ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ٻوڏ واري صورتحال ۾ پاڪستان ڊيفالٽ ڪيو ته ڇا ٿيندو؟

Editorial-Article- Allahbux Rathore

دفاعي ماهرن جو خيال آهي ته جنگ جي ميدان ۾ ڪمانڊرز تبديل نه ڪبا آهن، جيڪڏهن ائين ٿيو ته پوءِ شڪست يقيني هوندي آهي. هينئر اتحادي ته خاموش آهن، پر (ن) ليگ جي اندران اهي آواز اچي رهيا آهن ته ناڻي جو وزير تبديل ڪريو ۽ اسحاق ڊار کي ناڻي جو وزير مقرر ڪريو. ليگي اڳواڻ، جن ۾ گهڻائي هارڊ لائينرز جي آهي، انهن کي عوام جو اونو لڳو آهي ۽ اهي چاهين ٿا ته عام ماڻهوءَ کي رليف نه ملڻ سبب، اهي ناراض آهن ۽ جيڪڏهن نين چونڊن جو اعلان ٿي ويو ته (ن) ليگ هارائي ويندي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر مخالف ڌر توڙي ملڪ تباهيءَ کي منهن ڏيندا. اهو به وسارڻ نه گهرجي ته هيءَ ساڳي غلطي عمران خان به ڪئي هئي. پي ٽي آءِ جي نئين نويلي حڪومت آئي ته ناڻي جو وزير اسد عمر ٿيو. هن آءِ ايم ايف سان ٺاهه ڪرڻ ۾ مهينا لڳائي ڇڏيا، جنهن سبب حڪومت کي ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو ۽ حڪومت جي گهر ڀيڙي ٿيڻ تائين عمران خان ڪو عوام جي ڀلائيءَ لاءِ قدم کڻي نه سگهيو. رهيل ڪسر حفيظ شيخ جي سينيٽ ۾ چونڊ هارائڻ کان پوءِ پوري ٿي وئي ۽ مهانگائي آسمان سان ڳالهائڻ لڳي. عمران خان جي پوري دور ۾ معاشي استحڪام نه آيو. ساڳي صورتحال هينئر آهي. مفتاح اسماعيل جون پاليسيون جيڪڏهن عوام دوست ناهن ته ان پٺيان ڪير آهي؟ ڇا هو آزادي ۽ خودمختياريءَ سان پاڻ فيصلا ڪري رهيو آهي؟ ڇا مفتاح اسماعيل کي نواز شريف ۽ شهباز شريف جي آشيرواد حاصل ناهي؟ اهو سوال ڪنهن کان به پڇيو ته انهن جو هڪڙو ئي جواب آهي ته مفتاح اسماعيل جيڪي فيصلا ڪيا، انهن پٺيان نه صرف شهباز شريف پر ميان نواز شريف به هو!پوءِ اهڙي وقت جڏهن عالمي مالياتي فنڊ کان رقم ملڻ لاءِ فيصلو ٿي رهيو آهي، مفتاح اسماعيل کي هٽائي، اسحاق ڊار کي ناڻي جو وزير بنائڻ وارو راڳ ڇو پيو الاپيو وڃي؟
هينئر ملڪ ۾ اتحادي حڪومت جي دور ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان جي ذميوار (ن) ليگ آهي. ملڪ ۾ معاشي استحڪام اچي ٿو يا نه؟ ملڪ اندر مهانگائي سمورا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن يا نه؟ عالمي مالياتي ادارن جا شرط قبول ڪرڻ جهڙا آهن يا نه؟ پيٽروليم شين کان وٺي يوٽيلٽي بلز تائين سموري واڌ جي ذميوار موجوده حڪومت آهي. عمران خان جي سمورن گناهن ۽ ثوابن جي ميراث به (ن) ليگ کي ملي. ان ڪري حڪمرانن کي پنهنجن غلط يا صحيح فيصلن کي own ڪرڻو پوندو. (ن) ليگ کي حڪومت جي بدلي ڪيتري سياسي قيميت ادا ڪرڻي پئي، اها به تمام گهڻي آهي. پارٽي عمران خان جي حڪمرانيءَ جي ڏينهن ۾ جيڪو ڪجهه حاصل ڪيو هو، اهو سڀ تقريبن ضايع ٿي ويو آهي. ان تي ٻه رايا ناهن ته عمران خان جي اوچتي روانگي کان پوءِ معاشي ۽ سياسي صورتحال اهڙي هئي،جيڪا انتهائي ڳنڀير هئي. ان ڳالهه جو (ن) ليگ کي اڳ ئي اندازو هو ته کين تمام گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو.
ملڪ ۾ برسات کان پوءِ ٻوڏ جيڪا تباهي آندي آهي، ان جي نتيجي ۾ سنڌ ۽ بلوچستان کي تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي. هاڻ ڪي پي ڪي جي ساڳي حالت ٿيڻ واري آهي. اهڙي صورتحال ۾ کربين رپيا خرچ ڪرڻ کان پوءِ صورتحال معمول تي اچي سگهي ٿي. وزير اعظم ملڪي خزاني مان 15 ارب رپيا سنڌ ۽ 10 ارب رپيا بلوچستان کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. پر نقصان ان کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي. عالمي مالياتي فنڊ جنهن وقت قرض جي فراهميءَ جو اعلان ڪرڻ واري آهي ته پي ٽي آءِ هڪ ڀيرو ٻيهر “بليڪ ميلنگ” تي لهي آئي آهي. خاص ڪري فواد چوڌري چوڻ شروع ڪيو ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جون حڪومتون آءِ ايم ايف سان ٺاهه تي عمل نه ڪنديون. ان سان گڏ ڪي پي ڪي جي ناڻي جي وزير تيمور جهڳڙا مفتاح اسماعيل کي خط به لکي ڇڏيو ته جيستائين فاٽا جي رهتن جي مد ۾ کين 100 ارب نٿا ملن، هو عالمي ادارا سان ٺاهه جي حمايت نه ڪندا. فواد چوڌري ته اهو به تاثر ڏنو ته هو آءِ ايم ايف کي خط لکڻ وارا آهن، جنهن سان ٺاهه ٿي نه سگهندو. انهن ڳالهين صورتحال کي ڪافي تاءُ وارو ڪيو، پر هاڻ اهو چيو پيو وڃي ته معاملو درست ٿيڻ ڏانهن وڃي رهيو آهي. هي ڳالهه به سامهون آئي آهي ته ناڻي جي وفاقي وزير مفتاح اسماعيل ميڊيا تي اچي واضح لفظن ۾ چيو ته وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف سان ٺاهه ڪري رهي آهي، نڪي صوبائي حڪومتون ان ڪري ناڪامي جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. هاڻ ڪي پي جي ناڻي جي وزير به واضح ڪيو ته هنن خط ناڻي جي وزير کي لکيو آهي، نڪي آءِ ايم ايف کي. ڪي پي حڪومت کان هي به پڇيو پيو وڃي ته جنهن وقت وفاق ۾ عمران خان جي حڪومت هئي، ان وقت، انهن فاٽا جا پيسا ڇو نه ورتا؟ هي ته آسان هو ته وفاق توڙي صوبن ۾ ساڳي پارٽي جي حڪومت هئي،ان تي تيمور جهڳڙا خاموش آهي.
اها حقيقت آهي ته فاٽا جو معاملو ايترو آسان به ناهي. جنهن وقت قومي اسيمبلي فاٽا کي ڪي پي ۾ ضم ڪرڻ جو قانون منظور ڪيو، انهن ئي ڏينهن ۾ ناڻي واري ٺاهه جي حوالي سان هڪ اڌ گڏجاڻي ٿي. جنهن ۾ انتهائي تڪراري معاملا سامهون آيا، جن کي سنڌ توڙي بلوچستان قبول نه ڪيو. انهن ڏينهن ۾ وفاق پاران چيو ويو ته جيئن ته فاٽا کي ڪي پي ۾ شامل ڪرڻ سان صوبي جي مالي وسيلن تي ٻوجهه پيو آهي، ان ڪري اين ايف سي مان ٽي سيڪڙو رقم فاٽا لاءِ ۽ ٽي سيڪڙو فاٽا ۾ دهشتگرديءَ جي خلاف آپريشنز لاءِ ڏني وڃي. اها ڳالهه قبول ڪرڻ جوڳي نه هئي. نئين اين ايف سي ايوارڊ جي اعلان نه ٿيڻ جو هڪڙو سبب اهو به آهي.
ملڪ جا جيڪي وسيلا آهن، انهن کان سڀ واقف آهن. ٻوڏ جي صورتحال انهن وسيلن کي وڌيڪ گهٽائي ڇڏيو آهي. (ن) ليگ پاران چيو پيو وڃي ته ميان نواز شريف وزيراعظم توڙي ناڻي جي وزير ٻنهي کان خوش ناهي. ان ڪري هو پاڻ عدالتن مان رليف وٺي واپس ورڻ جون تياريون ڪري رهيو آهي. ان حوالي سان ڪا اڳڀرائي ته نه ٿي آهي، پر ڳالهيون گهڻيون ٿيون آهن. (ن) ليگ جي Ranks مان اها ڳالهه به سامهون آئي آهي ته هاڻ جنرلز کي ته معاف ڪيو ويو آهي پر عدليا تي دٻاءُ کي وڌايو ويندو. اها به حيرت ۾ وجهندڙ پاليسي آهي. لڳي ٿو ته (ن) ليگ کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي رهي آهي، ان ڪري اها چور گپ ۾ ليٿڙيون پائي رهي آهي. جيڪي اهو سمجهن ٿا ته موجوده (ن) ليگ جو سيٽ اپ خراب آهي ۽ ميان نواز شريف الا دين جو چراغ يا جادو جي ڇڙي کڻي ايندو ۽ سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو. اها ڳالهه به احمقن جي جنت ۾ رهڻ کان وڌيڪ آهي.
هن ملڪ جي عوام کان وٺي خواص تائين سڀني کي خبر آهي ته ملڪ جي معاشي حالت ڪيتري سٺي آهي. جيڪڏهن معيشت سان سياست، حڪمران جماعت ڪري يا پي ٽي آءِ،انتهائي خطرناڪ ٿيندا. هينئر تائين ملڪ جي ڏيوالي نڪرڻ يا ڊيفالٽ جو خطرو ٽريو ناهي. جيڪڏهن آءِ ايم ايف قرض جي ادائيگيءَ ۾ دير ڪري ٿي ته پوءِ صورتحال ڳنڀير ٿي سگهي ٿي. اهڙي صورتحال ۾ ملڪ جي وجود جو سوال سامهون اچي ويندو. ان ڪري سوچي سمجهي فيصلا ڪرڻ گهرجن ۽ ڪوبه حادثو، گاڏيءَ کي پٽڙيءَ تان لاهي سگهي ٿو. (ن) ليگ جي اندر ۾ جيڪو ڊپ آهي، ان تي ڪنٽرول ڪرڻ جي ضرورت آهي. عدالتون کليل آهن، ميان نواز شريف کي پنهنجو ۽ پنهنجي ڌيءَ مريم نواز جو ڪيس وڙهڻ گهرجي. کين ڪا به ڌر روڪڻ واري ناهي. هنن کي اڳ به عدالتن مان رليف ملندا رهيا آهن، ممڪن آهي ته هاڻ به ملي وڃن. ميان نواز شريف جي خلاف ڪيس اڳ ئي ڪمزور آهي، ڇاڪاڻ ان جي خلاف جيڪي شاهديون سامهون آيون، اهي انتهائي سگهاريون آهن. ائين لڳي ٿو ته ڪيس ته ڪڏهڪو ختم ٿي چڪو آهي، رڳو ان جو اعلان ٿيڻو آهي. ان جي باوجود ميان نواز شريف ۽ سندس ڌيءَ خبر ناهي ته ڪهڙي اشاري جو انتظار ڪري رهيا آهن. هن ملڪ ۾ ان نوعيت جا سياسي بنيادن تي ڪيس ٺهندا رهيا آهن. جن ڌرين عمران خان جو ڪلهو استعمال ڪيو،اهي به “نيوٽرل” ٿي ويون آهن. اهي اڳ عمران خان سان گڏ ساڳي صفحي تي هيون ۽ هاڻ انهن جون پي ٽي آءِ سان ڪي به همدرديون نظر نه پيون اچن. عمران خان جيڪي دانهون ڪندو رهيو آهي، اهي به ان جا ثبوت آهن. عمران خان مسٽر ايڪس ۽ واءِ جا ٽرم استعمال ڪري رهيو آهي، اهي به هن کي ڪو رليف ڏيڻ لاءِ تيار ناهن. جيڪڏهن طاقتور حلقن به نواز شريف کي گرين سگنل ڏئي ڇڏيو آهي ته ان کي ڪير روڪي سگهي ٿو؟ آصف زرداري ۽ ٻين ته اڳ ئي ميان نواز شريف کي چيو هو ته هو ڏيهه اچي، پنهنجي پارٽيءَ جي اڳواڻي ڪري، پر (ن) ليگ ان جي مخالفت ڪئي پئي. هاڻ ته سڀ ڪجهه ڪليئر ٿي ويو آهي. هي ڳالهه واڳ ڌڻي به سمجهن ٿا ته عمران خان جي اقتدار ۾ اچڻ سان ملڪ جو ڏيوالو نڪري سگهي ٿو،. ان ڪري اهي سڀ موجوده حڪمرانن جي سهولت ڪاري ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن سمورين ڌرين پنهنجون Good offices جو استعمال نه ڪيو ته بحران ايترو شديد ٿيندو، جيڪو ٻوڏ جيان سڀ ڪجهه وهائي کڻي ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button