سيٺ نائون مل هوتچند سنڌ جي تاريخ جو هڪ مشهور ۽ تڪراري ڪردار رهيو آهي. پر سنڌ جي ماڻهن ۾ سندس مشهوري جو ڪارڻ سندس ميرن خلاف انگريزن کي سنڌ فتح ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ هو جنهن جي ڪري گھڻن پاران کيس غدار به سمجھيو وڃي ٿو. پر ساڳي وقت گھڻا ماڻهو کيس محب وطن، وطن جي آزادي لا جدوجهد ڪندڙ، لوڪ ڪهاڻين جو هيرو ۽ هڪ عالم ڪري به ليکين ٿا جنهن پنهنجي ڪاروبار جي واڌ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏ علمي ميدان ۾ به ڪم ڪيو. سندس ڪتاب يادگيريون جو سندس پوٽي رائي بهادر الومل ٽريڪمداس ڀوڄواني هندوستان جي تاريخ جي هڪ وسريل باب جي نالي سان انگريزي ۾ ترجمو ڪيو جيڪو 1917 ۾ شائع ٿيو. ساز اگر وال پنهنجي ڪتاب Sindhi Tapestry- An Anthology of Reflections on Sindhi Identity ۾ نائون مل جو هڪ ٻيو پاسو سامهون آندو آهي. اها ڪٿا سيٺ نائون مل جي رامائن جي سنسڪرت مان گورمکي ۾ ڪيل ترجمي جي هٿ سان لکيل مسودي جي آهي جنهن ۾ 1820 عيسوي کان 1860 عيسوي يعني چاليهه سالن جو عرصو لڳو هو. اهو مسودو هن وقت نائون مل جي خاندان جي هڪ فرد سباش ڪندن مل وٽ آهي جيڪو آمريڪا ۾ رهي ٿو. هو اها سڄي ڪٿا ٻڌائي ٿو.
نائون مل جي پي سيٺ هوتچند پنهنجي پٽ کان پڇيو ته هاڻي جڏهين هو بلوغت جي عمر جي ويجھو آهي ته ان جو پنهنجي زندگي گذارڻ متعلق ڇا ارادو آهي. سيٺ هوتچند مٿس واضح ڪيو ته هڪ سٺي خاندان سان واسطو هئڻ جي ڪري تو مان هڪ سٺي گھر هلائيندڙ، سٺي مڙس، پي، ڀا، دوست،ِ پاڙيسري، ذميوار واپاري ۽ پنهنجي برادري لا هڪ مفيد فرد هئڻ جي توقع ڪري سگھجي ٿي. کانئس حقيقي ۽ اصل سوال اهو ڪيو ويو ته تون پنهنجي روحاني زندگي جي ترقي لا ڇا ٿو سوچين؟ ڪهڙو ڪم يا ڪهڙا ڪم تون انجام ڏيندين جنهن سان انسان ذات کي فائدو پهچي ۽ گڏوگڏ ان سان تنهنجي روح جو سفر به اڳتي وڌي ۽ ان کي وڌيڪ تقويت ملي؟ ان تي نائون مل پنهنجي پي کي چيو ته کيس ان تي سوچڻ لا ڪجھه وقت گھرجي. ڪجھه وقت کانپو نائون مل پنهنجي پي کي چيو ته هن ان سلسلي ۾ سوچيو آهي ته هو رامائن جو سنسڪرت مان گورمکي ۾ ترجمو ڪندو. ان وقت گورمکي اتر هندوستان ۾ پنجابين، سنڌين ۽ گرو نانڪ جي وڌنڌڙ پوئلڳن ۾ تيزي سان مقبول ٿي رهي هئي. سيٺ هوتچند اهو ٻڌي پريشان ٿي ويو ۽ پنهنجي پٽ کي چيو ته هو ان معاملي تي سنجيدگي سان ويچار ڪري. ڇاڪاڻ ته اهو ڪم ايترو سولو ناهي. ان سلسلي ۾ کيس سنسڪرت ۽ گورمکي ۾ مهارت حاصل ڪرڻي پوندي ۽ ساڳي وقت کيس رامائن جي پيچيده اصطلاحن ۽ تشبيهن وغيره جي سمجھه ۽ رامائن جي لڪل جوهر جي ڄاڻ حاصل ڪرڻي پوندي. اهو اهڙو ڪم آهي جنهن جڳن کان عالمن، اڪابرن ۽ پوئلڳن کي مصروف رکيو ۽ گھڻن ان ڪوشش ۾ دنيا ئي تياڳي ڇڏي. هن کيس وينتي ڪئي ۽ کيس هوشيار ڪيو ته هو جيڪڏهين ان ڪم ۾ ناڪام ويو ته کيس روحاني طور وڏو هاڃو رسندو. ان تي نائون مل کيس مطمئن ڪندي جواب ڏنو ته ان جي ڪري سندس ٻيا ڪم متاثر نه ٿيندا ۽ هو پنهنجا دنيا داري جا ڪم گھر جون ۽ واپار وغيره جون ذميواريون ساڳي ريت پوريون ڪندو ۽ پنهنجي ان ڪم سان به وفادار رهندو.
اهو واضح ناهي ته هن ڪڏهين اهو ڪم شروع ڪيو پر هن ان کي 1820 کان 1860 عيسوي تائين پنهنجي سڄي روزاني جي ڪم جو هڪ حصو ٺاهي ڇڏيو. اها سنڌ ۾ بجلي اچڻ کان گھڻو اڳ جي ڳالهه آهي. ان ڪري هو ميڻ بتي يا لالٽين جي روشني ۾ وڏي محنت سان مس ڪپڙي مان قلم ٻوڙي اهو ڪم ڪندو هو.
پنج سو صفحن تي ٻڌل هٿ سان لکيل اها دستاويز، جنهن جا اکر هاڻي وقت سان گڏ ڪجھه ڌنڌلا ٿي ويا آهن، نهايت مهارت ۽ صاف سٿري نموني سان پني جي ٻنهي پاسن کان هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين لکيل آهي. سامهون ۽ پٺيون پاسو ڪارڊ پورڊ سان سوٽي ڪپڙي ۾ جلد ٿيل آهي. جڏهين ان کي بند ڪجي ته اهو پنج انچ ٿلهو، ڏهه انچ ويڪرو، چوڏنهن انچ ڊگھو ۽ وزن ۾ ڏهه کن پائونڊ آهي. جيڪڏهين ان کي کوليو وڃي ته اهو پوتر گرو گرنٿ صاحب جيان لڳندو ۽ ڊيگهھ ۾ اٺاويهه انچ ٿيندو.
ان دستاويز کي 1947 ۾ ورهاڱي جي وڳوڙن دوران ڪراچي کان منتقل ڪيو ويو. پهرين ان کي جبل پور ۾ رکيو ويو جتان ان کي ليکڪ جي مامي نارو ڪي ڀوجواڻي جي گھر دهلي موڪليو ويو. نيٺ ان کي بمبئي موڪليو ويو جتي اهو پنجويهه سال رهيو. اتان ان کي لندن، پو نيويارڪ ۽ بالٽي مور موڪليو ويو ۽ هن وقت اهو ليکڪ وٽ آمريڪا ۾ آهي. نائون مل جو خاندان هر ڏياري تي ان کي ان ڏڻ جو حصو ٺاهي پنهنجي آڏو رکندا هئا. ان جي ڪور تي سيندور جا نشان آهن جيڪي نائون مل جو اولاد سالن تائين ان تي هڻندو آيو هو. ان کي محفوظ رکڻ لا خاندان جون عورتن وقت بوقت ان کي سوٽي ۽ ريشمي جلدن ۾ محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون رهيون آهن.
پنهنجن پوئينرن کي نصيحت ڪندي نائون مل لکي ٿو ته جڏهين آئون پندرنهن سالن جو هوس ته مون سنسڪرت، گورمکي ۽ گجراتي پڙهڻ سکيون. ان وقت کان وٺي مون مذهب ۽ حڪومت جي اصولن متعلق لاتعداد ڪتاب پڙهيا آهن ۽ اهو منهنجو پختو عقيدو آهي ته انسان پنهنجي وقت ۾ اهو ڪجھه حاصل ڪري وٺي ٿو جيڪو خدا ان جي مقدر ۾ لکيو آهي.
تاريخ ۾ اهڙا گھڻا ڪردار ملندا جن جو تاريخدانن پنهنجي مرضي موجب رڳو هڪ چڱو يا خراب پاسو ماڻهن آڏو پيش ڪيو آهي ۽ پو گھڻا رڳو ان تي ڳنڍ ٻڌي ويهي رهندا آهن. ساڳي ريت سيٺ نائون مل جو به رڳو هڪ پاسو پيش ڪيو ويو آهي جيڪو پاڻ بحث طلب آهي. ٻين موضوعن ۽ مضمونن جيان تاريخ به لاڳيتي تحقيق ۽ کوجنا جي گھر ڪري ٿي ۽ اها ڳالهه سنڌ جي تاريخ سان پڻ لاڳو ٿئي ٿي.