ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پَنهنجا – پَراوا پَرکي ڏيِندڙ ٻوڏ

Editorial-Article- Irshad Leghari


سنڌ جون چارئي ڪُنڊون هيل وڏي آفت بڻجي آيل برسات ٻوڙي چُڪي. باقي جيڪڏھن ڪو پاسو پساهه کڻڻ جهڙو ڪٿي بچيل به هو ته هاڻ اهي علائقا وري مٿان بلوچستان سان لڳندڙ پنهنجي جابلو پٽي مان پهاڙي پيچرا وٺي ايندڙ وهڪرا ۽ سم نالا ٻوڙي رهيا آهن. سنڌ حڪومت متاثر ٿيل ڪروڙين ماڻهن جي سنڀال ڪرڻ جي نه ته اهليت رکي ٿي، نه ان وٽ گهربل وسيلا موجود آهن ۽ نه ئي سنڌ حڪومت جي ڪمدار ڪارندن جي نِيت ئي آهي. حڪومتي وهنوار مان سدائين هٿ سڻڀا ڪندڙن جي بدنيتي جو ثبوت وائرل ٿيل اهي وڊيوز آهن، جن ۾ رات جي اونداهي ۾ متاثرن جي سهائتا لاءِ مليل سامان اهي مقامي لالچي وڏيرا ۽ سندن ساٿاري آفيسر پنهنجي بنگلن ڏانهن کڻڻ جي ڪوشش ۾ پڪڙيا ويا. اڃان ڪجھه ڏينھن اول ئي مڪاني چونڊن ۾ پنهنجا ڇوٽُو کٽرائڻ جي لالچ ۾، ڳوٺ ڳوٺ ڀيرا ڪندڙ جاگيردار ۽ پوءِ ڍاوا ايم پي اي، ايم اين اي هاڻ انهن ساڳين ڳوٺن ڏانهن منهن ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. ايتري حد تائين جو انتهائي پيڙا ۾ گهيريل ماڻهن جا اهي ايم پي اي، ايم اين اي فون به نٿا کڻن.
هڪ پاسي چونڊيل ۽ اڳيان چونڊن ۾ وري لالچ مان ڀريل اکيون وجهي ويٺل وڏيرن، سردارن ۽ ميرن پيرن جي اها بيحسي آهي ته ٻئي پاسي ضلعي اختياريون وري اهو فرمائين ٿيون ته هيستائين حڪومت هر ضلعي ۾ متاثرن جي بحالي لاءِ جيڪي فنڊ اعلانيا آهن، سي رڳو سکڻا ڪاغذي ۽ زباني اعلان آهن، جڏھن ته عملي طور ٻيو ته ٺهيو پر کين ايترا ڏوڪڙ به ناهن مليا جو ٻڏل علائقن مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ موٽرن جو ڊيزل وٺي سگهجي. انتظاميا موجب هو جيڪي خرچ ڪري رهيا آهن، سو به پنهنجي پٽ سٽ تي پيا ڪن، اڳيان حڪومت اهڙي رقم کين موٽائي ڏيندي به يا نه؟ تنهن جي ڪابه پڪ ناهي.
وري جو آهي وفاقي حڪومت، سو ان جو هونئن به سنڌ سان نڪو اچي، نڪو وڃي. وفاقي حڪومت جو ساڳيو رويو سرائيڪي وسيب ۽ بلوچستان سان پڻ آهي. هاڻ ته پختونخوا جا به ڪم لٿا آھن. مطلب ته هر پاسي بُک، بدحالي ۽ غير يقيني جو راڪاس آهي.
ان بيڪسي جي جهان ۾ هتان جي بدعنوان حڪمران طبقي جي عالمي ساک وري اها آهي جو ڪوبه ملڪ انهن کي امداد ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. ڇاڪاڻ جو عالمي برادري کي اها پڪ آهي ته سندن پئسا وچ تي ئي هضم ٿي ويندا. بس پوءِ ٿيو هيئن آهي جو هاڻ هر پاسي پاڻي آهي ۽ ان ٻوڙيندڙ پاڻي جي پيڙا ۾ ڀوڳيندڙ عوام آهي. عوام جنهن جو هاڻ ڪوبه اوهي واهي ناهي.
هاڻ اچو ته ان بحران جي بنيادي سبب کي ڏسون ته ايئن ڇو آهي؟ ته پوءِ ان سوال جو سڌو جواب اهو آهي ته اسين جن نمائندن کي پنهنجو نمائندو سمجهيو ويٺا آهيون، سي نه ڪالهھ اسان جا هئا، نه اڄ اسان جا آهن ۽ نه ئي سڀاڻي اسان جا ٿي سگهن ٿا. ڇو ته هو جنهن طبقي مان آهن، سو طبقو پنهنجي سموري تاريخ ۾ عوام دشمن طبقو رهيو آهي. تنهن ڪري هو ڪيئن ٿا اسان جي ڏک جا ڀائيوار ٿي سگهن؟ انهن جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي ٻيگهي واري جمهوريت عوام لاءِ نه پر سندن نااهل نسلن لاءِ ئي آھي، جنهن ۾ هو پنهنجي پنهنجي واري سان ٽجوڙيون ڀريندا رهيا آهن ۽ اڄ به ڀرين پيا. گهڻو پري نه به وڃون، رڳو پنهنجي پنهنجي علائقي جو ئي هرڪو اکين ڏٺو مثال ئي کڻي وٺي تڏھن به اوهان اسان جي سامهون سمورو سچ پڌري پٽ پيو آهي. مثال طور ڪنهن جاگيردار اسيمبلي ميمبر جو ڪمند، ڪيلو يا ڪو به ٻيو فصل ٻڏو هوندو ۽ ٻي پاسي ان جاگيردار کي ئي ووٽ ڏيندڙ ڳوٺ ٻڏو هوندو ته جاگيردار ڪنهن کي بچايو هوندو؟ ظاهر آهي جاگيردار هر ممڪن ڪوشش ڪري پنهنجو فصل ئي بچايو هوندو نه ڪي اهو ڳوٺ جنهن ڳوٺ جا معصوم ٻارڙا، جوان نياڻيون ۽ ٻڍڙا مرد توڙي عورتون دربدر آهن. ان جو مطلب ڇا نڪتو؟ مطلب اهو ٿيو ته جاگيردار ٻڏندڙ مسڪين هارين پورهيتن کي نه پر پنهنجي ان جاگير کي وڌيڪ عزيز رکي ٿو، جنهن لاءِ هن کي پڪ آهي ته سڀاڻي وري ٻيا هاري پورهيت ملي ويندا.
جي نه ته ڇا بئنڪن ۾ اربين روپيا سَٿي ويٺل انهن جاگيردارن وٽ ايترا وسيلا ناهن جو اهي ٻي سهائتا ته ٺهيو پر پنهنجي خرچ سان ڳوٺن مان پاڻي ڪڍرائي سگهن يا پاڻيءَ جا اهي قدرتي لنگھه آجا ڪن، جن کي انهن بند ٻڌي روڪي رکيو آهي؟ پر وري به ساڳي ڳالھه ته اهي اسان جا پنهنجا هجن ته کين اسان جو ڏک محسوس ٿئي. هو جيئن ته پراوا آهن، تنهن ڪري ڇو بچائيندا اسان کي؟
تنهن ڪري لازمي آهي ته اسين ان فرق کي سمجهون جيڪو سڌو سنئون طبقاتي فرق آهي. هتي دل چوي ٿي ته سهڻي اعجاز انڙ صاحب جي ان ڳالھه کي به توهان سان ونڊجي، جنهن ۾ هن هيلوڪي ٻوڏ جي تناظر ۾ قومي، طبقاتي فرق جو سَنڌو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اعجاز انڙ چوي ٿو ته:
“قومي ۽ طبقاتي سوال تي سالن کان بحث دوران مان صدقو وڃان هن مينهن تان جنهن نينهن کي نروار ڪندي اهو پراڻو مسئلو ٻن مهينن ۾ ظاهر ڪري ڇڏيو آهي ته قومي ۽ طبقاتي توڙي طبقاتي معاملو آهي ڇا ۽ ان کي ڪيئن حل ڪجي؟ ظالم ڪير آھي ۽ مظلوم ڪير آھن!!؟؟
هو چوي ٿو اي مينهن، توکي سلام جو تو اسان جي سامھون اڇا ڪارا پڌرا ڪيا آهن!! ڇو ته طبقاتي سوال اٿاريندڙن کي ورهين کان اهي مھڻا ڏنا ويا ته اهي مهاجرن ۽ پنجابين جا ايجنٽ آهن ٻيو اهو ته اهي ڪامريڊ قومي سوال تي چِٽا نه آهن!!
واھه ڙي مينهن تنهنجا راڱا!! ڀل جو کڻي تو اسان جي مارو لوڪ کي سوين سُور ڏنا آهن پر اهي هيل به سدائين جيان اهي سُور سهي ويندا، ڇو ته هو صدين کان انهن سورن جا عادي آهن، هو روئيندا پٽيندا، مجبور ٿيندا پر پوءِ به ھميشه جيان جيئندا. ها پر هيلوڪي بحران گھڻن کي سبق به ته سيکاريا آهن ۽ گهڻن جي منهن تان نقاب به لاٿا آهن.”
سو سائين منهنجا ھن ٻوڏ جيڪا بربادي ڪئي آهي يا اڳيان ٿيندي، تنهن کي پاڻ ان ڪري ڀوڳڻ لاءِ مجبور آهيون جو هي رياست عوام جي رياست آهي ئي ڪانه. پر هن بحران گهٽ ۾ گهٽ پنهنجا پروا پرکي ڏنا آهن ۽ ثابت ٿي ويو آهي ته اڳي پوءِ عوام ئي هڪ ٻئي جو ڀرجهلو ٿي سگهي ٿو، اڳي پوءِ هارين ۽ پورهيتن جو اتحاد ئي سنڌ توڙي ملڪ جي ٻين مظلوم قومن جي واهر جو واحد وسيلو آهي. تنهن ڪري هاڻ وقت اچي ويو آهي، ته پنهنجن ۽ پراون جو سَنڌو ڪري اڳتي وڌجي. هاڻ هتي سوال اهو آهي ته پنهنجا ڪير آهن؟ ته پوءِ اچو انهن کي ڳوليون اهي ڪير آهن ۽ ڪٿي آهن؟
پنهنجا اهي آهن، جيڪي هارين پورهيتن جو اولاد آهن، جيڪي مختلف وطن دوست قومي ۽ طبقاتي جدوجهد وارين پارٽين ۾ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ ٻيا اهي فرد توڙي گروپ جيڪي في الحال ڪنهن پارٽي يا تنظيمي ڍانچي ۾ ته ناهن پر پوءِ به هر ڏکي ويل ۾ پنهنجي وطن ۽ ويڙهيچن سان نڀائڻ لاءِ ميدان ۾ لهي پون ٿا. هن ٻوڏ جو ئي مثال وٺو ته سموري سنڌ سميت سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ ڪير آهن، جيڪي پنهنجي وِت وَس آهر ٻوڏ کان متاثر ٿي لڏ پلاڻ ڪندڙن جي واهر ڪري رهيا آهن. اهي هارين پورهيتن جا پُٽ ۽ ڌيئرون آهن. اهي پاڻ ۾ چندو ڪري متاثرن کي کاڌو، دوائون يا ضرورت جون ڪجھه ٻيون شيون پهچائڻ واري جدوجهد ۾ جُنبيل آهن.
اي سنڌ واسيو!! انهن نوجوانن جي توھان لاءِ اها سار سنڀال ووٽن جي آسري ناهي، پر هو جيئن ته توهان مان آهن، تنهن ڪري توهان جو سُور سمجهي سگهن ٿا. انهن نوجوانن مان ڪيترن جا ڳوٺن ۾ پنهنجا گهر به ڊهي چُڪا آهن، انهن جا پنهنجا مٽ مائٽ به رُلي ويا آهن، تنهن ڪري هو سمجهي سگهن ٿا ته بي گهر ٿيڻ جو سُور ڪيئن هوندو آهي، هو سمجهي سگهن ٿا ته ڪنهن بُخار، پيٽ جي سُور، ڀڳل هڏ يا ڪنهن به ٻي بيماري ۾ علاج نه ٿي سگهڻ جي پيڙا ڇا هوندي آهي. تنهن ڪري اهي ئي توهان جا آهن ۽ هاڻ اوهين به انهن جا ئي ٿيو.
اي سنڌ جا لوڪو!! انهن نوجوانن جون ڳالهيون ڌيان سان ٻُڌو ۽ پوءِ پنهنجي اندر ۾ ويچاريو ۽ فيصلو ڪريو ته اڳيان توهان کي ڇا ڪرڻو آهي؟
اي سُورائتي سنڌ جا اصل وارثئو!! فيصلو توهان کي ڪرڻو آهي ته آئيندي اوهين پنهنجي قومي ۽ عوامي سگھه کي ڪنهن سان ٿا سلهاڙيو؟ انهن حرامخور جاگيردارن سان يا پنهنجن انهن نوجوانن سان، جن نوجوانن جا اوهان جي سار سنڀال ڪندي لُڙڪ به لڙي رهيا آهن، ته درد سان سندن دليون پڻ ٻُڏل آهن. پر پوءِ به هو ميدان ۾ ٻيٺا آهن، همت ڪونه ٿا هارين، هڪلون ڪري سموري ديس مان هڪ ٻئي کي ئي سڏي رهيا آهن ته ٻيلي وارو ڪريو، فلاڻي هنڌ پُڄو.
ياد رکو هي ويل به سمورين بربادين جيان ايئن ئي گُذري ويندي، جيئن هن کان اڳ واريون آفتون گذري ويون. پر جيڪڏهن اسان هن بُحران مان ڪجھه نه سکيو ۽ پنهنجا ڇڏي وري به پراون جي پويان لڳاسين ته اسان جو ايندڙ نسل به ايئن ئي ٻُڏندو، لُڙهندو ۽ بُک ۾ مرندو رهندو، جيئن اڄ اسين ٻُڏي، لُڙهي ۽ بُک مري رهيا آهيون. تنھن ڪري اچو ته هن ڏُک کي پنهنجي پورهيت طبقي جي سگهه ۾ تبديل ڪريون. اچو ته انهن نامراد جاگيردارن ۽ سرمائيدارن کان سدائين لاءِ سڱ ٽوڙي پنهنجا نوان سڱ سڌا ۽ سنوان ڪريون. اهي سڱ جن ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جهڙو جذبو ۽ جوش هجي، اهي سڱ جن ۾ سائين جي ايم سيد جهڙو سنڌو سڀيتا سندو ساءُ هجي، اهي سَڱ جن ۾ شهيد مير مُرتضٰي ڀٽو جهڙي للڪار ۽ پيار هجي، اهي سڱ جن ۾ شهيد بشير خان قريشي جهڙو ڀرجهلي وارو ڀاڪر ۽ نمرتا هجي. سو ٻيلي اچو ته اهڙا نوان سنگ ۽ سڱ جوڙي پنهنجي ديس کي نئين سِر اڏيون ۽ اڳتي وڌون. اچو ته ان نئين سُجاڳي واري پنڌ ۾ مايوسي، نڌڻڪائي ۽ هر پاسي واسو ڪري ويل غير يقيني کي شڪست ڏيئي نئين اميد جو نئون سج اڀاريون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button