ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

حڪومت جا الرٽ ۽ انتظاميه غائب

Editorial

برساتن سبب جيڪا تباهي ٿي آهي، ان کان پوءِ لکين ماڻهو ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ڦاٿل آهن، انهن کي پنهنجي گهرن مان نڪري ڪنهن محفوظ جاءِ پهچڻ ۾ ڪئين ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. مختلف شهرن ۾ برسات جو پاڻي داخل ٿي رهيو آهي. ماڻهو خوف ۾ ورتل آهن. زميني رابطو ڪٽجڻ ڪري انهن جي رسائي ڪٿي به ڪانه پئي ٿئي، جنهن جي نتيجي ۾ انهن جي زندگي اڃا به ڏکي ٿي وئي آهي. سنڌ جي مختلف شهرن ۾ الرٽ جاري پيا ڪيا وڃن. انهن الرٽ جي ڪري ماڻهو پاڻ کي وڌيڪ غيرمحفوظ سمجهن ٿا. ڇاڪاڻ ته انهن وٽ گهربل تياري ناهي. اهڙي ريت اهي ڪٿي به اچ وڃ نٿا ڪري سگهن. ٻه ڏينهن اڳ اهڙي صورتحال ڪي اين شاه، دادو، ميهڙ ۽ جوهي ۾ نظر آئي.
ٻوڏ جي پاڻي سبب ضلعي هيڊڪوارٽر دادو شهر ۽ جوهيءَ لاءِ خطرو برقرار آهي، جڏهن ته ضلعي انتظاميا ميهڙ، جوهي ۽ خيرپورناٿن شاهه لاءِ ريڊ الرٽ جاري ڪندي شهر خالي ڪرڻ جي وارننگ ڏئي ڇڏي آهي. ڊپٽي ڪمشنر دادو سيد مرتضيٰ علي شاهه جو چوڻ آهي ته پاڻيءَ جو دٻاءُ شهر طرف وڌي ويو آهي، جنهن لاءِ ڪي اين شاهه شهر کي خالي ڪرڻ لاءِ ريڊ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي، مختلف هنڌن کان گهارا لڳڻ کانپوءِ پاڻي ڪي اين شاهه شهر ڏانهن تيزي سان وڌڻ لڳو آهي، جڏهن ته هزارين ماڻهو ڪي اين شاهه ۾ هن وقت به ڦاٿل آهن، ريڊ الرٽ جاري ٿيڻ کانپو علائقي ۾ خوف ڇانيل آهي. ٻئي طرف دادو جي ڪچي واري علائقي ۾ ڦاٿل ماڻهو مرڻ لڳا آهن، انتظاميا ٻيڙيون فراهم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. ڪچي واري علائقي فريد خان خشڪ ۾ 2 عورتون ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويون.ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت عورتن جا لاش ڪڍي سول اسپتال دادو منتقل ڪيا. فوت ٿيل عورتن جا لاش ضروري ڪارروائي کان پوءِ وارثن حوالي ڪيا ويا. ٻڏي فوت ٿيل عورتن جي وارثن احتجاج ڪندي دانهيو ته ڪيترن ئي ڏينهن کان ٻوڏ جي پاڻي ۾ ڦاٿل آهيون، ڪنهن به ڪڍڻ لاءِ سار نه لڌي. ايم پي اي کان اسسٽنٽ ڪمشنر کي فون ڪرائي هئي ته ٻيڙيون ڏيو ته اسپتال منتقل ٿيون، پر انتظاميا ٻيڙي فراهم نه ڪئي. هنن چيو ته ڦاٿل خاندان ۾ معصوم ٻارڙا ۽ عورتون بکون ڪاٽي رهيا آهن. پوئتي 100 کان وڌيڪ ماڻهو ڦاٿل آهن، جلد ڦاٿل ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو وڃي ۽ ٻيڙيون فراهم ڪيون وڃن. هوڏانهن پوري ضلعي جي صورتحال انتهائي خراب ٿي وئي آهي. ضلعي انتظاميا متاثر خاندانن کي رليف ڪئمپون توڙي ٽينٽ ۽ راشن فراهم به نه ڪري سگهي، هزارين خاندان کليل آسمان هيٺ انڊس هاءِ وي، ايل ايس بند، دادو ڪئنال ۽ دادو مورو روڊ تي بي يارو مددگار ويٺل آهن. هوڏانهن ميهڙ تعلقي جي ڳوٺ کهڙا وليج ڀرسان سپريو بند کي گذريل ڏينهن لڳل گهارو بند ڪرڻ واريون سموريون ڪوششون ناڪام ٿي ويو، جنهن کان پوءِ گهارو وڌي 250 سئو فوٽ ٿي ويو.
حڪومت جو ڪم رڳو الرٽ جاري ڪرڻ ناهي پر ان کان پوءِ سمورن ماڻهن جي سار لهڻ به آهي، انهن کي محفوظ هنڌ تي پهچائڻ پڻ آهي. حڪومت پاران الرٽ جاري ڪرڻ کان پوءِ عوام وٽ ڪنهن محفوظ جاءِ تي پهچڻ لاءِ ڪو انتظام ٿيل نه هوندو آهي. اهي پنهنجي مدد پاڻ تحت ڳوٺن ۽ شهرن مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا آهن پر ڇا اهڙي صورتحال ۾ حڪومت انهن لاءِ ڪنهن اهڙي جاءِ تي ڪي شهر يا رهائش جو بندوبست ڪري رهي آهي، جتي انهن کي ماني، صحت جون سهولتون، ٻارن لاءِ اسڪول ۽ ضرورت جون ٻيون شيون فراهم ڪيون وڃن. هن وقت تائين اهڙو ڪجهه به نظر ناهي آيو. تنهنڪري حڪومت پنهنجون ذميواريون بهتر نموني ڪانه نڀائي. جنهن سان ماڻهن ۾ حڪومت خلاف ڪافي ڪاوڙ آهي.
اسين سمجهون ٿا ته ڏينهون ڏينهن صورتحال گهڻي خراب ٿي رهي آهي. انهن ماڻهن جي بحالي ڪهڙي ريت ٿيندي، حڪومت وٽ ان لاءِ ڪابه رٿابندي نظر ڪانه ٿي اچي. ان پاسي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. آمريڪا ۾ هڪ شهر ڊيٿ ويلي ۾ هزار سالن کان پوءِ برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته ايندڙ وقت به اهڙيون برساتون آمريڪا ۾ پونديون. اهڙي ريت سنڌ ۾ به ماحولياتي تبديلين کان ان قسم جي برساتن جو سلسلو جاري رهندو. تنهنڪري ايندڙ وقت ۾ ماحول دوست پاليسيون ٺاهڻ جي ضرورت آهي. جنهن سان نقصان کان بچي سگهي. عوام کي تحفظ ڏيڻ جي ضرورت آهي. برساتن جي تباهي کان بچڻ لاءِ وڏي پئماني تي رٿابندي لازمي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button