انھيءَ ڳالهھ ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته ھيل مينھوڳيءَ واري مند ۾ سمورن ايشيائي ملڪن ۾ وڏ ڦڙن وسڪارن تباھيءَ جي انتها ڪري ڇڏي آهي. چائنا، انڊيا، بنگلاديش ۽ ٻيا ڪيترائي ملڪ اسان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ برباد ٿيا آهن. پر پاڪستان ۾ به ھر ھنڌ جون مھيني کان شروع ٿيل برساتن بي مثال جاني ۽ مالي نقصان رسايو آهي.
سڀ کان گھڻو نقصان جابلو ۽ برفاني علائقن ۾ ٿيو آهي جن ۾ پاڪستان جا اتريان ڪوھستاني ماڻهو متاثر ٿيا آهن. جولائي جي شروعات وارين برساتن ڏکڻ بلوچستان جي سڀ کان وڏي تجارتي ضلعي ۽ شھر لسٻيلي کي ٻوڙي ڇڏيو هو ۽ تازين برساتن اتر بلوچستان جي گادي واري شهر ڪوئيٽا جي چؤڌاري رستن شاھراھن، باراني ٻنين ۽ مواصلاتي نظام کي تباهھ ڪري سڄي ملڪ کان ڪاٽي ڌار ڪيو آهي. ساڳي ريت خيبرپختونخواهه جي سياحتي مرڪزن ۽ لکين پٺاڻن جي معاشي جياپي وارن سوات، ڪالام، ٽانڪ، مٽا، ڪاغان، بونير ۽ خاص ڪري انھيءَ صوبي جي ڪوھستاني ماڻهن کي برباد ڪري ڇڏيو آهي. اترين علائقن واري جابلو علائقي جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي ڪوھستان يعني جھمپير، جنگشاهي، لوڻي ڪوٽ، ٿاڻو بولا خان، نوري آباد، گڏاپ، ڌاٻيجي، ٿاڻو احمد خان، واھي پانڌي، جوھي ۽ کيرٿر جبل جي آسپاس وارن ٻين علائقن کي گھٽ نقصان پهتو آهي. بلڪ حقيقت ھيءَ آهي ته سنڌ جي ڪوھستاني ماڻهن کي ٿرپارڪر جي گھڻن ئي علائقن جيان ھاڻوڪن وڏ ڦڙن وسڪارن جي ڪري ٿوري ڏکيائي پيش ٿي آهي پر اتان سالن کان ھلندڙ ڏکوئيندڙ ۽ اذيتناڪ ڏڪار واريون حالتون ھاڻي ٽن چئن سالن لاءِ ختم ٿي ويون. انھيءَ کي لطيف سائينءَ چيو ھو “ٻڏيءَ جا ٻيڻا”.
ٿر جي تمام گهڻن شهرن ۽ ٻھراڙين ۾ ھاڻوڪن وسڪارن ماڻهن کي جيئاري ڇڏيو آهي. خاص ڪري ننگر پارڪر ۾ ته ماڻهن کان وٺي مورن، ھرڻين ۽ پکين جي جياپي جو اھڙو زبردست قدرتي انتظام ٿي ويو آهي جنهن جو مثال سالن ۾ به نه ٿو ملي. ڪارونجهر جبل تان وھندڙ سارڌڙو ندي ۽ ڀٽياڻي نديءَ پاڻيءَ جي ذخيرن لاءِ اڏيل ڊيمن کي ڪنان تار ڀري سک ۽ سڪار جو سنيھو ڏيئي ڇڏيو آهي.
ٿرپارڪر جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي ٻين گھڻن ضلعن ۾ تمام گهڻي برسات جي ڪري ٻوڏ واري صورتحال نه رڳو سوين ماڻهو ۽ سندن ٻچڙا ماريا، لکين گھر ڊاھي آف ڪروڙ سنڌ واسين کي بي گهر ۽ دربدر ڪري ڇڏيو آهي پر سمورن فصلن کي کربن جو ڇيھو رسائي، سنڌ جي زرعي معيشت کي مڪمل طور تي برباد ڪيو آهي. انھيءَ نقصان جي مقابلي ۾ خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ ته لکين گھر لڙھي ويا ۽ ھزارين ماڻھو مري ويا آهن. پر اتي سنڌ ۽ پنجاب جيان زراعت کي ڪاپاري ڌڪ نه رسيو آهي. جيتوڻيڪ موسميات کاتي جي عالمي ادارن ھڪ مھينو اڳواٽ ئي بنگلاديش، چائنا ۽ ھندستان ۾ ٿيل تباهيءَ ڏانهن ڌيان ڇڪائيندي پاڪستان جي اختيار ڌڻين کي چتاءُ ڏيئي ڇڏيو هو ته ايندڙ مون سون وارو سسٽم ھنن ملڪن جي گھڻن علائقن کي ٻوڙي نيٺ پاڪستان ڏانهن رخ ڪندو پر اسان جي حڪمرانن کي ٻين ڪمن کان واندڪائي ملي ۽ سندن نيت سچي ھجي ته اُھي پنھنجي وطن جي ڪروڙين ماڻهن خاص ڪري پورھيتن ۽ ھارين نارين کي بچائڻ لاءِ رٿابندي ڪن ھا. ٻين صوبن بدران آئون ھتي سنڌ جي حاڪمن جي دائمي لاپرواهيءَ جو ذڪر ڪندس جن کي سواءِ پنهنجن ذاتي ۽ گروھي مفادن جي ٻين ڪروڙين ماڻهن جي حياتي ۽ موت سان ڪوبه واسطو نه آهي. سنڌ جي وڏي وزير جي غير سنجيدگيءَ جو اندازو سندس ورتاءُ مان لڳائي سگھجي ٿو. مراد علي شاهه اول ته پھريان 15 ڏينهن ڪراچيءَ مان ٻاهر نڪري باقي ھنڌن تي ٿيندڙ تباهيءَ تي ڌيان ڌرڻ لاءِ تيار ئي نه ھو. جڏهن برساتن ٻوڏ جي شڪل اختيار ڪئي تڏهن ھو ھڪ ٻن شھرن ۾ ويو پر متاثر ٿيل وطن واسين سان ملڻ بجاءِ ڪامورن سان گڏجاڻيون ڪري پنهنجي دستور موجب ڪم ٽپائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. ھو ٿورو گهڻو سنجيده تڏهن ٿيو جڏهن ٻوڏ جو خطرو دبئي ۾ رهندڙ سنڌ جي حڪمرانن جون لکين ايڪڙ زمينون ٻڏڻ لڳيون. سنڌ جي ماڻهن سان ايڏي وڏي قدرتي آفت جي موقعي تي سڀ کان وڏو مذاق اھو ڪيو ويو جو فلڊ رليف فنڊ جو ڪرتا ڌرتا ڪنھن سٺي ساک واري معتبر شخصيت کي بنائڻ بدران حد کان وڌيڪ تڪراري صوبائي وزير کي انھيءَ اداري جو سربراهه مقرر ڪيو ويو جنهن تي اڳ ۾ ئي نيب پاران ڪيس داخل ڪيل آهن. سڀ کان وڏي ڳالهه ته بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي صوبائي حڪومتن ھفتو ڏيڍ اڳ فوج کي گھرائي وڌ کان وڌ انسانن کي ريسڪيو آپريشن وسيلي بچائڻ لاءِ تياري ڪري ورتي جڏهن ته سنڌ سرڪار ڪالهھ جمعي ڏينهن فوج کان مدد وٺڻ جو ان وقت فيصلو ڪيو آهي جڏهن تمام گهڻو نقصان ٿي چڪو آهي. ايڏي غفلت ۽ لاپرواهي نه ڪجي ھا ته شايد وڏي نقصان کان لکين ماڻهن جو بچاءُ ممڪن ٿي سگهي ھا. سنڌ ۾ فصلن، رستن، گھرن تڙن جي نقصان جو ڪاٿو خود سرڪار پاران کربين روپيا لڳايو ويو آهي جڏهن ته وزير اعظم شھباز شريف سکر ۾ فقط 15 ارب رپيا وفاقي سرڪار طرفان ڏيڻ جو اعلان ڪيو جيڪا انگريزي محاوري Peanuts جيتري مالي مدد چئبي. وڏي اهميت وارا تڪرار ھاڻي حڪمرانن جون ٻنيون بچائڻ وارن غلط فيصلن پيدا ڪري ڇڏيا آهن جن مان سنڌ سرڪار جي عوام دشمنيءَ جو چٽو عڪس نظر اچي ٿو. ٽنڊو ڄام ۽ ميرپورخاص ۾ ڪن ارب پتي وزيرن ۽ پيپلز پارٽيءَ جي اسيمبلي ميمبرن جا تازا خريد ڪيل انبن ۽ ڪيلن جا باغ ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ برسات جو پاڻي ننڍن ننڍن آبادگارن ۽ ھارين جي ٻنين ۾ زوريءَ ڇوڙ ڪرائي کين برباد ڪيو پيو وڃي. ھنن غريبن جي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل دانھن کي آبپاشي کاتي جا لاڳاپيل ڪامورا ٻڌڻ ڏسڻ لاءِ تيار نه آهن. ساڳي ريت بدين ضلعي جي سامونڊي ڪناري ڪڍڻ شهر لڳ ايل بي او ڊي جو تباھي پکيڙيندڙ سم نالو 2010-11 واري مھاٻوڏ ۾ ھنيل ھٿراڌو ڪٽ ذريعي ٽوڙي ميرپورخاص ۾ حڪمران ميرن جون زمينون بچايون ويون تيئن ھڪ دفعو ٻيھر ميرپورخاص ۽ بدين ضلعن جي پڇڙيءَ وارن شھرن جھڙوڪ پنگريو، جھڏو، ملڪاڻي شريف، شادي لارج، ڪلوئي، ڪڍڻ ۽ اتان جي ھزارين ڳوٺن کي دوزخ جي منهن ۾ ڌوڪيو پيو وڃي جنهن ڪري ٿر جي پ پ اڳواڻ ارباب لطف الله ۽ مير منور ٽالپر وچ ۾ سخت اختلاف سوشل ميڊيا تي عام ٿي ويا آهن. جيڪڏهن لکين ايڪڙن جا مالڪ زميندار پنهنجن ئي غريب ووٽرن جون سورھن سورھن ايڪڙ زمينون ٻوڙڻ بدران پاڻ نقصان برداشت ڪن ته ڪيڏي نه شاندار روايت قائم ٿي وڃي پر ھتان جي وڏن ماڻهن ۾ قرباني ۽ سھپ وارو جذبو ناپيد ٿي چڪو آهي. حڪمران طبقو ھر صورت ۾ پنهنجن مفادن تي ڪمپرومائيز ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي بيشڪ ھزارين ماڻھن جا فصل، ڳوٺ ۽ گھر ڊھي پون.
ان کان پوءِ سوشل ميڊيا تي ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ لڙھندڙ انساني لاشا ۽ سندن گھر تڙ ۽ فصلن جي تباهيءَ جون ويڊيو فوٽيجز حد کان وڌيڪ ٿي ويون تڏهن وڃي وڏي وزير امدادي ڪاررواين لاءِ رقم ڏيڻ ۽ واسطيدار عملدارن کي هدايتون جاري ڪيون.
انھيءَ زورآوريءَ جي نتيجي ۾ بدين ۽ ميرپورخاص ضلعن جي اڳ ۾ تباهھ ٿيل مسڪين ڳوٺاڻن ۾ حڪمرانن خلاف مزاحمت جو جيڪو حوصلو ۽ ويڙهاند وارو جذبو جاڳيو آهي ان جي عڪاسي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويل ھڪ بھادر سنڌياڻي مائي رابعه ڪلوئي جي اھا تصوير آهي جنهن ۾ هوءَ پنهنجن ڀائرن سان گڏ بندوق کڻي بيٺل آهي. ھن عزم ڪيو آهي ته سندس ڳوٺ راڄ ڀاڳ جي ٻنين ڏانهن ميري اک سان نهاريندڙ طاقتور ڌرين سان مقابلو ڪرڻ جي اھڙي ساڳي جرئت رکي ٿي جيڪا نوابشاهھ ضلعي ۾ مائي نازو ڌاريجو پنهنجي ٻنين کي ٻوڏ جي پاڻيءَ کان بچائڻ لاءِ ڪجھه سال اڳ ڏيکاري ھئي.