ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ٻوڏ ۽ مائنس عمران خان

Editorial-Article- Akhtar Hafeez

پاڪستان ۾ سياسي پارٽين جي عروج ۽ زوال جو سلسلو اڃا تائين بيٺو ناهي. هڪ سياسي پارٽيءَ جو جنم ڪن خاص مقصدن لاءِ ٿيندو آهي، پارٽي ڪنهن نظريي آڌار ڪم ڪندي آهي ۽ اها ان نظريي جو پرچار ڪندي عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي. ڪن پارٽين جو خيال هوندو آهي ته عوامي مسئلا پارلياماني سياست وسيلي حل ٿي سگهن ٿا. جڏهن ته ڪن پارٽين جو خيال هوندو آهي ته عوام سان گڏجي پارلياماني سياست کي پاسيرو رکي مسئلن جا حل ڳوليا وڃن. پر انهن ٻنهي صورتن ۾ جيڪا هڪجهڙائي هوندي آهي سا نظريي يا سياسي لائين جي هوندي آهي.

پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ “ڪمپني بهادر” پنهنجي مرضيءَ سان رات پيٽ ۾ هتان هتان سياسي پارٽين جا ماڻهو ٽوڙي هڪ نئين پارٽي جوڙي وٺندي آهي، جيڪا گهڻو ڪري مسلم ليگ جي شاخ ئي سمجهي ويندي آهي. پر جيئن ته انهن سياسي پارٽين جا بنياد ڪمزور هوندا آهن، تنهنڪري اهڙيون پارٽيون گهڻو جٽاءُ نه ڪري سگهنديون آهن ۽ نه ئي انهن پارٽين جو ڪو مستقبل هوندو آهي. تنهنڪري اهو سمجهڻ گهرجي ته اهي سياسي پارٽيون ئي جٽاءَ ڪري سگهن ٿيون، جيڪي پنهنجي ٻل جي جنم وٺنديون هجن. جن جي سياسي لائين اسٽيبلشيمينٽ نواز بدران عوام دوست هجي.
پي ٽي آءِ جو مثال اسان جي سامهون آهي. هڪ اهڙي پارٽي جيڪا اوچتو ئي اوچتو نروار ٿي، جنهن ۾ وڻ وڻ جي ڪاٺي شامل آهي ۽ جڏهن 2018ع واريون چونڊون ٿيون ته جهانگير ترين جي جهاز ۾ آزاد اميدوارن کي ڀري ڀري پارٽيءَ ۾ شامل ڪيو ويو. جنهن کان پوءِ وڃي عمران خان نيازي وزير اعظم بڻجڻ جي لائق ٿيو. ان کان پوءِ به هو انهن سياسي ماڻهن جو ٿورائتو ڪونه ٿيو، انهن کي هن ڪنهن ليکي ۾ ڪونه ٿي آندو. نتيجي ۾ ان پارٽيءَ اندر هڪڙا اهڙا ماڻهو هئا، جيڪي عمران خان نيازيءَ جي ويجها هئا جن لاءِ عمران خان هڪ سياسي بت مثل آهي ۽ ٻيا اهي آهن، جيڪي عمران خان نيازيءَ جي پارٽيءَ پاليسي سان اڄ به اختلاف رکن ٿا. هيءَ تجربو رڳو عمران خان نيازيءَ کي سياست ۾ آڻي ۽ اقتدار حوالي ڪرڻ تائين نه هو. پر سڄي سياسي نظام جي ڪايا پلٽ ڪرڻ لاءِ هو. اهو ته شڪر آهي جو پي ٽي آءِ ۾ هو سياسي لڇڻ ڪونه هو، تنهنڪري اها رٿا مڪمل طور ناڪام ٿي وئي. ڇاڪاڻ ته اسٽيبليشمينٽ جي ڪلهن تي چڙهي اقتدار ۾ آيل عمران خان نيازي ڪجهه وقت کان اسٽيبلشمينٽ کي ئي اکيون ڏيکارڻ لڳو ته “ڪمپني بهادر” کان اهو برداشت ڪونه ٿيو ۽ نيٺ عمران خان نيازيءَ کي اقتدار وڃائڻو پيو. جنهن کان پوءِ ذهني طور سندس حالت اها آهي جو هو ملڪ جي اقتدار ۾ ڪنهن ٻئي کي ڏسڻ لاءِ تيار ناهي. هو ملڪ تي ائٽم بم اڇلائڻ کي ترجيح ڏئي ٿو پر اقتدار سندس پارٽيءَ کان سواءِ ڪنهن ٻئي جي حوالي ڪيو وڃي، اهو کانئس برداشت نٿو ٿئي. اڄ به سياستدانن ۽ فوج تي سندس حملا جاري آهن. پر جيئن ته حالتون سدائين هڪجهڙيون ڪونه رهنديون آهن. تنهنڪري عمران خان نيازيءَ لاءِ به حالتون ساڳيون نه رهيون آهن.
پي ٽي آءِ کي جڏهن کان اقتدار مان تڙيو ويو آهي. ان کان پوءِ عمران خان نيازي پنهنجي پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته آئين اهو آهي، جيڪو کيس تحفظ فراهم ڪري، نه ته آئين آئين ڪونهي. انصاف اهو آهي، جيڪو فيصلو سندس حق ۾ اچي نه ته ملڪ ۾ ڪوبه انصاف ناهي. قانون اهو آهي، جيڪو کيس غلط ڪم کان نه روڪي. نه ته قانون ڪجهه به ناهي. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن هڪ آمر وانگر جو سياسي اڳواڻ سوچ ڌاري ڇڏي ته ان جا نتيجا ڪهڙا نڪري سگهن ٿا. ان جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
هاڻ جڏهن هن خلاف ڪي عدالتي ۽ قانوني ڪارروايون شروع ڪيو ويون آهن ته هن چوڻ شروع ڪيو آهي ته ملڪ جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽيءَ کي ڀت سان لڳائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. ان کان اڳ اهڙو رويو ايم ڪيو ايم جو هوندو آهي. الطاف حسين جي لهجي ۾ فرعون ڳالهائيندو هو. ساڳي صورتحال عمران خان نيازيءَ جي به آهي. هن جي اندر ۾ جيڪا هوڏ هئي، اها اقتدار مان تڙجڻ کان پوءِ به ڪانه نڪري سگهي آهي. پر ڪراچي جهڙي شهر کي يرغمال ڪري ويٺل الطاف حسين اڄ سياسي اڪيلائيءَ جو شڪار آهي. هن کي ڪير ٻڌڻ وارو ناهي ۽ نه ئي سندس سار لهڻ وارو ڪو آهي. تنهنڪري اهي امڪان به آهي ته ايندڙ وقت ۾ جيڪا پي ٽي آءِ هوندي، سا مائنس عمران خان نيازي هوندي. ان جي شڪل اهڙي نه هوندي جو اها اسٽيبلشمينٽ کي بليڪ ميل ڪري سگهي. اها بلڪل هڪ ڪمزور حالت ۾ هوندي.
ڪجهه ڏينهن اڳ مشهور صحافي ۽ اينڪر پرسن حامد مير کي عمران خان نيازي پنهنجي انٽرويو ۾ اهڙو تاثر ڏنو آهي ته هن جي خلاف ڪو فيصلو ٿي چڪو آهي. کيس ائين لڳي رهيو آهي ته جيڪڏهن هن جي خلاف ڪو فيصلو ٿيو آهي ۽ هن کي سياست مان تڙيو ٿو وڃي ته پوءِ عوام جو سمنڊ اٿلي پوندو ۽ ان کان پوءِ فيصلو روڊن تي ٿيندو. پر اها رڳو غلط فهمي آهي، ڇاڪاڻ ته رياست جڏهن پنهنجي تي ايندي آهي ته سياستدان بيوس ٿي ويندا آهن. ٻيو ته جڏهن ته قانوني کيس سياست ڪرڻ جي ڪا اجازت نه هوندي. هو چونڊ نه وڙهي سگهندو ته عوام ڪنهن لاءِ ٻاهر نڪرندو. اهو ساڳيو تجربو نواز شريف به ڪيو هو. پر نا اهل ٿيڻ کان پوءِ هو رڳو ريليءَ جي صورت ۾ ئي پنهنجي گهر تائين وڃي سگهيو. نه ڪو انقلاب آيو ۽ نه ئي ڪا تبديلي نظر آئي. تنهنڪري عمران خان نيازيءَ جي معاملي ۾ به اهڙو ڪجهه ئي ٿيندو.
هو هن ٻوڏ جهڙي آيل آفت ۾ به جلسا ڪري رهيو آهي ۽ سياست ڪرڻ جي چڪر ۾ لڳو پيو آهي، جڏهن ته سڄو ملڪ پاڻي پاڻي لڳو پيو آهي. ان سڄي عمل دوران سنڌ ۾ جيڪا هلچل نظر اچي رهي آهي، سا پيپلز پارٽيءَ لاءِ خطرناڪ آهي. ماڻهو پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻن کي ڊوڙائي رهيا آهن. انهن خلاف مزاحمت ڪري رهيا آهن. ماڻهن ۾ پيپلز پارٽيءَ خلاف ڪاوڙ کي محسوس پڻ ڪري سگهجي ٿو. جنهن مان ائين لڳي رهيو آهي ته پيپلز پارٽي ايندڙ چونڊن ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيندي. پيپلز پارٽيءَ جي هاڻوڪي رويي کان پوءِ عوام جيڪا ڪاوڙ نظر اچي رهي آهي سان هڪ پاسي ته فطري آهي ۽ ٻئي پاسي پيپلز پارٽيءَ جي نااهلي خلاف به نظر اچي ٿي. ان ڪري پيپلز پارٽي سڄي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ عوامي سطح تي جيڪڏهن ڪي جوڳا بندوبست نٿي ڪري ته پوءِ ان کي اهڙن نتيجن لاءِ به تيار رهڻ گهرجي. جيڪي سندس خواهشن جي ابتڙ هوندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button