ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ناقص رٿابندي سبب ٿيل نقصان

Editorial

ملڪ ۾ بوڏ متاثرن جي پريشانين ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ٿي رهي آهي. اڃا به ڪيترائي اهڙا علائقا آهن، جتي ماڻهو ڦاٿل آهن. ان کان سواءِ جيڪي ماڻهو پنهنجا گهر ڇڏي ڪئمپن ۾ اچي رهيا آهن. اهي به ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن. ڪيتريون ئي بيمارين منهن ڪڍيو آهي. ان کان سواءِ لکن جي انگ ۾ ڳورهاريون عورتون به آهن. جن جي صحت سخت خطري ۾ آهي. حڪومتي انتظام ايترا ڪافي نٿا لڳن ان ڪري ايندڙ وقت ۾ پريشانيون ۽ مسئلا وڌي سگهن ٿا. پر ڇا حڪمرانن هاڻوڪي آفت کان پوءِ ڪجهه سکيو آهي. حڪومت هاڻوڪي آفت سبب ٿيل نقصان جو ازالو ڪري سگهي ٿي. ملڪ جي وزير اعظم شهباز شريف هاڻوڪي آفت کان پوءِ پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ناقص انساني رٿابندي سبب اهو نقصان مين ميڊ آهي.
وزيراعظم خيبرپختونخوا ۾ ٻوڏ متاثر ماڻهن کي 25- 25 هزار رپيا في ڪٽنب ڏيڻ لا وفاق طرفان 10 ارب رپين جو اعلان ڪيو آهي. شهباز شريف چيو آهي ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هي قدرتي آفت ضرور هئي پر ناقص انساني منصوبابندي سبب اهو نقصان “مين ميڊ” آهي، علائقن ۾ ڦاٿل سمورن سياحن کي خميس تائين ڪڍي وٺنداسين، آءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي سان ملڪ ڏيوالي جي خطري مان نڪري ويو، الله ڪري پاڪستان لاءِ آءِ ايم ايف جو هي آخري پروگرام هجي. هن اهڙو اظهار خيبرپختونخوا ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ڪالام ۽ سوات جي دوري دوران ڪيو. صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته دريائن جي اندر هوٽل ۽ پاڻي ۾ غلط نموني تعمير ڪيل پليون به ڊهي پيون، گهرن کي نقصان پهتو. وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت، پاڪ فوج، اين ڊي ايم اي، چونڊيل نمائندا، انتظاميا ۽ پي ڊي ايم اي سان گڏجي ڏينهن رات مدد ڪري رهي آهي، ٻڌايو ويو آهي ته خميس تائين هتي ڦاٿل سمورن سياحن کي ڪڍيو ويندو. هتي جيڪا تباهي آئي، اها درياءَ ڀرجي وڃڻ ڪري آئي آهي. توانائي وارو وفاقي وزير هن وقت سنڌ ۽ سيڪريٽري بلوچستان ۾ آهي. ايف ڊبليو او ۽ اين ايڇ اي ڀرپور انداز ۾ فعال آهن. وفاقي حڪومت 28 ارب رپيا اين ڊي ايم اي ۽ انڪم سپورٽ ذريعي ڏئي رهي آهي. سنڌ ۽ بلوچستان ۾ 25 هزار رپيا في خاندان جي حساب سان ورهايا پيا وڃن، ٻنهي صوبن ۾ نقصان ان کان به وڌيڪ آهي ۽ وڌيڪ رقم فراهم ڪنداسين. اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي ته عوام کي مشڪل مان ڪڍڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪريون. اسان جا دوست ملڪ به مدد فراهم ڪري رهيا آهن، ترڪي ۽ يو اي اي مان سامان موڪليو پيو وڃي. امدادي سامان اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي ذريعي ورهايو پيو وڃي. هيءَ صورتحال انتهائي ڏکوئيندڙ آهي. جڏهن آفت ايندي آهي ته دنيا جي ملڪن کان خيرات گهري ويندي آهي پر ان آفت کان بچڻ لاءِ ڪابه تياري نه ڪئي ويندي آهي. درياهن جا لنگهه بند ڪري اتان گذرندڙ پاڻيءَ جو رستو روڪيو ويندو آهي پوءِ جڏهن درياهه وهي ايندو آهي ته اهو پنهنجو رستو نئين سر ٺاهيندو آهي ۽ هن جي رستي ۾ جيڪي ڪجهه به ايندو آهي، ان کي وهائي ويندو آهي. جيڪڏهن هي نقصان مين ميڊ آهي ته ان جي ذميواري به حڪومت ۽ حڪمرانن تي اچي ٿي. جيڪي ماحول دشمن منصوبا ٺاهي عوام لاءِ مصيبتون آڻيندا رهيا آهن.
اسين سمجهون ٿا ته ملڪ ۾ جتي جتي به درياهن خاص ڪري سنڌو درياهه جي آڏو جيڪي به رنڊڪون آهن. جن ۾ ڊيم به شامل آهن، انهن کي ختم ڪيو وڃي. ان کان سواءِ ملڪ دوست آبي ماهرن سان صلاحون ڪيون وڃن ته ايندڙ وقت ۾ ڪهڙي ريت آفتن کان بچي سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته درياهه ڪڏهن به پنهنجو رستو نه ڇڏيندو آهي ۽ ان کي جڏهن به موقعو ملندو اهو پنهنجي طئي ٿيل رستي سان گذرندو رهندو. ان ڪري ناقص رٿابنديءَ کي ختم ڪيو وڃي ۽ جٽادار رٿابندي ڪري تباهي کان بچڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button