن جا بورڊ سنڌيءَ ۾ به لکو ته بهتر پر افسوس 3 يا 4 ورهين جي لاڳيتي ڪوششن باوجود هيلتائين ٿورو به سڌارو ڪونه آيو آهي.
انھيءَ کان سواءِ سوسائٽيءَ جي سامھون مين نيشنل ھاءِ وي پل نه ھئڻ ڪري ڪيترا ماڻھو مري ويا آھن ۽ کوڙ ڦٽجي ويا آھن. اھو دکدائڪ قصو گهڻي وقت کان جاري آھي مان اٽڪل ڏھن سالن کان کوڙ انگريزي ۽ ٻين اخبارن ۾ خط ۽ ڪالم لکيا آھن پر وعدن باوجود ڪو پل نٿو ٺاھي. جنوريءَ ۾ سوسائٽيءَ جي فنڪشن ۾ سنڌ جو سوشل ويلفيئر جو وزير محمد ساجد جوکيو آيو ھو، ھن پل ٺھرائڻ لاءِ جدوجھد جو وعدو ڪيو پر ھيلتائين نيتجو ٻڙي آھي.
اسان جي سنڌي سوسائٽيءَ جي سڀني عھديدارن کان سواءِ سنڌ سرڪار جي سربراھن کي نيڪ نيتيءِ سان عرض آھي ته ھو سوسائٽيءَ کي تباھيءَ کان بچائڻ لاءِ باقاعدي جدوجھد ڪن نه ته سنڌي قوم کين معاف ڪانه ڪندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button