چوڏهين ڪهاڻي “سونهن سمبارا” وفا اسلم شيخ جي آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ پنڊتن ۽ ملن پاران دين جي نالي تي ۽ ديوتائن ۽ خدائن جي نالي تي عام ۽ ڪمزور انسانن جي حقن ۽ عزتن جي لتاڙ ڪرڻ واري تلخ حقيقيت جي عڪاسي ٿيل آهي. تاريخي پسمنظر ۾ لکيل هيءَ ڪهاڻي اڄ جي دور جي به ساڳي نموني عڪاسي ڪري ٿي.
پندرهين ڪهاڻي طارق خشڪ جي “موئن جو دڙو” آهي. هيءَ هڪ گهڻ موضوعاتي ڪهاڻي آهي. ڪهاڻيءَ ۾ تاريخي آثارن جي لتاڙ ۽ بي قدرائپ جو الميو، پوليس ۽ وڏيرن جون زيادتيون ۽ غريبن جي ڪا مدد نه هئڻ جي عڪاسي ٿيل آهي. پيغام اهو به ملي ٿو ته انسان مٽيءَ مان ٺهيل آهي ۽ سنڌين جي مٽيءَ ۾ به ساڳيو موئن جي دڙي جو خمير مليل آهي. جنهن کي هر ڏاڍو لتاڙيندو رهي ٿو پر تنهن هوندي به مظلوم صبر ۽ امن جو دامن نه ٿا ڇڏين.
سورهين ڪهاڻي يار محمد خشڪ جي “مان موهن جو دڙو آهيان” آهي. ڪهاڻيءَ ۾ ورهاڱي جا وڍ به ملن ٿا ته مذهبي متڀيد جو اولڙو به. ڌرتي ڌڻين جو پنهنجي ئي ديس ۾ غير بڻجي وڃڻ جو الميو به چٽيل آهي. ان سان گڏ مهذب سنڌ جي غيرمهذب ماڻهن جي به عڪاسي اچي وڃي ٿي.
ارڙهين ڪهاڻي ڪليم ٻٽ جي “ڌرتيءَ جو درد” آهي. ڪليم ٻٽ پنهنجي ڪهاڻين ۽ ناولن ۾ سائنس فڪشن، جديديت ۽ جديديت پڄاڻان جا تجربا ڪندڙ دلير ليکڪ آهي. دلير ان حساب سان ته ڀلي پڙهندڙ کيس مڃتا ڏين يا نه، ڀلي سنڌ اندر ان قسم جو ماحول جڙيو هجي يا نه پر هو پنهنجي خيالن کي جديد عالمي ادب سان ڳنڍي رکڻ واري واٽ تي هلي رهيو آهي. سندس هيءَ ڪهاڻيءَ به تاريخ ۽ سائنس فڪشن کي گڏ کڻي هلي ٿي. هتي دلچسپ علامتون به ملن ٿيون. جينءَ عوام کي ديوتائن کان ڊيڄاري حڪومت ڪرڻ وارو قديم طريقو اڄ جي دور واري مذهبي ڪارڊ تي به لاڳو ٿئي ٿو. آرين پاران شِو جي ديويءَ کي اغوا ڪري سندن ڌرم قبولڻ جو اقرار ڪرائڻ به جديد دور ۾ هندو نارين جي جبري مذهب مٽائڻ جي علامت طور کڻي سگهجي ٿو. ڪهاڻي ڏاڍو تيز هلي ٿي. سنڌين کي هڪ طرف انتهائي ڏاهو به ڏيکاريو ويو آهي ته ٻئي طرف آرين هٿان بيوقوف بڻجي جلد استعمال به ٿي وڃن ٿا. اهو تضاد ڪهاڻيءَ ۾ جهول پيدا ڪري وجهي ٿو. ڪهاڻيءَ ۾ سنڌ جو ثمير سان واپار تاريخي حقيقت کي ظاهر ڪري ٿو. جڏهن ته موهن جو دڙو تي آرين جو حملي واري ڳالھه مان هن عظيم شهر تي حملو ڪندڙن جي لالچي نظر ۽ انهن هٿان شهر جو اوج ختم ٿيڻ ڏانهن اشارو آهي.
ايڪيهين ڪهاڻي هوش محمد ڀٽيءَ جي “مهينءَ تي ماڻهو” آهي. ڪهاڻيءَ ۾ هن ڦٽل ماڳ جو نالو “مهين” ۽ قديم وسندڙ شهر جو نالو “موهن جو شهر” ڏنو ويو آهي. ڪهاڻيءَ جو پيغام هيڏي عظيم ماڳ جو قدر نه ڪرڻ، درست نموني حفاظت نه ڪرڻ، آثارن مان مليل شين جو قدر نه ڪرڻ وغير جو الميو بيان ڪيل آهي. ان سان گڏ قديم تاريخي ثقافت جا وارث هئڻ واري خالي نعريبازي ۽ عمل نه هئڻ تي به افسوس ڪيو ويو آهي.
ان کانسواءِ ڪتاب ۾ شامل ٻيون ڪهاڻيون به ڏاڍيون سگهاريون آهن. ڪهاڻين جو هي مجموعو هن تاريخي ماڳ تي ڪم ڪندڙن ۽ ان بابت معلومات سهيڙيندڙن کي نوان خيال ۽ سوچون ڏيڻ جي ڀرپور سگهھ رکي ٿو. ڪهاڻين ۾ موئن جي دڙو مان لڌل نچندڙ ڇوڪريءَ واري مورتي جنهن کي سمبارا جو نالو ڏنل آهي، ان جي سونهن تي وڏو ڌيان ڏنو ويو آهي. سمبارا کي ڀورو رنگ، سنهي چيلھه، ناچ جي راڻي وغيره طور پيش ڪيو ويو آهي. هاڻي جيڪڏهن هزارين سال اڳ واري ان دور جو جائزو وٺجي ته تنهن دور ۾ ڪارو رنگ ۽ مضبوط ڳورو ٿلهو جسم سونهن جي علامت هوندا هئا. ان لاءِ هي ذڪر به مناسب ٿيندو ته ڪرشن لفظ جي معنيٰ به ڪارو آهي. ڀڳوان ڪرشن جون شروعاتي مورتيون به ڪاري رنگ جون هونديون هيون. پر گذريل هڪ ٻن صدين کان وٺي اسان وٽ جڏهن ڀورو رنگ سونهن جي علامت بڻيو ته ڀڳوان ڪرشن جي مورتين جو رنگ به چمڪندڙ اڇو بڻجي ويو. مضبوط جسم کي سونهن جي علامت سمجهڻ جو وڏو مثال ايران جي قاچاري شهزاديءَ جو آهي جنهن پاران شاديءَ جي انڪار سبب چوڏهن کان سورهن شهزادن خودڪشي ڪري ڇڏي هئي. نيٽ تي ان شهزاديءَ جي تصوير ڏسي اڄ جي سونهن وارن پيمانن جي تڪ تور جي حساب سان خودڪشي ڪندڙ شهزادن تي افسوس ڪيو ويندو آهي. ڪتاب ۾ موجود ڪهاڻين ۾ به ان دور بدران هن دور جي ڀوري ۽ اڇي رنگ ۽ سنهي نازڪ جسم کي سونهن کي قديم دور تي لاڳو ڪري بيان ڪيو ويو آهي. پر هي افسانوي دنيا آهي جنهن ۾ اهو ئي پيش ڪبو جيڪو پڙهندڙ کي متاثر ڪري. هن دور جو پڙهندڙ ڪاري ۽ ٿلهي ڇوڪريءَ کي سونهن سوڀيا جي علامت هرگز نه ڪري وٺندو. ان ڪري ليکڪ کي ان جي دور موجب افسانوي دنيا ۾ سونهن ۽ ڪشش جا رنگ ڀرڻ واري اجازت مليل آهي.
هيستائين ڪتاب جي ايڪيھه ڪهاڻين منجهان يارهن ڪهاڻين جو مٿاڇرو جائزو اچي ويو آهي. جڏهن ته باقي ڏھن ڪهاڻين ۾ آغا سليم جي “روشنيءَ جو سفر”، مرحوم رسول ميمڻ جي “مورتي”، زيب سنڌيءَ جي “ڊانسگ گرل”، ايوب عمراڻيءَ جي “موهن جو دڙو” عباس سارنگ جي “پکي اڏاڻا پيار جا”، مٺل چانڊيو جي “موهن جي دڙي جي ناچڻي”، طارق خشڪ جي “موئن جو دڙو” ستار هليو جي “سنڌو نگر”، عيسيٰ ميمڻ جي “نڪ ڀڳل مورتي” ۽ مصور حسين جي “سارا رستا رت سان ريٽا” اچي وڃن ٿيون.
ڪردارن جا نالا:
ڪهاڻين ۾ شامل ڪردارن جا نالا گهڻي ڀاڱي موجوده دور جي هندو نالن سان ملندڙ آهن. انهن ۾ ٻڌ مت جي نالن جو گهٽ اثر ملي ٿو. جڏهن ته مهاڀارت واري دور ۾ سنڌو ديش جي ڏنل نالن جيان به ڪي نالا نه ٿا ملن. مهاڀارت ۾ سنڌ کي سنڌو ديش سڏيل آهي ۽ ان رياست جو بنياد “ورسا درباهه” پاران وڌل ٻڌايو ويو آهي. ورسا درباهه پنهنجي رياست جو نالو پنهنجي نالي پويان “ورسا درباهه پور” رکيو جيڪو بعد ۾ تبديل ٿي سنڌو ديش بڻيو.
راجه دسرٿ جي زال راڻي ڪيڪيه سنڌ جي هئي ۽ راڻي ڪيڪيه/ڪيڪئي جو پٽ “ڀرت” سنڌو ديش ۾ کوڙ وقت رهيو. مها ڀارت ۾ هڪ سنڌي راجا “جئه ڌرت” جو نالو به ملي ٿو. مها ڀارت وقت سنڌ جي شهر “راوڙڪا” جو ذڪر ملي ٿو. ان بابت خيال اهو آهي ته اهو شهر اروڙ/الور هو يا وري هيٺئين/لاڙ سنڌ جو شهر “روڙڪا” ٿي سگهي ٿو، جتي راجا ڏاهر عربن کان جنگ هارائي هئي. پر ٻي ڳالھه اها آهي ته مها ڀارت ۾ اهڙو ڪو شهر نه ٿو ملي جنهن کي موئن/موهن/مهين جو دڙو ڪري وٺجي. اتان اهو اندازو به لڳي سگهي ٿو ته يا ته ان وقت هي شهر ايترو اهم ۽ وڏو نه هو يا وڏو هيو به ته هيءَ مڪمل غيرجانبدار رهيو ۽ جنگ ۾ حصو نه ورتائين.
هتي هڪ ٻي ڳالھه به اهم آهي ته جيڪڏهن آرين اچي سنڌ ۽ هند ۾ طبقاتي نظام ۽ سماجي اونچ نيچ وارا نظريا ڏنا ته مهاڀارت ۾ به هندو ڌرم وارا اها اونچ نيچ وارا نظام ملن ٿا. ان مان اهو سمجهبو ته آرين جا حملا مهاڀارت کان به گهڻو اڳ ٿيل آهن. يا وري اهو سمجهبو ته آريا اصل ۾ آيا ئي ڪو نه هئا ۽ هيءَ سموري طبقاتي اونچ نيچ جي راند هتان جي برهمڻن ۽ پنڊتن کيڏي هئي.
واپس نالن واري ذڪر تي اچون ٿا ته ڪهاڻين ۾ ڏنل نالا قديمي هئڻ گهرجن. جيڪڏهن راجا چچ واري دور جي هندو ۽ ٻڌ مت وارن نالن جهڙا نالا هجن ته به قديمي احساس ملندو. پر هتي مڪمل جديد نالا به اچي وڃن ٿا، جيئن هڪ ڪهاڻيءَ ۾ عيدن نالو اچي ٿو. عيدن تي ڌيان ڏيون ته اهو لفظ عيد مان نڪتل ملندو. ان حساب سان اهو اسلامي اثر ڏيکاريندڙ نالو پنج هزار سال قديم دور جو رهاڪو ڪري بيان ڪرڻ کوڙ اڻ ٺهڪندڙ محسوس ٿئي ٿو. ٻئي پاسي اسٽوپا جو ذڪر ته لڳ ڀڳ هر ڪهاڻيءَ ۾ ملي ٿو پر اسٽوپا سان لاڳاپيل گوتم ٻڌ جي ڌرم وارا يا ٻڌمت کي گهڻو پکيڙيندڙ چندر گپت ۽ اشوڪ جي نالن سان ملندڙ نالا صفا گهٽ يا نه هئڻ برابر ملن ٿا. جڏهن ته ٻڌ ڌرم جي رهواسين ۽ ٻڌ ڌرم جي رسمن بابت به ڪنهن ڪهاڻيءَ ۾ ذڪر نه آيو آهي. هڪ ڳالھه اها به ذهن ۾ رکجي ته گوتم ٻڌ جي خاڪ جي اٺن صندوقن منجهان هڪ بند صندوق سنڌ ڏانهن به موڪلي وئي هئي. ان مقدس صندوق مٿان هڪ اسٽوپا جوڙايو ويو هو. اهو اسٽوپا ڪهڙو آهي ان تي تحقيق جي ضرورت آهي.
هيءَ ڳٽڪو جهانگير عباسي جي انتهائي تعريف جوڳي ڪاوش آهي. هر ڪهاڻيءَ کان اڳ ليکڪ جو تعارف وارو ننڍو مضمون سندس محنت ۽ لڳاءَ جي واضح نشاني آهي. ان حساب سان سندن ڪم فقط مرتب وارو نه پر تخليقي طور پڻ شمار ٿيندو.
(پورو ٿيو)