هيل سال ملڪ ۾ برساتن ۽ دريائي ٻوڏ تباهي آندي آهي. ان تباهي جي نشاندهي ماحولياتي سائنسدان ۽ ماحوليات جا ماهر سالن کان ڪندا آيا آهن. 2010 جي ٻوڏ جتي پاڪستان ۾ تباهي آندي، اتي پوري دنيا ماحولياتي نقصان کان بچڻ لا ڪوشان هئي، جتي دنيا جا سائنسدان ۽ ماحوليات جا ماهر ته کڻي فڪرمند هئا پر پاڪستان حڪومت ايندڙ آفت ۽ مصيبت کان بچا لا ڪي به سانڀا نه ڪيا. جنهن جي سزا اڄ عوام ٻوڏ متاثرين جي صورت ۾ ڀوڳي رهيو آهي. 2016ع ۾ آفريڪا ۾ 150 ملڪن گرمي پد جي اضافي کي روڪڻ لا هڪ معاهدي تي صحيحون پڻ ڪيون هيون. ان وقت به گرمي پڌ وڌڻ يا گهٽجڻ تي پڻ بحث ٿي رهيو هو. سائنسدانن ان وقت به چيو پئي ته ڀلي ماحول مان ماحول دشمن گئسون ختم ٿي وڃن ان باوجود ان ٻوڏ ۽ طوفانن جي تباهي کي ڀوڳيندو رهندو.
جتي اها به تنبيهه ڪئي هئي ته گرمي پڌ وڌڻ سان دنيا اندر طوفان ۽ ٻوڏن ۾ اضافو ٿي ويندو. ڪارخانن ۽ ٻين ماحوليات دشمن منصوبن سبب گرين هائوسز فضا ۾ داخل ٿي قدرتي گرين هائوسز کي وڌائي رهيون آهن، جنهن سان به گرمي پڌ وڌي رهيو آهي. سائنسدانن اهو به ٻڌايو پئي ته گرين هائوسز ماحول ۾ پاڻي جي صورت ۾ ٿورو عرصو رهي ٿي، ان جي ڀيٽ ۾ ڪاربان ڊائي آڪسائينڊ وڏي عرصي تائين ماحول ۾ برقرار رهي ٿي. انسان ڪيترن ئي ٻارڻ جي زخيرن کي ختم ڪري ڪاربان ڊائي آڪسائينڊ جذب ڪندڙ ٻيلن کي وڍي ڪاٽي ڪاربان ڊائي آڪسائيڊ جي مقدار ۾ اضافو ڪري رهيو آهي. جنهن سان گڏ نائٽرس ۽ ميٿين به خارج ڪري رهيو آهي. اسان ڏًٺوسين ته دنيا ۾ 18 هين صدي ۾ صنعتي انقلاب دوران ڪاربان ڊائي آڪسائيڊ ۾ 30 سيڪڙو ۽ ميٿين گئس ۾ 140 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو. هن وقت جيڪا ڪاربان ڊائي آڪسائيڊ خارج ٿي رهي آهي. اڳ ۾ ڪڏهن به نه ٿي هوندي. مصنوعي سيارن جي مدد سان سائنسدان اهو به ٻڌائن ٿا ته گرم پاڻي جي ڦهلجڻ سان سمنڊ ساليانو ٽي ملي ميٽر مٿي ٿي رهيو آهي. جنهن سبب برساتن ۽ ٻوڏن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. هن صورتحال ۾ پاڪستان سميت ٽين ملڪن وڌيڪ ڀوڳيو آهي. جيڪي ماحولياتي تبديلي جو مقابلو ڪرڻ جي سگهه بنهه نٿا رکن. جيڪي ملڪ هلائڻ لا به عالمي ادارن کان خيرات گهري ئي ملڪ کي هلائي سگهندا آهن. موسمي تبديلين سان غريب ماڻهو ئي وڌيڪ ڀوڳي ٿو.
جيتوڻيڪ جاندارن جا ڪيترائي قسم ناپيد پڻ ٿي وڃن ٿا. هاڻي اسان ڏسون ٿا ته جتي ماحولياتي تبديلين سان ٻوڏن جو سلسلو شروع ٿي وڃي ٿو. جيڪي صورتحال ۾ اسان هن وقت گذري رهيا آهيون. ڊيليو ايڇ او 5 سالن کان خبردار ڪندو آيو آهي ته پاڻي مان پيدا ٿيندڙ بيماريون، مليريا ۽ ٻوڏ جي آفت ۾ لکين ماڻهو موت جي منهن ۾ هليا ويندا. سنڌ ۾ 2010 جي ٻوڏ جيڪا تباهي آندي، هن وقت 2022 جي ٻوڏ ان کان وڌيڪ عوام کي تڪليفون ڏنيون آهن. ڪروڙين ماڻهن پنهنجا گهر ۽ اجها ڇڏي محفوظ هنڌن ڏانهن لڏپلاڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. جتي اڳ ۾ خشڪي هئي ته اتي وري هاڻ رڳو پاڻي ئي پاڻي آهي. پاڻي ۾ ائين سمجهون ته ڪچي ۽ هيٺاهين وارن علائقن جا 100 سيڪڙو ماڻهو ٻڏي ويا آهن. جون کان شروع ٿيل برساتي پاڻي ئي عوام کي ٻوڙيو آهي. پاڻي جي قدرتي واٽ ۽ گسن تي بااثر ماڻهن جي قبضن کي ميڊيا مسلسل رپورٽ به ڪري رهي آهي.
سڄي سنڌ ۾ برسات جو پاڻي ماڻهو جي قد کان به وڌيڪ بيٺل آهي. ڪو به ميڪنزم سامهون نه آيو آهي. هڪ افراتفري واري صورتحال آهي. سنڌ ۽ پنجاب جي پاڻي سبب بدين ضلعو پاڻي جي لپيٽ ۾ آهي. ايل بي او ڊي ۽ بلوچستان مان ايندڙ پاڻي قمبر شهدادڪوٽ، دادو ضلعن ۾ ايف پي بند کي ٽوڙي ٻوڙي رهيو آهي. خيرپور ناٿن شاهه، ميهڙ ۽ جوهي کي ٻڏڻ جو خطرو سامهون آيو آهي. جڏهن ته بدين ضلعي ۾ سمن سرڪار، پنگريو، ملڪاڻي شريف ۽ ٻيا شهر ٻڏڻ جو خطرو آهي، سم نالي کي گهارو پوڻ ڪري سانگهڙ شهر به خطري ۾ اچي ويو آهي. سنڌ جي قدرتي نيڪال واري پاڻي جي لنگهن کي بند ڪرڻ سان پاڻي پنهنجي منزل جي ڳولا ۾ آهي.
ايل بي او ڊي، مين نارا ويلي ڊرين ايم اين وي، بچاءُ بند ۽ ٻين وهڪرن مان پنجاب، بلوچستان ۽ اتر ۽ وچولي سنڌ مان پاڻي جي آمد جو سلسلو رڪجڻ جو نالو به نٿو وٺي. هن وقت اتر سنڌ کي بلوچستان کان ايندڙ پاڻي ٻوڙي رهيو آهي. ٻئي طرف بااثر ماڻهو پنهنجي زمينن ۽ شهرن کي بچائڻ لا پاڻي نيڪال ڪري ٻيا شهر ۽ ڳوٺ ٻوڙي رهيا آهن. هڪ نااهلي جي ڪري به ڪروڙين ماڻهو لڏپلاڻ ڪري حيدرآباد ۽ ڪراچي جو رخ ڪري رهيا آهن. ٻوڏ متاثر ماڻهن جي اڪثريت غريب ماڻهن جي آهي، جيڪي ٻوڏ واري صورتحال کان پهرين به سندن ڳوٺن ۽ علائقن ۾ بکن ۾ پاهه ٿيل هئا. اهي وري شهرن ۾ وڌيڪ اذيت ناڪ زندگي جي درد کي ڀوڳيندا. سرڪاري آفت جي صورت ۾ کين امداد به ڏئي رهي آهي، ڪيمپون به لڳائي ڏئي رهي آهي پر پاڻي سڪڻ ۽ صورتحال صحيح ٿيڻ بعد کين 2010 جي ٻوڏ وانگر شهرن ۾ لاوارث ڇڏي کين مرڻ تي مجبور ڪيو ويندو. پو هر بدامني ۽ ڏوهه جي واڌ جو ڪارڻ به اهي ٻوڏ متاثر قرار ڏنا ويندا. اهو سمورو لقا اسان ماضي ۾ ڏٺو آهي. جيڪي ماڻهو هارپي جي ڪرت سان لاڳاپيل هئا، اهي شهر ۾ گٽرن جي صفائي کان وٺي هر اهو ڪم ڪندا رهيا، جنهن شهري ۽ سفيد پوش ماڻهن پنهنجي لا خراب سمجهندا آهن.
سنڌ جي ٻهراڙين ۾ 70 سيڪڙو ماڻهو بي زمين آهن، هنن وٽ هاڻ زمين ته ٺهيو هارپو ڪرڻ لا به زمين ناهي. جڏهن ته صرف ٻه سيڪڙو آبادي 50 سيڪڙو زمين جي مالڪ بڻيل آهي. مجموعي طور تي ملڪ ۾ رڳو ٽي سيڪڙو عورتون زمين جون مالڪ آهن. 2010 جي ٻوڏ دوران ڏٺوسين ته ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ شروع ڪيل منصوبن ۾ سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارن ۾ رابطي جي وڏي کوٽ نظر آئي. جتي جتي مالي وسيلن جي کوٽ جو ڪارڻ ڄاڻايو ويو ته ساڳئي وقت قومي، صوبائي ۽ ضلعي سطح تي قائم ڊزاسٽر مينجمينٽ وٽ به صلاحيتن جي اڻهوند هئي. 2022 جي صورتحال ۾ اڃا ماڻهو وڌيڪ ڀوڳيندا، ڇاڪاڻ ته هن وقت ملڪ سياسي ۽ معاشي طور تي هڪ وڏي بحران ۾ داخل ٿيل آهي.
2010 ٻوڏ تيِ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چوڌري افتخار پاڻمرادو نوٽيس وٺندي انڪوائري جو حڪم ڏنو هو، اهو ان لا ته ان وقت به اها ڳالهه سامهون آئي هئي ته ڪجهه ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جي ملڪيتن ۽ زمينن کي بچائڻ لاءِ ٻوڏ جي پاڻي جو رخ موڙيو ويو هو. سپريم ڪورٽ 15 ڊسمبر 2010ع تي فلڊ انڪوائري ڪميشن جوڙي جنهن جي سربراهي محمد اعظم خان ڪئي، جنهن اي ڊبليو قاضي، ظهير احمد ۽ فتح خان ميمبر طور شامل هئا. ڪميشن جي رپورٽ مان اهو ظاهر ٿيو هو ته بلوچستان ۽ سنڌ جي آبپاشي کاتن جي اندر وڏي پئماني تي ٿيل ڪرپشن هن آفت جو مکيه ڪارڻ هئي. رپورٽ ۾ ان ڳالهه جي نشاندهي پڻ ڪئي هئي ته ملڪ ۾ بندن جي مناسب سار سنڀال نه ٿيل هئي. طئي ٿيل معياري اصولن تي عملدرآمد نه ڪرڻ سان علائقا ٻوڏ جو سبب بنيا. رپورٽ ۾ اهو به واضح ڪيو ويو ته ڪچي جي ٻيلن تي ٿيل غير قانوني قبضن تي اختياريون نه رڳو خاموش آهن پر انهن قبضن ۾ مسلسل واڌ ٿي رهي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو ته صوبائي حڪومتون اهڙن قبضن کي هٿي ڏئي رهيون آهن. ڊبليو ڊبليو ايف جي مطابق هر سال 2.1 سيڪڙو ٻيلا ختم ٿي رهيا آهن. ٻيلن جي گهٽجڻ جي اها شرح ايشيا ۾ پهرين نمبر تي آهي. 1990 کان 2001 تائين ٻيلا 4.24 ملين هيڪٽر کان گهٽجي 3.44ملين هيڪٽر تائين پهچي ويا آهن. ٻيلن جي واڍي کي روڪڻ لاءِ حڪومت وٽ ڪا به واضح پاليسي ناهي. انڊس ڊيلٽا ۾ گذريل ڏهاڪن ۾ ٻوڏ جي دوران به پنجاهه سيڪڙو کان گهٽ پاڻي تمر جي ٻيلن تائين پهتو آهي. انڪري هاڻ 2022 جي ٻوڏ بابت به عدالتي ڪميشن جوڙيو وڃي، جنهن سبب سمورو سچ سامهون اچي ويندو. جيتوڻيڪ موسمي تبديلين ڪري اهڙي قسم جي ٻوڏن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي پر گذريل سال واري ٻوڏ کي سڌو سنئون موسمي تبديلين سان نه ٿو ڳنڍي سگهجي. گڏيل قومن جي موسمي تبديلين بابت جوڙيل بين الحڪومتي پينل اها اڳڪٿي ڪري چڪو آهي ته ڌرتيءَ تي وڌندڙ گرميءَ جي ڪري انڊس ۾ وڌيڪ ٻوڏن ۽ خشڪ سالي ٿي سگهي ٿي. جڏهن ته پاڪستان جي موسمياتي کاتي موجب ايندڙ ڏهاڪي تائين ملڪ جي سراسري گرمي پد ۾ 1.3 کان 1.5 ڊگري سيلسز واڌ ٿيندي.