ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ ۾ ٻوڏ آبپاشي وارن جي عيد

Editorial-Article-Dastgir Bhatti

جيتوڻيڪ مينھوڳي واري مند ۾ سوا مھيني کان ھلندڙ وڏ ڦڙن وسڪارن ڪارڻ سڄي پاڪستان ۾ ايڏي وڏي ٻوڏ ڏھن پندرهن سالن کان پوءِ مس ايندي آهي پر ھيل سنڌونديءَ ۾ برسات جو پاڻي داخل ٿيڻ سبب درياهھ شاھه جي ٻوڙ ٻوڙان کان اڳ ۾ جيڪا بي مثال بربادي ٿي چڪي آهي، ان جو مکيه سبب ڪرپشن ۽ فقط ڪرپشن آهي. اھڙي تباھي سنڌو درياهه جي 2010ع واري مھاٻوڏ کانپوءِ 2011ع ۾ جيڪا برساتي ٻوڏ آئي ان ۾ رڳو لاڙ جي ماڻهن خاص ڪري بدين ضلعي وارن کي گھڻي کان گھڻو نقصان رسيو ھو. 2010ع واري مھاٻوڏ ته سنڌ جي ذري گهٽ سمورن شھرن ۽ ڳوٺن کي برباد ڪري ڇڏيو هو. ماڻهن جي گھرن، ٻنين ۽ فصلن کي ڪاپاري ڌڪ لڳو ڇاڪاڻ ته آبپاشي کاتي جي عملدارن تڏھوڪي وفاقي وزير خورشيد شاھه ۽ سينيٽر اسلام دين شيخ جي ڪرن شگر ملز ۽ زمينون بچائڻ خاطر انگريزن جي ٺاهيل سيلابي لنگھه علي واھڻ وٽان درياھه کي ڪٽ ھڻڻ بدران ڪشمير ۽ شڪارپور لڳ ٽوڙي بند کي ناجائز نموني ڪٽ ھڻي خيرپور ناٿن شاهه کان وٺي ٺٽي ضلعي جي ڪوٽ عالمو تائين تباھي پکيڙي ڇڏي ھئي. دنيا جي ڪنهن به مھذب ملڪ ۾ اھڙي لاقانونيت ذريعي لکين ماڻهن کي بي گهر ۽ دربدر ڪيو وڃي ھا ته اعليٰ عدالتون ان تي ھڪدم ڪارروائي ڪري آبپاشي کاتي جي ڏوھاري آفيسرن کي سخت سزائون ڏين ھا پر ھتي اسان جي حڪمرانن انھن وڏن وڏن آفيسرن ۽ انجنيئرن کي پروموشن ڏيئي وڏو مان ڏنو. سپريم ڪورٽ جي فل بينچ پاران کين سزا ڏيڻ واري آرڊر کي سنڌ جي حاڪمن ٿڏي ڇڏيو. ان وقت کان وٺي نه آبپاشي کاتي جو ڪوبه وزير مقرر ڪيو ويو ۽ 8 سالن تائين ھي کاتو به وزارت داخله، فنانس ۽ ھوم ڊپارٽمينٽ وانگر وڏي وزير مراد علي شاهه وٽ رھيو. بعد ۾ جڏهن ڪورٽن ۾ ھلندڙ مقدمن لاءِ وزير آبپاشي کي بار بار طلب ڪيو ويو ته رڳو حاضري ڀرڻ خاطر ڪڏهن سھيل انور سيال ته ڪڏهن ڄام خان شوري کي نالي ماتر وزير بڻايو ويو جڏهن ته اصل پاور نوابشاھه ضلعي سان واسطو رکندڙ ۽ ٺٽي ضلعي جي سامونڊي پٽيءَ واري تڪ تان ايم پي اي بڻيل شخص حوالي ڪيا ويا جنهن آبپاشي کاتي ۾ ڪرپشن جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا ۽ نتيجي طور سنڌو درياهه جي ٻوڏ اچڻ بنا سڄي سنڌ برباد ۽ ڀڙڀانگ ٿي ويئي. اڄ به ھيترا شهر ۽ ڳوٺ ٻڏڻ کان پوءِ تمام گهڻن ضلعن ۾ اڃا تائين ٻوڏ اچڻ جي ڊپ وچان سنڌي ماڻهن ۾ حد کان وڌيڪ پريشاني ۽ خوف پيدا ٿي چڪو آهي جنهن سندن سک ڦٽائي ڇڏيو آهي. ڪيترن ھنڌن تي اڄ به بکيا ۽ انگ اگهاڙا انسان امداد جي آسري ۾ ڦٿڪن پيا پر حڪمران پارٽيءَ جي وڏيرن سردارن ۽ ڀوتارن امداد طور مليل کاڌ خوراڪ جون ضروري شيون، سڪل کير جا دٻا، بسڪوٽن جا پاڪيٽ، مڇر دانيون، ٽينٽ يعني تنبو ۽ طولان سندن پراڻي عادت مطابق پنهنجن گودامن ۽ ڪارخانن ۾ لڪائي غريبن سان نه رڳو ظلم ڪيو آهي پر انھن مظلومن جي اذيتن ۾ واڌارو ڪيو اٿن.
منهنجو ارادو ھو ته اڄوڪو ڪالم فقط ھاڻوڪي ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن جي اصل ذميوار ادارن ۽ شخصيتن کي پڌرو ڪندس پر ڪالم لکڻ ويٺس ته سامھون ٽي وي چئنلز تان عمران خان پاران خاتون جج صاحبه زيبا چوڌري خلاف گستاخي ڪرڻ وارو اسلام آباد ھائيڪورٽ ۾ ھلندڙ فيصلو ٻڌايو ويو. چيف جسٽس اطهر من الله صاحب کي اميد هئي ته ضدي ۽ ھٺيلو عمران خان سندس پنهنجي وڪيل حامد خان جي راءِ جو احترام ڪندي، عدالتي بيعزتي ڪرڻ واري ڏوھه کي قبولي لکت ۾ معافي وٺندو پر عمران خان پنهنجي ضد ۽ ھٺ تان چرڻ لاءِ تيار نه هو. نيٺ اسلام آباد ھائيڪورٽ کيس ھڪ ھفتي جي مھلت ڏني ته ھاڻي چڱي طرح سوچي سمجھي لکت ۾ سيپٽمبر جي اٺين تاريخ تي جواب داخل ڪر نه ته سخت فيصلو ڏينداسين. جيئن ئي عمران خان، سندس وڪيل توڙي سرڪاري اٽارني عدالت کان ٻاهر نڪتا ته انتظار ۾ بيٺل ميڊيا جي نمائندن قانوني ماهرن کان سوال پڇڻ شروع ڪيا. جواب ۾ ڪن سينثئر قانوندانن مھلت ڏيڻ واري فيصلي تي سخت ٽيڪا ٽپڻي ڪئي. ھنن چيو ته عدالت جي بي حرمتي عيوض وقت جي وزيراعظم يوسف رضا گيلانيءَ کان وٺي جھانگير ترين ۽ دانيال عزيز جھڙن سياسي اڳواڻن کي نا اهل قرار ڏنو ويو هو. حيرت آهي ته عدالت ھن ڪيس ۾ ججن جو احترام ڪرڻ کان انڪار ڪندڙ عمران خان کي مھلت وسيلي ڍر ڏيئي ڇڏي آهي. ھنن انھيءَ ڇوٽ ڏيڻ واري فيصلي تي تنقيد ڪندي چيو ته جڏھن سپريم ڪورٽ جا ٽي وڏا تاريخي فيصلا ججن جي سامھون ھئا ته پوءِ اڄ انهن فيصلن کي ڇو لتاڙيو ويو؟ سوشل ميڊيا تي ڏٺو ته عمران خان جو حمايتي لڏو ھن مھلت کي ساراهي ٿو ۽ سندس مخالف توڙي بي ريا ماڻهن لکيو آهي ته هيءَ ته اسلام آباد واري عدالت جو پسند ۽ ناپسند وارو طور طريقو آهي. شايد جج صاحب ٽيليٿون ذريعي وڏي خيرات گڏ ڪرڻ واري عمران خان جي مقبوليت کان متاثر ٿيو آهي. ھونئن اھا حقيقت آھي ته ڪرڪيٽ جو ھيرو خيرات پنڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي.
ھاڻي واپس اچون ٿا کنڊرن کان به گهڻي تباھي جي انھن حقيقتن تي جيڪي ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر مان سوشل ميڊيا وسيلي اسان تائين پهتا ۽ جن ۾ ٻچڙن ۽ نياڻين جا لاش ڏسي منهنجو ته ھان ڏري ويو آهي. اھڙيون ھان ڏاريندڙ ويڊيوز 2010ع واري مھاٻوڏ ۽ 2011ع ۾ ٿيل برساتن سبب نقصان مھل اسان ڪونه ڏٺيون. ھاڻي ته ھرھڪ گھر جي ڏکن ۽ ڏولاون جو ڌار ڌار داستان قلمبند ڪري سنڌ جا سچا ليکڪ ۽ انسان دوست اديب ناول لکي سگهن ٿا ۽ قومي شاعر موھن جي دڙي کان به وڌيڪ کنڊرايل پنهنجي ڌرتيءَ ماءُ جي ڏکن سورن ۽ اذيتن بابت جاندار ۽ شاندار شاعري ڪري لافاني ڪلام ٺاھي سگھن ٿا جيڪي اسان جي ايندڙ نسلن کي تباهيءَ جي ھن دور بابت آگاهي ڏيندا رهندا.
ايتري قدر ھن تازي ٻوڏ جي حقيقت بابت ماڻهن کي ڄاڻ ملي ويئي آهي ته ھي ڪا قدرتي آفت نه آهي پر اريگيشن ڊپارٽمينٽ جي ڪامورن پاران پيپلزپارٽي جي گذريل چوڏھن سالا راڄ ۾ ڪيل رڪارڊ ٽوڙ ڦرلٽ جو نتيجو آهي. سنڌ جو آبپاشي کاتو زرداري صاحب پنهنجي جنهن خاص ساٿاريءَ حوالي ڪيو آهي اھو واھن، شاخن ۽ ڪئنالن جي کاٽيءَ جا اربين روپيا ھر سال ڪوڙن بلن ذريعي فنانس ڊپارٽمينٽ مان ڪڍرائي ڪجھه ڄاتل سڃاتل ۽ اڻ ڄاتل پرڏيهي بئنڪ اڪائونٽس ۾ اماڻي ڇڏيندو آهي. رڳو ڪاغذن ۾ ڪم ڏيکاريو ويندو آهي ۽ ٺيڪا به پنهنجن ڪاغذي ٺيڪيدارن کي ڏيندو آھي. انگريزن سنڌ اندر ڏيڍ سئو سال اڳ سکر بئراج جي اڏاوت ڪرائي جيڪو سائنسي اصولن موجب آبپاشي سرشتو ٺاهي ڏنو هو ان کي ھن رشوتخور مافيا فقط چوڏھن سالن جي عرصي ۾ اڏوهي وانگر کائي کوکلو ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ کي وڏ ڦڙن وسڪارن رڳو 30 سيڪڙو نقصان رسايو آهي ۽ باقي 70 سيڪڙو نقصان ۽ ھي بي مثال تباهي اريگيشن ڊپارٽمينٽ جي حرامخوريءَ جو نتيجو آهي. اريگيشن جو عملو بيلدارن کان وٺي چيف انجنيئرن تائين دنيا جي ڪرپٽ ترين فردن جو ڪٺ آهي. اربين کربين رپين جا ڪاغذي ٺيڪا ڏيئي ٽينڊر جي رقم مان 20 سيڪڙو ڪاغذي ٺيڪيدار جي حوالي ڪري باقي 80 سيڪڙو رقم آفيسرن ۽ انجنيئرن کان ڦرندي ڦرندي نوابشاهه واري گھوسٽ منسٽر ۽ ٺٽي ضلعي مان صوبائي اسيمبلي ميمبر بڻيل شخصيت وٽ پهچندي رھي آھي. سکر بيراج جي حالت ته پاڻ به اکين سان ڏٺي آهي. 15 سالن ۾ واهن تي ۽ بندن تي هڪ ٽڪي جو به ڪم ڪونه ٿيو آهي. واھن ۽ شاخن جي کاٽي به ويچارا ننڍا آبادگار ۽ زميندار پاڻ ۾ چندو گڏ ڪري ڪرائيندا آهن ۽ ڪٿي گهارو پئجي ويندو آهي ته اهو به ٻڏندڙ ماڻهو پاڻ ڪوڏرون وهائي يا مشينن جا ڳرا خرچ برداشت ڪري بند ڪرائيندا آهن. روھڙي ڪئنال، ڦليلي ڪئنال اڪرم واھه، رائيس ڪئنال، جمڙائو ۽ مٺڙائو واھن جي پاڻيءَ جي ورهاست “جيڪو ڏاڍو سو گابو” جي اصول تحت ٿيندي آهي. پاڻيءَ جي بي ايماني واري ورھاست جو ذمو پنجاب تي وجھي اسان جا ڏسڻا وائسڻا ليکڪ ۽ قوم پرست اڳواڻ اصل چورن جو ڍڪ ڍڪيندا رھندا آھن. آباديءَ لاءِ پاڻي نه ملڻ سبب گهڻو ماڻهو هڪ ٻئي سان جهيڙا ڪري يا ته مريو وڃن يا زخمي ٿين. ٻوڙيندڙ يا سڪائيندڙ ايريگيشن کاتي جي آفيسرن جو انهن دردناڪ جھيڙن سان ڪوبه واسطو ئي نه هوندو آهي. ها البت انهن کي ٻنهي پاسن کان يعني ٻڏندڙن کان به ته مئلن کي غسل ڏيڻ لاءِ پاڻي پنندڙن کان به رشوت لازمي اوڳاڙڻي هوندي آهي.
اڳي به ٻوڏن جي تباهين تي هنن جا ڀاڳ کلندا رهيا آهن ته هاڻي به ائين ئي ٿيندو. پڙھندڙن کي منهنجو ٻه ٽي سال اڳ لکيل ڪالم ضرور ياد ھوندو جنھن جو عنوان رکيو هئم، “ٻوڏ اجھا آئي ڙي سڄڻ.” جيتوڻيڪ ھي عنوان مون ماسٽر چندر جي شاندار ڪلام “عيد اجھا آئي ڙي سڄڻ عيد اجھا آئي’ جي پيروڊي ٺاھي لکيو ھو ته ٻوڏ اچڻ معنيٰ آبپاشي کاتي جي ڪامورن ۽ انجنيئرن جي عيد. سرائيڪيءَ جو پھاڪو آهي ته، مروئان موت، ملوڪان شڪار” سو ھتي به جڏهن سنڌ جا ماڻهو پنهنجن ٻچڙن کي بچائڻ لاءِ ٻوڏ جو مقابلو ڪندي پاڻ به ٻچن سوڌا مرندا آهن ته اريگيشن ڊپارٽمينٽ وارا گھڻا چيف انجنيئر اربين روپين جي بجيٽ جا ڪوڙا بل پاس ڪرڻ مھل سڀ کان پهرين پنهنجو حصو پتي ٿڏي تي وٺي ڇڏيندا آهن ته جيئن سڀاڻي جيل حوالي ڪيو وڃي ته اسان جا ٻچا بک نه مرن. غريب مسڪين سنڌين جا ٻچا مرن ته ڀلي مرن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button