آءِ ايم ايف پاڪستان لاءِ نيٺ نئين قرض جي قسط جاري ڪري ڇڏي. هڪ ارب 17 ڪروڙ ڊالر ڪا معمولي رقم ناهي. اهو تمام گهڻو پئسو آهي پر خوف اهو آهي ته اها رقم به ائين لوڻ پاڻي ٿي ويندي، جيئن هن مهل تائين ٿيندي رهي آهي. آءِ ايم ايف هڪ مالي ادارو آهي. هن جو ڪم ئي اهو آهي ته هو دنيا جي ملڪن کي قرض ڏئي ۽ ان تي وياج ڪمائي. پر اهو ادارو پاڪستان جون حالتون ڏسي ان کي قرض جي قسط ڏيڻ لاءِ راضي نه هو. جيتوڻيڪ پاڪستان جي موجوده حڪومت آءِ ايم ايف جا سمورا شرط منظور ڪري ورتا. پر پوءِ به آءِ ايم ايف پاڪستان کي پئسا ڏيڻ لاءِ راضي نه پئي ٿيو. ان حد تائين جو اسان جي آرمي چيف جنرل قمر باجوا آمريڪا کي به چيو ته هو پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري پاڪستان کي قرض جي قسط وٺي ڏئي. ان فون تي به وڏو سياسي گوڙ ٿيو. ڇو ته عمران خان جي اها تنقيد هئي ته اهو ڪم آرمي چيف جو ناهي. ڀلي نه هجي پر جڏهن ملڪ ۾ مال نه هجي ته پوءِ ڇا ڪجي؟ آرمي چيف کي چوڻو پيو. پر آرمي چيف جي چوڻ سان به قرض جي تڪڙي قسط جاري نه ٿي سگهي. پر جڏهن ملڪ ۾ برسات ٻوڏ جي صورت اختيار ڪري وئي ۽ ڪروڙين ماڻهو متاثر ٿيا. جڏهن انهن جون تصويرون ۽ انهن جون وڊيوز عالمي ميڊيا تي هلڻ لڳيون، تڏهن آءِ ايم ايف کي به پنهنجي هٺ تان لهڻو پيو ۽ هن امداد ته نه ڏني پر قرض جي قسط ڏيڻ ۾ وقت نه وڃايو. پاڪستان ان کي ”دير آيد درست آيد“ جيان قبول ڪيو. هن مهل حڪمرانن جي چهرن تي سرهائي آهي ته انهن کي وري قرض ملي ويو آهي. جڏهن ته انهن کي ياد هجڻ گهرجي ته هي قرض پاڪستان جي ڪروڙين ماڻهن پنهنجي جان، مال ۽ گهر گهاٽ جي قرباني ڏئي ورتو آهي.
ان قرض تي حق صرف ۽ صرف ٻوڏ ستايل عوام جو آهي ۽ ٻوڏ ستايلن ۾ سڀ کان وڌيڪ پيڙا سنڌ جي حصي ۾ آئي آهي. سنڌ سڀ کان وڌيڪ سور سهي رهي آهي. ان ڪري قرض جو اهو پئسو حڪمران ڪرپشن ۽ پنهنجين عياشين ۾ هرگز هرگز نه لٽائين. ڇو ته هن مهل تائين پاڪستان جي حڪمرانن جيڪو ڪجهه به ڪيو آهي ۽ انهن جهڙي طرح قرض کڻي ۽ ملڪ کي مقروض بڻائي عياشيون ڪيون آهن، انهن سان ته پاڪستان کي صرف نقصان ئي پهتو آهي. پاڪستان جي حڪمرانن جو حال ان سلسلي ۾ مرزا غالب جي ان شعر جهڙو رهيو آهي:
”قرض ڪي پيتي ٿي مئي، ليڪن سمجهتي ٿي ڪه هان
رنگ لاوي گي هماري فاقه مستي ايڪ دن“
انهن حڪمرانن جي فاقا مستيءَ هن مهل تائين ڪو رنگ نه لاٿو. ابتو پاڪستان معاشي بحران جي علامت بڻجي ويو. هو هڪ اهڙو ملڪ ٿي ويو، جنهن ملڪ کي عالمي مالي ادارا قرض به ڏيڻ لاءِ تيار نه هئا. ڇا ڪوئي ملڪ ان حد تائين مالي بحران جو شڪار ٿي سگهي ٿو. جڏهن ته ان ملڪ جا پنهنجا وسيلا به بهترين هجن ۽ ان ملڪ ۾ ڪا مستقل آفت به نه هجي. پوءِ به جيڪڏهن ملڪ جو اهو حال ٿي وڃي ته پوءِ ان جو صرف ۽ صرف هڪ ئي سبب ٿي سگهي ٿو. اهو سبب آهي بيڊ گورننس!
پاڪستان ۾ سڀ کان خراب شيءَ بري حڪمراني ئي رهي آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پاڪستان ڪرپشن جي حوالي سان هڪ مشهور ملڪ ٿي ويو آهي ۽ جڏهن به ڪرپشن جو شڪار ملڪن جون لسٽون شايع ٿين ٿيون ته پاڪستان جو نمبر هميشه مٿي ايندو رهي ٿو پر ڪرپشن به خراب حڪمرانيءَ جو سبب آهي. جيڪڏهن حڪمراني بهتر هجي ته مجال آهي، ڪنهن کي ڪرپشن ڪري سگهي. پر جڏهن حڪمران رنگيلا هجن. تڏهن قرض مان ته جاوا ٿيندا. تڏهن قرض جو پسئو ته سرعام لٽيو ويندو. پاڪستان کي گهڻي وقت کان وٺي عوامي امداد به نه ملندي رهي آهي. جڏهن ته دنيا ۾ هن مهل به تمام گهڻن ملڪن کي امداد ملي رهي آهي. ڇا پاڪستان ان باري ۾ ڪڏهن سوچيو ۽ ويچاريو آهي ته هن کي امداد ڇو نه ٿي ملي؟ پاڪستان کي امداد صرف ان لاءِ نه ٿي ملي جو دنيا جا امير ملڪ سمجهن ٿا ته انهن جي اماڻيل رقم حقدارن بدران حڪمرانن جي اڪائونٽ ۾ هلي وڃي ٿي. ان ڪري انهن امداد جا در بند ڪري ڇڏيا ۽ الميو اهو آهي ته اڳتي هلي دنيا اسان کي قرض ڏيڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو. ان جو سبب به اهو هو ته اهي ادارا اهو سمجهي رهيا هئا ته بري حڪمرانيءَ سبب پاڪستان ڪڏهن به معاشي بحران مان نڪري نه سگهندو ۽ انهن کي پنهنجو قرض وارو پئسو واپس نه ملندو. پاڪستان انهن کي انهن جي پئسي مان وياج جو حصو ڏئي اهو سلسلو ائين ئي پيو هلائيندو. ان سلسلي ۾ به اهم ڳالهه بري حڪمراني جو حوالو آهي.
پاڪستان ۾ هن مهل تائين حڪمراني بهتر ٿي نه سگهي آهي. ٻيو ته ٺهيو پر هن مهل به پاڪستان بدترين سياسي بحران جو شڪار آهي. ڇو ته ڪجهه مهينا اڳ اقتدار ۾ موجود پارٽي تمام وڏي ۽ مضبوط مخالف ڌر هجڻ جي باوجود به قومي اسيمبليءَ جو مستقل بائيڪاٽ ڪري ويٺي آهي. ملڪ ۾ هڪ تمام وڏي بي يقينيءَ جي صورتحال آهي. اهڙي حال ۾ پاڪستان کي ڪير قرض ڏيندو؟ جڏهن پاڪستان کي قرض ملڻ وارو هجي ۽ اڳوڻو خزاني جو وزير اهڙي فون ڪري، جنهن جي رڪارڊنگ جو پڙلاءُ نه رڳو پاڪستان پر پوري دنيا ۾ گونجي ته پوءِ ان حال ۾ قرض ملڻ جا امڪان ڪيترا نه گهٽجي ويا هئا. پر هن ڀيري مشڪل سان ئي سهي، پاڪستان کي جيڪو قرض مليو آهي، ان ماڻهن جي ڪري مليو آهي. ڇو ته ماڻهو مصيبت ۾ آهن. هاڻي جيڪڏهن اهو قرض حڪمرانن جي شاهه خرچين ۽ خاص طور تي ڪرپشن جي نظر ٿيو ته اهو تمام وڏو الميو هوندو ۽ ان سبب پاڪستان ۾ عوامي بغاوت به پيدا ٿي سگهي ٿي. ڇو ته برسات سٽيل ماڻهن جي امداد هن مهل به حڪمرانن کان وڌيڪ عام ماڻهو ڪري رهيا آهن. انهن کي پنهنجي قوم جو احساس آهي. ان ۾ ڪا به حيرت محسوس نه ڪرڻ گهرجي ته هن مهل تائين ڪنهن به حڪمران پنهنجي ذاتي مال مان هڪ ٽڪو به عوام کي نه ڏنو آهي. عوام تمام گهڻي عذاب ۾ آهي. جڏهن ته محلن ۾ رهندڙ حڪمران ڪرڻ چاهين ته ذاتي طور تي به گهڻو ڪجهه ڪري سگهن ٿا. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته غريب ماڻهو جهڙي تهڙي حال ۾ پنهنجن ڀائرن جي مدد ڪري رهيا آهن پر انهن کان ووٽ وٺڻ وارا حڪمران ۽ سياستدان عوام کي ڪجهه نه ٿا ڏين. ٻيو ته پري رهيو پر تازو سوشل ميڊيا تي فريال ٽالپر جي مڙس ٻوڏ ستايل ماڻهن ۾ جيڪي پنجاهه پنجاهه روپيا ورهايا، ان وڊيو تي جيڪو ردعمل آيو آهي، اهو اسان جي سامهون آهي. پاڪستان ۾ اڳ ڪڏهن به ان قسم جو عوام مٿان عذاب نه آيو آهي ۽ نه وري عوام جو اهڙو ردعمل ميڊيا جي ذريعي ظاهر ٿيو آهي. هن دور جون حالتون هر حوالي سان الڳ آهن. ان ڪري انهن حالتن کي نظر ۾ رکي حڪمرانن کي اهو ڪجهه ڪرڻ گهرجي، جيڪو ملڪ کي ڏچي مان ڪڍي. جيڪڏهن حڪمرانن هن ڀيري به پنهنجي روش تبديل نه ڪئي ته پوءِ پاڪستان تمام وڏي عوامي انارڪيءَ جي ور چڙهي سگهي ٿو. ڇو ته حالتون تمام گهڻيون سنگين آهن. انهن حالتن ۾ ڪا به غلطي ۽ ڪو به گناهه ڪنهن وڏي نقصان جو سبب بڻجي سگهي ٿو.
پاڪستان ۾ جيڪو تاريخي زلزلو آيو هو، ان زلزلي ۾ عوام جي حال تي رحم کائي عالمي امداد جا دروازا کلي ويا هئا پر اها ڳالهه ڪنهن به طرح سان فراموش نه ڪرڻ گهرجي ته ان دور ۾ به ڪرپشن جا تمام گهڻا ڪيس سامهون آيا هئا. ان دور ۾ هڪڙا ڪردار اهڙا به هئا، جن ڪرپشن جي ڪري پنهنجو طبقو تبديل ڪيو. انهن عوام جي پئسي مان پنهنجا محل ۽ ماڙا جوڙيا. ڇا پاڪستان جي تاريخ ۾ اهو عمل ڪنهن به طرح سان وسري سگهندو؟ ڇا اهو ممڪن به آهي ته جڏهن هڪ غيرملڪي خاتون پنهنجي ڳچيءَ مان هيرن جو هار لاهي يوسف رضا گيلانيءَ کي ڏنو هو ته هو ان کي به وڪڻي مظلوم ماڻهن جي مدد ڪري ته اهو هار هن پنهنجي بيگم صاحبه کي تحفي ۾ ڏنو هو. ان هار تي جيڪو اسڪينڊل وجود ۾ آيو هو، ان سان پاڪستان جي اڳ ۾ سخت ستايل ساک تمام گهڻي متاثر ٿي هئي ۽ اها ساک هن مهل تائين بحال ٿي سگهي آهي.
پاڪستان هن مهل نه رڳو ملڪي پر غيرملڪي ميڊيا جي به اک ۾ آهي. ان کان سواءِ هر مهل هر ماڻهوءَ جي هٿ ۾ موبائل فون آهي. ان ڪري ڪا به ڪرپشن لڪي نه سگهندي. ان ڪري حڪمرانن کي هن ڀيري به تمام گهڻو احتياط ڪرڻو پوندو ۽ انهن کي اها ڳالهه يقيني بڻائڻي پوندي ته ڪنهن به طرح سان عالمي امداد ۽ خاص طور تي آءِ ايم ايف مان ملڪ ۾ قرض جي حوالي سان ڪو به ڪرپشن جو عمل نه ٿئي. جيڪڏهن هن ڀيري به ٿيو ته اها پاڪستان جي مدي خارج سياسي سسٽم جي آخري غلطي هوندي. پاڪستان هن مهل اٺ جي اها پٺي بڻجي ويو آهي، جنهن تي هڪ تنڪو به ايترو بار بڻجي سگهي ٿو جو اٺ جي پٺ جواب ڏئي ڇڏي. هن مهل عوام عذاب جو شڪار آهي. عذاب جي هن دور ۾ ڪڏهن به ماڻهن جو سان اها ويڌن نه ڪئي وڃي جو انهن جي حق جو حصو جيڪو اصل ۾ قرض جي صورت ۾ مليو آهي، ان جو ڪرپشن وارو شراب پيتو وڃي. اهڙو عمل ته پنهنجي ملڪ جي ٻچڙن جو خون پيئڻ برابر آهي. هونءَ به اسان جي سياستدانن کي جيڪي ڪرپشن سبب اذيتون ۽ عذاب مليا آهن، هاڻي هو انهن ۾ اضافو نه ڪن ته اهو انهن جي لاءِ به بهتر ٿيندو. اسان کي ته صرف ۽ صرف عوام جو فڪر آهي. اهو عوام جنهن جي سور ۽ تڪليف کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ اسان جي لاءِ ممڪن ناهي.