سنڌ ۾ ٻوڏ جي صورتحال کانپو ماڻهن جي ڀوڳنائن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. دادو ضلعي ۾ خيرپورناٿن شهر ۽ تعلقو مڪمل پاڻي هيٺ اچي ويو آهي. ان خيرپور ناٿن شاهه کي ٻيو دفعو ٻوڙيو ويو آهي. اهو ڪنهن ٻوڙيو آهي. ان تي گهڻا تفصيل خيرپوناٿن شاهه جا صحافي دوست مسلسل رپورٽ به ڪندا آيا آهن. صحافي دوست عابد ٻٻر لکيو ته بند ٻڌڻ لا واپارين ۽ شهرين 25 لک به گڏ ڪيا هئا. مونکي اي جي پي جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ لال شاهه ٻڌايو ته واپارين هڪ ڪروڙ وڌيڪ جمع ڪرڻ لا حامي پڻ ڀري هئي، شهر کي بچائڻ لا بند ٻڌڻ لا مشينون به طلب ڪيون پئي ويون پر مشينن جي ٺيڪيدارن ڪنهن دٻا تحت اچڻ کان جواب ڏنو، پوليس به کين روڪيندي رهي. جنهن بعد بند ٽٽندا ويا ۽ شهر ٻڏندو ويو. اهي بند رڳو هڪ شهر نه دلين جا به هئا، جيڪي پاڻي وانگر ٽٽي ويا ۽ شهر ۾ ڪوهه سليمان کان آيل پاڻي ماڻهن جي گهرن ۾ داخل ٿي ويو،
شهري شهر کي ٻڏڻ جو خطرو محسوس ڪندي اڳ ۾ ئي شهر کي موڪلائي محفوظ هنڌ ڏانهن وڃڻ شروع ٿي چڪا هئا. خيرپورناٿن شاهه مان لڏپلاڻ ڪندڙ فيمليز گهڻي ڀاًڱي ڪراچي، حيدرآباد، ڪوٽڙي ۽ ڄامشورو جي ڪيمپن ۾ پناهه ورتي آهي، هنن ڪيمپن تي لکڻ کان اڳ ۾ خيرپورناٿن جي پاڻي واري صورتحال کي ڏسجي ته ڪامورن ۽ آبپاشي کاتي جي عملدان وقت تي پاڻي نيڪال نه ڪيو، جن کي ايم اين وي کان مٿي ڪٽ هڻي منڇر ۾ پاڻي پهچائڻو هو. جيتوڻيڪ جوهي ۽ ميهڙ کي رنگ بند ڏنا ويا آهن. جيڪي خطري باوجود ٻڏڻ کان بچي ويا آهن. دادو ضلعي کي قبو سعيد خان، ڪچي پل، بولان، ڪوهه سليمان ۽ کير ٿر جو پاڻي اچي ٻوڙي رهيو آهي، هن پاڻي کي پنهنجي منزل ملي ها ۽ خيرپور ناٿن شاهه کي مضبوط بند ٻڌا وڃن ها ته شهر جو پاڻي سان خراب حشر نه ٿئي ها. لال شاهه ٻڌايو پئي ته هي منصوبابندي وارو فلڊ آهي. جنهن کي مها ٻوڏ چئي رهيا آهن. ٻوڏ کان بچڻ لا مهينو اڳ ۾ اپا ورتا وڃن ها ۽ بندن جي نگراني ڪئي وڃي ها ته خيرپورناٿن شاهه تعلقو ۽ ٻيا ڳوٺ ٻڏڻ کان بچي وڃن ها. جڏهن ته ڪي اين شاهه جي آبادي هڪ لک ۽ تعلقي جي آبادي اڍائي 2 لک جي لڳ ڀڳ ٻڌائي وئي آهي. 2010 جي ٻوڏ دوران بحالي لا شهرين پنهنجي مدد پاڻ تحت گهرن کي بحال ڪرڻ شروع ڪيو هو. ٻهرڙايون مڪمل تباهه ٿي ويون هيون. هاڻي به شهر جي ٻڏڻ کانپو شهر جي بحالي ۽ عوام کي محفوظ هنڌ تي پهچائڻ ئي اهم ڪم هوندو. شهر ۾ جيڪو پاڻي داخل ٿيو آهي. ان ساڳئي رستي تائين پاڻي واپس موٽڻو آهي. جنهن لا شهرين اڳ ۾ به ڪميٽيز جوڙيون هيون. ايڊووڪيٽ لال شاهه ۽ ايڊووڪيٽ نثار احمد چانڊيو ٻڌايو پئي ته 2010 جي ٻوڏ دوران ڀيانڪ منظر هئا. واپسي وقت گهر ۾ نانگ، بلائون، مڇر ئي گهر ۾ ڏسڻ لا مليا پئي. ان وقت ماڻهن جي جلد واپسي ٿي هئي. مختلف هنڌن تان ڪٽ هڻي ۽ پاڻي شهر ۾ داخل ڪرڻ جي شڪايتن جو اڃا تائين حڪمرانن نوٽيس نه ورتو آهي. خيرپوناٿن شاهه جي ماڻهن جي ڪاوڙ پنهنجي ئي ضلعي جي چونڊيل نمائندن ۽ ڪامورن تي وڌيڪ آئي آهي. جيڪي اهڙي صورتحال ۾ شهرين کي پاڻي ۾ ٻوڙي گم ٿي ويا، اهي شهر کي ٻوڙڻ جو الزام به هنن ڪامورن تي هڻي رهيا آهن. ان غصي جو اّظهار ريليف ڪيمپز تي به ڏسڻ لا ملي رهيو آهي.
ريليف ڪيمپز جي صورتحال:
حيدرآباد ۾ خيرپوناٿن شاهه سميت مختلف شهرن ۽ ڳوٺ مان ٻوڏ متاثرن جي آمد جو سلسلو جاري آهي. جتي حڪومت طرفان 60 کان وڌيڪ سرڪاري ۽ غيرسرڪاري هنڌن تي ريليف ڪيمپس لڳايون ويون آهن، ريليف ڪيمپ تي جتي سرندي وارا هر سهولتن ڏيڻ لا جتن ڪن ٿا اتي ضلعي انتظاميه به ٻن وقتن جي ماني ۽ ٻيون ضرورت جون شيون عوام تائين پهچائڻ جي ڪوشش ۾ آهي، هن وقت ڪيمپن تي پهتل عورتن ۽ ٻارڙن جي حالت خراب ٿيندي نظر اچي رهي آهي، ڪيمپن تي پيئڻ جو پاڻي وڏو مسئلو آهي، حيدرآباد جي شهرين کي ئي پيئڻ جو پاڻي نٿو ملي، اتي وري ٻوڏ متاثر ماڻهن لا پيئڻ جو صاف پاڻي اچڻ ڪنهن غنيمت کان گهٽ نه هوندو، ٻيو ته سينيٽريشن جو مسئلو پڻ موجود آهي. خاص طور تي عورتن کي تڪليف مان گذرڻو پئي پيو. اسڪولن ۽ روڊن تي قائم ڪيمپن تي ڪٿي به واش روم جي سهولت ناهي. اهڙي صورتحال ۾ بيمارين جي ڦهلجڻ جو خطرو وڌي ويو آهي. ريليف ڪيمپن تي ايندڙ ماڻهن جي سيڪيورٽي به اهميت رکي ٿي. جتي پوليس کي الرٽ رکڻ ئي پهرين ترجيح ۾ شامل هجڻ گهرجي. نه ته ٻهراڙين مان ايندڙ ماڻهن کي مافياز ۽ ڊرگ مافياز جا ماڻهو آساني سان ٽارگيٽ بڻائي سگهن ٿا. ان لا هڪ سيڪيورٽي جو ميڪنزم جوڙڻ ضروري آهي. 2010 جي ٻوڏ جا تجربا نظير چانڊيو به ٻڌائيندو رهندو آهي. خيرپوناٿن شهر ۾ نظير جي اوطاق به پاڻي هيٺ اچي وئي آهي. جنهن اوطاق تي صحافين، کاٻي ڌر ۽ شاگرد اڳواڻن جي آمد تي هڪ پروفائيل به لکي سگهجي ٿو. جتي جڙيل سائين ۽ ٻين سان وڏين ڪچهرين جو سلسلو جڙيل رهي ٿو. ايڊووڪيٽ نثار احمد ۽ نظير به شهر کي ٻڏندي نه ڏسي سگهيا هوندا، نثار مونکي هن شهر جا روڊ ۽ رستا به گهمايا هئا، شهر جي ٻاهران روڊ وٽ خيرپورناٿن شاهه جي شهيدن جي نالن وارو باب به ڏيکاريو هو. جتي نڪتل فوٽو اڄ به محفوظ آهن.
ناٿن شاهه جي مزار به گهمي هئي. نثار احمد خيرپور ناٿن جي ماڻهن ۽ اتي لڳندڙ ميلي ۽ لوڪ ڏاهپ جا وڏا قصا ٻڌائيندو آهي. هي خيرپوناٿن شاهه ۽ اتي جي شهر جي انسائڪلوپيڊيا به آهي. هن شهر جي ٻيو ڀيرو ٻڏڻ تي ڪيترائي سوال به جنم وٺندا. نثار ٻڌايو هو ته 2010 ۾ پاڻي جڏهن گهر ۾ داخل ٿيڻ شروع ٿيو هو ته هڪ قيامت جو منظر هو. هيليڪاپٽر تي جڏهن ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو پئي ويو ته هڪ گهر مان نينگر اڪيلو رهجي ويو. جنهن پاڻ کي ريسڪيو ڪرائڻ لا گهر ۾ پيل دونالي بندوق سان فائر ڪري ريسڪيو ٽيمن جو پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪرايو هو، جنهن کي وري هيليڪاپٽر اچي ريسڪيو ڪري ويو هو. خيرپوناٿن شاهه ۾ آثم ناٿن شاهي به ان وقت ريسيڪو ٿي حيدرآباد پهتو هو، هو ننڍي قد جو هجڻ ۽ معذور هوندي به ڀلوڙ شاعر هو، هن سان گڏ سندس پيرسن امڙ به ريسڪيو ٿي ڪوٽڙي جي ريليف ڪيمپ تي پهتي هئي، جنهن جي پوتي جي پلئو ۾ ٻڌل 500 سئو روپين جو نوٽ ڪنهن کڻي چوري ڪيو هو. اهو درد آثم هر وقت ٻڌائيندو هو. هنن جي ڪل ملڪيت ئي اها هئي، جيڪا چوري ٿي وئي. هڪ ٻڍڙي عورت جو گهر ۾ هٿ جون ٺاهيل سيون رهجي ويون هيون، جيڪا هليڪاپٽر جي عملي کي ايلاز ڪري رهي هئي ته واپس هلون منهنجو سيون کڻي ڏيو. اهو قصو به مونکي نثار ٻڌايو هو. ان وقت خيرپورناٿن شاهه جي ماڻهن جي مدد لا ٻن دوستن ڪراچي ۾ سامان سان ڀريل مزدا ۽ گلوڪار ارشد محمود پاڻ پهچي ماڻهن ۾ روڪ رقم ورهائي هئي. خيرپوناٿن شاهه جو پاڻي هڪ زمين تي آهي، ٻيو اتان دربدر ٿيل ماڻهن جي اکين ۾ آهي، ٻئي پاڻي نفرت جو باعث بڻيا آهن. جيڪا نفرت شهر کي پنهنجي حسناڪي موٽائي به ڏيندي.