سنڌ ۾ هيلوڪي (2022) برسات جي تباهي کي 2010ع واري ٻوڏ سان ڀيٽ ڏني پئي وڃي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته 2010ع واري ٻوڏ ويجهي ماضي ۾ سنڌ تي آيل وڏي آفت هئي، جنهن لکين ماڻهن کي بي گهر ڪيو. پر منهنجي حساب سان، هڪ لحاظ کان هي ان کان وڏي مصيبت آهي.
2010ع ۾ وڏي تباهي آئي، جنهن جي نتيجي ۾ تمام وڏي لڏپلاڻ به ٿي. پر اهو سڀ سنڌ جي ڪجهه ضلعن ۾ ٿيو. سنڌو جي ساڄي ڪپ تي ڪشمور، جيڪب آباد، قمبر-شهدادڪوٽ ۽ دادو، جڏهن ته کاٻي ڪپ تي گهوٽڪي گهڻو متاثر ٿيا. ايترو جنهن کي آفت چئي سگهجي. ڪجهه پاڙيسري ضلعا ايترو متاثر ٿيا، جيترو ڪنهن به وڏي ٻوڏ ۾ ٿيڻ ممڪن هوندو آهي. باقي ڪراچي تائين سنڌ بچيل هئي. تباهي هيٺ آيل ضلعن جا ماڻهو سڪي وارن علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري پئي سگهيا ۽ انهن ڪئي به، خاص ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد ڏانهن. ٻئي طرف سڪي واري سنڌ جي ماڻهن ٻڏل ڀائرن جي حال سارو مدد پڻ ڪئي، جن ۾ سرندي وارا فرد، مقامي سماجي تنظيمون ۽ ڏيهي پرڏيهي غير سرڪاري تنظيمون شامل هيون. مون سميت جيئي سنڌ محاذ جي دوستن به گهوٽڪي، حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ پنهنجي وت وس کان وڌيڪ امدادي ڪم ڪيو. ڪنهن حد تائين اردو ڳالهائيندڙن خاص ڪري عورتن به مدد ڪئي.
هاڻوڪي برسات سنڌ جي انچ انچ کي ٻوڙيو آهي. اوٻاڙي کان وٺي ڪراچي تائين ڪو زمين جو ٽڪرو بچيل ناهي. ڪو شهر يا ڳوٺ محفوظ ناهي رهيو. ڪو ماڻهو متاثر ٿيڻ کانسواءِ ناهي رهيو، سوا مٿئين طبقي وارن جي وڏيرن، جاگيردارن، سرمائيدارن، وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن جي، اهي ته اهي آهن جن رڳو عام ماڻهن کي ڦريو ۽ لٽيو آهي. ڏيڻ ته انهن جي ايمان ۾ ئي ناهي. جيڪي ڏيڻ وارا ۽ هڪ ٻئي جو احساس ۽ مدد ڪرڻ وارا آهن، اهي ته پاڻ سڀئي مدد جا منتظر بڻجي ويا آهن. مجموعي طور چئي سگهجي ٿو ته سنڌ هڪ اهڙي آفت جي ور چڙهيل آهي، جنهن جو مثال ويجهي ماضي جي تاريخ ۾ نه ٿو ملي. پر اها آفت ڪا ايتري صفا اوچتي به ڪانهي. اهو پاڻ اڳتي ڏسنداسين.
ڪجهه وقت تائين چيو ويندو هو ته “هي ميڊيا جو دور آهي”. هاڻي اها را آهي ته “هي سوشل ميڊيا جو دور آهي”. هن مصيبت جي وقت ۾ سوشل ميڊيا جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. هڪ طرف اها هر هنڌ جي صورتحال سامهون آڻي رهي آهي ۽ هر لمحي جي معلومات مهيا ڪري رهي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ نه رڳو مصيبت جا ماريل سنڌي ماڻهو هڪ ٻئي جا حال ڀائي ٿي رهيا آهن، پر سڄي دنيا سنڌ جي سورن کان واقف ٿي رهي آهي. ٻئي طرف ان قدرتي آفت جي سنگيني ۾ انساني ڪارڻن بابت ۽ انهن جي حل بابت به گفتگو ڪئي پئي وڃي، جيڪا نه رڳو مثبت پر انتهائي ضروري ڳالهه آهي، ڇاڪاڻ ته هي آفت نه ته بلڪل اوچتي آهي ۽ نه ئي واحد يا آخري آهي.
سوشل ميڊيا ذريعي سنڌي ماڻهن جي هن آفت بابت ظاهر ڪيل خيالن کي ٿلهي ليکي ٽن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. (1) پيپلز پارٽي جي حڪومت تي ڪاوڙ ڪرڻ ۽ ان کي نندڻ سان گڏ ان کي اپيل ڪرڻ/صلاح ڏيڻ ته اهي پنهنجو فرض نڀائيندي سنڌي ماڻهن جي مدد ڪن. (2) ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ رهندڙ “مهاجرن” کي “ڏوراپا” ڏيندي اهو چوڻ ته 1947ع ۾ اسان توهان جي مدد ڪئي، هاڻي توهان اسان جي مدد ڪريو. (3) 1970ع ۾ اوڀر بنگال ۾ آيل طوفان قومي حقن لا وڙهندڙ پارٽي عوامي ليگ کي عروج تي پهچايو، سنڌ ۾ اها تاريخ ورجائجڻ جي خواهش ڪرڻ.
پيپلز پارٽي: گذريل اڌ صدي کان پيپلز پارٽي سنڌ ۾ سياست جو اهم حوالو رهي آهي. ان عرصي دوران 6 دفعا اها اقتدار ۾ آئي آهي. ان دوران پاڪستان جي مرڪزي حڪومت به ان وٽ رهي آهي. جڏهن ته سنڌ ۾ اها “اڇي ڪاري جي مالڪ” رهي آهي. اهو هڪڙو عالمگير اصول آهي ته جيڪو جيترو بااختيار هوندو آهي، اوترو ئي اهو ذميوار هوندو آهي. جڏهن ته اها به تسليم ٿيل حقيقت آهي ته ڪنهن فرد يا پارٽي جي اصليت ۾ ڪردار جي صحيح خبر تڏهن پوندي آهي، جڏهن ان وٽ اختيار/طاقت هوندي آهي. ان پسمنظر ۾ ۽ انهن بنيادن تي هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان پيپلز پارٽي جي باري ۾ ۽ سنڌ جي قومي نجات جي حوالي سان ان جي ڪردار بابت چٽو ۽ فيصلائتو موقف اختيار ڪريون. پيپلز پارٽي سنڌ دوست جماعت آهي يا سنڌ دشمن؟
پيپلز پارٽي ڏکڻ ايشيا جي (شايد هن وقت دنيا جي) سڀ کان وڏي جاگيردارن جي پارٽي آهي. جاگيردار جي اها نه رڳو خاصيت پر فطرت آهي ته پاڻ کان طاقتور جو هو غلام هوندو آهي، جڏهن ته پاڻ کان ڪمزور لا هو “خدا” بڻجي ويندو آهي. اهو به سندس فطرت ۾ شامل هوندو آهي ته هو وقت جي اسٽيبلشمينٽ جو وفادار هوندو آهي. پيپلز پارٽي انهن ٻنهي خاصيتن جو “بهترين” مرڪب آهي ۽ ان مرڪب وارو ڪردار ان “اعليٰ” طريقي سان ادا ڪيو آهي. ان جا ليڊر سنڌ کي پنهنجي جاگير سمجهندا آهن. سنڌ جي اڪثريت عوام سان اهي (غلام) هارين وارو ورتا ڪندا آهن. جڏهن ته پنجاب جي حاڪمن جا اهي پاڻ ٻڌا ٻانها هوندا آهن. (انگريز حاڪمن جي وقت ۾ سنڌ (۽ سرائيڪستان) جي جاگيردارن جي ڪردار کي ذهن ۾ رکڻ گهرجي). اهو ڪردار نڀائيندي انهن سنڌ جا وسيلا ۽ سنڌ جي حاڪميت اعليٰ پنهنجي “آقائن” وٽ گروي ڪري ڇڏي آهي. ان جي بدلي ۾ کين منشي جي حيثيت واري حڪومت ملندي ٿي رهي. نتيجو اهو آهي ته سنڌ جي قدرتي ۽ ماڻهن جي محنت سان پيدا ڪيل دولت جو وڏو حصو اصلي حاڪمن جي خزاني ۾ ٿو وڃي. جڏهن ته باقي “بچت” سان ان پارٽي جا ليڊر پنهنجا پيٽ ٿا ڀرين. باقي سنڌ ڌرتي جي اصلي وارثن لا “ڪاري وارا ڪک” آهن.
ان پسمنظر ۾ هاڻوڪي آفت کي ڏسون ٿا ته اٽڪل 30 سالن کان سائنسدان ۽ ماحول جا ماهر موسمي تبديلين جي ايندڙ خطرن کان خبردار ڪندا رهيا آهن. سندن چوڻ رهيو آهي ته اهي ايڏيون وڏيون تبديليون هونديون، جيڪي اٽڪل 400 سالن کانپو اينديون آهن. نه رڳو ايترو پر ماحول دوست ماڻهن ۽ ادارن طرفان انهن خطرن کي منهن ڏيڻ لا عالمي سطح تي مهم هلائڻ سان گڏوگڏ وڌيڪ خطري ۾ آيل پاڪستان جهڙن ملڪن کي پئسا به ڏنا. اهو ئي سبب هو ته بينظير ڀٽو جي ٻئي دور ۾ آصف علي زرداري ماحوليات جو وزير ٿيو. وڌيڪ ڪجهه لکڻ جي ته ضرورت ڪانهي. ماحول کي سڌارڻ ته پنهنجي جا تي ابتو انهن پئسن کي ماحول تباهه ڪندڙ منصوبن تي خرچ ڪيو ويو. شهرن جي ٻاهران نوان شهر اڏڻ جي نالي ۾ فطري ماحول کي تباهه ڪيو ويو. وڻ ٽڻ، باغ، باغيچا، آباد زمينون سڀ ختم ڪيا ويا. جبل پهاڙ زمين بوس ڪيا ويا ۽ لکين سالن کان ٺهيل قدرتي ندين ۽ نئين کي بند ڪيو ويو. اتي لوهه ۽ سيمينٽ جا جهنگ کڙا ڪيا ويا. ٻئي طرف وڏيرن جاگيردارن طرفان قدرتي ٻيلن تي قبضا ڪري، بلڊوزر هلائي پنهنجي “ابن ڏاڏن” جي ملڪيت بڻايو ويو.
ان وچ ۾ 2010ع جي خطرناڪ ۽ تباهه ڪندڙ ٻوڏ آئي. ان ۾ ڪيڏي تباهي آئي ۽ ان دوران پ پ حڪومت جو ڪيڏو مجرماڻو ڪردار رهيو. ان جي تفصيل جي هتي نه جڳهه آهي، نه ضرورت. ڪراچي آيل مسڪين ماڻهن پنهنجي محنت سان پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي ڪوشش ڪئي ته اقتدار ضرورتن تحت حڪومتي اتحادي ايم ڪيو ايم ۽ وڏيرن جاگيردارن کي خوش ۽ راضي ڪرڻ خاطر انهن ماڻهن کي زبردستي واپس ڪيو ويو.
جاگيردارن جي فطري ڪردار ۽ پيپلز پارٽي جي حڪومتي ڪردار جي روشني ۾ انهن مان فرض شناسي، همدردي، سنڌ دوستي ۽ انسان دوستي جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ آهي. اهي رڳو طاقت جي زبان سمجهندا آهن ۽ طاقت رڳو بندوق ۾ ناهي هوندي. سڀ کان وڏي طاقت عوام جي اتحاد ۾ هوندي آهي. انهن جي همدردي ۽ رعايتن جي آسري تي رهڻ بدران اسان کي پنهنجي فطري وطني حقن لا جدوجهد ڪرڻي پوندي.
مهاجر: 1947ع ۾ اسان جيڪي ڪجهه ڪيو، اهو اسان جي انسان دوست ڪردار جو اظهار هو. گذريل مني صدي دوران سنڌ ۾ آيل مهاجرن جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي. اهو انهن جي فطرت جو اظهار آهي. اها به حقيقت آهي ته ڪٿان جا به هجن، سڀ ماڻهو هڪ جهڙا نه هوندا آهن. مهاجرن جي ننڍي اقليت جن سنڌ کي پنهنجو وطن تسليم ڪيو ۽ پاڻ کي سنڌي قوم سان سلهاڙيو، اهي اسان سان ڏک سک ۾ اڳ ۾ ئي ڀاڱي ڀائيوار آهن. انهن مان ڪجهه ته اهڙا آهن، جن جو سنڌ دوست ۽ وطن دوست ڪردار سوين سنڌين کان بهتر آهي. باقي جيڪا وڏي اڪثريت آهي، انهن جو سنڌ ۽ سنڌين جي حوالي سان منفي ڪردار به تاريخ ۾ لکجي چڪو آهي. جيڪي سنڌ ڦريندڙ حڪمرانن جا ايجنٽ هجن، جيڪي اسان کي وطن کي ورهائڻ جا اعلان ڪن ۽ جيڪي مذهب جي نالي ۾ اسان جي قوم کي تقسيم ڪري ڌرتي ۽ ان جي وسيلن تي قبضي ڪرڻ جا جتن ڪندا هجن. انهن کي منٿون ڪرڻ، ميارون ۽ ڏورايا ڏيڻ هڪ تاريخي، مهذب ۽ خوددار قوم کي نٿو سونهين.
عوامي ليگ: اهو درست آهي ته سيپٽمبر 1970ع ۾ آيل بنگال طوفان ڊسمبر ۾ ٿيندڙ اليڪشن ۾ عوامي ليگ جي غيرمعمولي ۽ غيرمتوقع ڪاميابي کي هٿي ڏني، پر اهو ڪو فيصلائتو عنصر نه هو. ڪاميابي جا بنيادي ڪارڻ عوامي ليگ جو پروگرام ۽ مضبوط ۽ وسيع تنظيم هئا ۽ ان سان گڏ ان جي بي لوث قيادت، انهن خاصيتن ڪري ئي عوامي ليگ ان پوزيشن ۾ هئي ته طوفان دوران حڪمرانن جي عوام دشمن ڪردار کي وائکو ڪري سگهي. اتي بنگالي عوام جو به نهايت باشعور ڪردار هو. جن مولانا ڀاشاني ۽ پروفيسر مظفر جهڙن ليڊرن کي به پاسي تي رکي شيخ مجيب جي قيادت ۾ عوامي ليگ کي فيصلائتي ڪاميابي ڏياري. اسان وٽ سراسري هر ٻئي سال نئين پارٽي ٿي ٺهي. پڇجي ته سياسي پروگرام ڪهڙو آهي يا پروگرام ۾ فرق ڪهڙو آهي ته جواب ٻڙي ايندو. ان کان سواءِ سراسري هر سال ۾ ٻه فورم ٺهن ٿا، جن جو ڪم ئي سياست ۽ سياسي پارٽين کي نندڻ ۽ انهن کي بدنام ڪرڻ آهي. اهو نه وسارجي ته اجتماعي حق سياسي حق هوندا آهن. سياسي حق رڳو سياسي جدوجهد ذريعي حاصل ڪري سگهجن ٿا ۽ سياسي جدوجهد رڳو سياسي جماعت جي پليٽ فارم تان ڪري سگهجي ٿي.