اهڙو غلط لفظ يا ڳالھه جيڪا غلط هجڻ باوجود علمي ماڻهن ۾ رائج هجي ته ان کي “غلط العام” چيو ويندو آهي. ان مان مراد اهڙي عام غلطي جيڪا سڀني ماڻهن کان استعمال ٿيڻ سبب درست سمجهي ويندي هجي. ڏٺو وڃي ته اسان وٽ ان قسم جون کوڙ ڳالهيون آهن جيڪي غلط هوندي به درست سمجهيون وينديون آهن ۽ انهن کي علمي ۽ مستند ماڻهن پاران مثالن طور پيش به ڪيو ويندو آهي. هتي ڪجھه اهڙين ئي غلط العام ڳالهين کي پيش ڪجي ٿو، جيڪي غلط هوندي به هر ڪنهن وٽ درست سمجهي استعمال ٿي رهيون آهن.
روم جي بادشاهه نيرو لاءِ چيو ويندو آهي ته “روم سڙي رهيو هو ۽ نيرو بانسري پئي وڄائي”، پر اصل حقيقت اها آهي ته سرڪس مئڪسيمس Circus Maximus ۾ باهه ڀڙڪي پئي، جيڪا تيزيءَ سان سڄي شهر ۾ پکڙجي وئي. روم ۾ نَون (9) ڏينهن تائين باهه ٻرندي رهي ۽ شهر جو ٻه ڀاڱي ٽي حصو سڙي ويو. مزي جي ڳالھه اها آهي ته جنهن وقت روم ۾ باهه ڀڙڪي ته ان وقت نيرو روم شهر کان ٽيٽيھه ميل پري ائنٽيم Antium) ) هاڻوڪو انزيو Anzio) ) ۾ موجود هو. نيرو کي جيئنَ ئي باهه لڳڻ جي خبر پئي ته هو تيزيءَ سان گاديءَ جي شهر روم ڏانهن آيو ۽ باهه کي روڪڻ ۽ باهه متاثر ماڻهن کي سهولتون ڏيڻ جي ڪمن جي نگرانيءَ ۾ لڳي ويو ۽ بعد ۾ هو روم شهر کي ٻيهر نئين سر جوڙائڻ واري ڪم ۾ لڳي ويو.
گهڻن سالن کانپوءِ اهو هُلايو ويو ته “جنهن وقت روم سڙيو پئي ته نيرو پنهنجي محل جي ڇت تي ويهي بانسري پئي وڄائي.” هيءَ ڪُوڙ شايد نيرو جي مخالفن يا ساڙ ڪندڙن پکيڙيو هو.
اولھه وارا اهو به چوندا آهن ته “ڪرسٽوفر ڪولمبس اهو پهريون شخص هو جنهن 1492ع ۾ ائٽلانٽڪ سمنڊ پار ڪري ‘نئين دنيا’ ڳولي لڌي.” نئين دنيا (آمريڪا) ڳولڻ جي ابتڙ حقيقت اها آهي ته اتي صدين کان وٺي اصلوڪا ماڻهو رهندڙ هئا. مضبوط شاهدين موجب وائيڪنگز Vikings ڏهين صديءَ ۾ ڪئناڊا پهتا هئا. اهي به پختيون شاهديون آهن ته مسلمان خلاصين ڪولمبس کان گهڻو اڳ ائٽلانٽڪ سمنڊ پار ڪيو ۽ اتر آمريڪا ۽ لاطيني آمريڪا پهتا. عظيم جاگرافيدان ۽ تاريخدان المسعودي Al-Masoodi بيان ڪيو آهي ته 889ع ۾ مسلم ابيريا کان هڪ سامونڊي سفر شروع ٿيو جيڪو ڊيلبا جي بندر (هي اهو ئي بندر آهي جتان صديون پوءِ ڪولمبس به روانو ٿيو هو) کان روانو ٿيو ۽ نئين دنيا سان واپار ڪري واپس ٿيو. المسعودي جو دنيا جو نقشو ائٽلانٽڪ کان پريان هڪ “نئين ڌرتي” کي پڻ شامل ڪري ٿو. هڪ ٻيو بيان الادريسي Al-Idrisi کان پيش ڪيل آهي جنهن لکيو آهي ته “مسلمان خلاصين جي هڪ جتي ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ 31 ڏينهن سفر ڪيو ۽ هڪ اڻڄاتل ٻيٽ تي پهتا. انهن کي اتان جي مقامي رهواسين قيد ڪري ورتو، پر ڀاڳن سان اتان جو هڪ رهواسي عربي ٻولي ڄاڻيندو هو جنهن ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ ٽياڪڙي ڪري مسلمانن جي آزاديءَ جو بندوبست ڪيو. ان ريت اهو جٿو واپار پورو ڪري حفاظت سان واپس موٽيو.
ائٽلانٽڪ پار ڪرڻ واري آخري خبر اولھه آفريڪا جي مسلمان رياست مالي Mali کان آيل آهي. ابن بطوطه کي ٻڌايو ويو هو ته “ان نئين دنيا کي ڳولڻ لاءِ مالي کان ٻه سئو ٻيڙا آفريڪي بندر کان روانا ٿيا هئا. انهن ٻه سئو ٻيڙن مان فقط هڪ ٻيڙو واپس وريو هو. جن ۾ موجود خلاصين اهو ٻڌايو ته انهن سمنڊ پار هڪ نئين ڌرتي ڳولي لڌي هئي، پر هڪ وڏي طوفان سبب کين واپس ورڻو پيو. مالي جي بادشاهه منشا ابوبڪر Mansa Abu Bakar ٻه هزار ٻيڙا تيار ڪرايا ۽ ائٽلانٽڪ جي سفر تي روانو ٿيو پر ڪڏهن به واپس نه موٽي سگهيو.”
مٿين بيانن مان اها ڄاڻ ملي ٿي ته ڪرسٽوفر ڪولمبس کان گهڻو اڳ ئي نئين ڌرتي (آمريڪا، ڪئناڊا، لاطيني آمريڪا) ڳولجي چڪي هئي. پر لڳي ائين ٿو ته يورپ وارن کي عرب ڪتابن پڙهڻ جو يا انهن واقعن جي ڄاڻ ملڻ جو موقعو نه ملي سگهيو هو ۽ هنن ڪولمبس کي سڀ کان اڳ ائٽلانٽڪ پار ڪندڙ ۽ نئين دنيا ڳوليندڙ قرار ڏئي ڇڏيو. يا وري کين خبر ته هئي پر عوام اندر يورپي برتري ڄاڻائڻ سبب هنن اڳ وارن سفرن ۽ دريافتن کي لڪائي رکيو.
نيوٽن جي ڪششِ ثقل واري قانون Law Of Gravity لاءِ اهو چيو ويندو آهي ته نيوٽن صوف جي وڻ هيٺان ستل هو ۽ صوف سندس مٿي تي اچي ڪريو. هن جي ننڊ ڦٽي وئي ۽ هن سوچيو ته صوف هيٺ ڇو ڪريو.
هيءَ ڳالھه مڪمل غلط آهي. آئزڪ نيوٽن فقط اهو چيو هو ته هن صوف کي هيٺ ڪرندو ڏسي اهو سوچيو هو ته هر شيءِ زمين طرف ڇو ٿي ڪِري. نيوٽن جي انهن لفظن کي بعد ۾ ڦيرائي حقيقت کي موڙيو ويو ۽ اڄ اصل ڳالهھ بدران هر ڪو غلط ۽ هٿ ٺوڪي ڳالھه کي مڃي ويٺو آهي.
تاج محل جي نسبت سان اها ڳالھه مشهور آهي ته شاهجان تاج محل ٺهرائڻ کانپوءِ ان جي تعمير ۾ حصو وٺندڙ سمورن ڪاريگرن ۽ مزدورن جا هٿ ڪپرائي ڇڏيا هئا ته جيئن اهڙو شاهڪار وري اڏاوت نه ٿي سگهي. جڏهن ته تاريخي حوالن ۾ اهڙي ڪا به ڳالھه سامهون نه ٿي اچي. ان بدران اهو رڪارڊ ملي ٿو ته شاهجهان ڪاريگرن جي رهائش ۽ آرام لاءِ هڪ وسيع “تاج گنج” جوڙايو هو جيڪا عمارت اڃا به موجود آهي. اتان اها خبر پوي ٿي ته هٿن ڪپرائڻ واري ڳالهھ فقط ڏند ڪٿا ئي آهي. جنهن کي گهڻي ڀاڱي تاج محل جي اڏاوت جي شاهڪار هجڻ ۽ ان جي عظمت کي مٿي کڻڻ واري عنصر طور پکيڙيو ويو هو.
پاڻ جڏهن پرائمري اسڪول ۾ پڙهندا هئاسين ته سنڌي ڪتاب جي هڪ سبق ۾ اهو لکيل هوندو هو ته ديوارِ چين کي چنڊ تان به ڏسي سگهجي ٿو. پر جڏهن چين وارن علم ۽ سائنس ۾ ميدان ماريو ته هنن اها درستگي ڪئي ته ديوارِ چين چنڊ تان ڏسڻ ۾ ناهي ايندي، جڏهن ته خلا مان به ديوارِ چين هلڪين لڪيرن طور محسوس ٿيندي آهي.
جاپان، چين ۽ هندوستان جي شهنشاهن ۽ بادشاهن لاءِ سندن عوام ۾ اهو تاثر ويهاريل هو ۽ اهي ڳالهيون عام ڪيل هيون ته هي شهنشاهه/بادشاهه خدائي/ديوتائن جي نسل منجهان آهي ۽ خدا پاران مقرر ڪيل آهي جنهن جي ڪنهن به حڪم خلاف وڃڻ گناهه آهي. صدين تائين اها سوچ رهندي آئي ته جيئن ته هي بادشاهه خدا پاران چونڊيل آهي، ان ڪري ان خلاف وڃڻ جو تصور ڪرڻ ئي گناهه آهي. پر جيئن علم وڌيو ۽ بادشاهن جون طاقتون گهٽيون ۽ ٻين بادشاهن پاران شڪستون کائي تخت کان پري ٿيا ته عوام جي ذهنن مان به خدائي نسل ۽ خدائي نمائندا هجڻ وارو خيال دم ٽوڙڻ لڳو ۽ ان ريت اها پکڙيل غلط العام واري ڳالھه صديون گذرڻ کانپوءِ غلط ثابت ٿي دم ٽوڙي وئي.
عام طور تي فلمن ۾ ڪنهن کي بيهوش ڪرڻ وارن منظرن ۾ اهو ڏيکاريو ويندو آهي ته ڪلوروفارم ان جي نڪ تي رکڻ سان اهو ماڻهو پنجن يا اٺن سيڪنڊن ۾ بيهوش ٿي وڃي ٿو. جڏهن ته حقيقت ائين ناهي، حقيقت ۾ ڪلوروفارم جو استعمال ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڪنهن به شخص کي بيهوش ٿيڻ ۾ ڇھه کان اٺ منٽ لڳي سگهن ٿا. پر عام ماڻهن منجهھ فلمي منظرن واري اثر سبب ڪلوروفارم جو اثر پنج يا اٺ سيڪنڊ مڃيل آهي جيڪو سراسر غلط آهي.
هيءَ ڪجھه اهي غلط العام ڳالهيون آهن جن کي ايڏو ته مشهور ڪيو ويو آهي جو هاڻي انهن کي ڪوڙو قرار ڏئي اصل حقيقتن کي مڃرائي سگهڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم بڻجي ويو آهي. ان مان اهو به سبق ملي ٿو ته هيڏين وڏين شخصيتن بابت اهڙا ڪوڙ مشهور ڪرڻ ايترا سولا هجن ته تاريخ ۾ ٻين حقيقتن ۽ سچائين سان ڪيڏي نه هيراڦيري ڪئي وئي هوندي.
هي دور سائنسي، فني ۽ فڪري دور آهي. هن جديد دور ۾ به اهڙين غلط العام ڳالهين جو رائج هئڻ انتهائي ڏکوئيندڙ ڳالھه آهي. ان ڪري جيترو ممڪن ٿي سگهي ته ايترو جلد هر غلط ڳالهھ کي ڪوڙو قرار ڏئي درستگي ڪجي ته جيئن درست ۽ مستند ڳالھه ئي قائم رهي ۽ ايندڙ نسلن جي اهڙين غلط ڳالهين مان جند ڇٽل هجي.