ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ٻوڏ منظرنامو ۽ متاثرن جي بحاليءَ جو منصوبو

Editorila-Article- Ali Mohmmad Memon

ملڪ ۾ رڪارڊ ٽوڙ برساتن ۽ ٻوڏن سبب جيڪا خوفناڪ صورتحال منظر عام تي آئي آهي، انهيءَ مان ائين لڳي رهيو آهي ته شايد “موهن جي دڙي” وارو وقت وري سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ مٿان وري رهيو آهي. هاڻوڪين حالتن ملڪ سان گڏ سموري دنيا کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو آهي. اسان جو ملڪ پنهنجي تاريخ جي هڪ مشڪل دور جي گهيري ۾ آهي ۽ تباهين مٿان تباهيون اچي رهيون آهن. تازين تباهڪارين وارا مثال شايد دنيا جي ويجهڙائي واري تاريخ ۾ به موجود نه آهن. خبرن موجب، ملڪ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ متاثرن جو انگ 3 ڪروڙ 30 لک کان ٽپي ويو آهي. سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ واريون تباهه ڪاريون جاري آهن ۽ خبرن موجب هن وقت تائين ملڪ ۾ هن وقت تائين فوتين جو تصديق ٿيل انگ 1136 ٿي ويو آهي. 10 لک 51 هزار گهر ڊهي پٽ پئجي ويا ۽ اربين رپين جا فصل تباهه ٿي ويا آهن. يقينن، هيڏي وڏي قدرتي آفت ۽ برساتن ۽ وڏي ٻوڏ واري صورتحال، قدرتي آفتن ۽ سيلابن جو شڪار ٿي وڃڻ تمام وڏي بدنصيبي ۽ سموري ملڪ ۾ قيامت واري صورتحال آهي. اسان جو غريب ملڪ ته ڇا پر آمريڪا جهڙو دنيا جو خوشحال ۽ طاقتور ملڪ به يقينن اهڙي قسم جي هاڃيڪارين کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي.

ملڪ جي مختلف علائقن ۾جاري قدرتي آفتن، برساتن ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ لڳاتار وڌي رهيو آهي ۽ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي رهي آهي. خاص طور تي سنڌ صوبي جي عوام جا پنهنجي زمينن، گهرن ۽ بنيادن سان ڳانڍاپا ۽ پاڙون اکڙي رهيون آهن. سنڌ سرڪار جي اداري جي جاري ڪيل سرڪاري انگن اکرن موجب شروعاتي طور تي سنڌ ۾ 5 ڪروڙ 11 لک آبادي مان 42 لک 95 هزار کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن، جيڪا شرح صوبي جي ڪُل آبادي جو 8 ڏهائي 4 سيڪڙو ٿئي ٿي. هنن هاڃيڪارين کان پوءِ تباهي آڻيندڙ برساتن ۽ ٻوڏن مٿان ٻوڏن ڪري قانون قدرت تحت، نئين بحراني حالت ۾ سموري قوم ۾ تيزيءَ سان تبديل ٿيڻ وارو عمل خودڪار نموني جاري ٿيندو نظر اچي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته هاڻي سڀ ڪجهه اڳ وانگر نه رهيو آهي. تبديلين وارو عمل تيز ٿيڻ سان وڌيڪ تبديلين ۽ نئين حالتن، حقيقتن ۽ نئين زندگي ۾ داخل ٿيڻ وارو عمل حالتن جي جبر ۽ تبديلي واري قدرت جي قانون تحت شروع ٿي ويو آهي. برساتن ۽ ٻوڏ جي تباهڪارين جو شڪار ٿيندڙ عوام پنهنجن علائقن ۾ روڊن ۽ رستن، اسڪولن، سرڪاري عمارتن ۽ عارضي پناهه گاهن ۾ اچي پناهه ورتي آهي پر انهن هنڌن ۽ عارضي پناهه گاهن ۾سندن زندگي حيوانن وانگر ۽ تمام گهڻي ابتر صورتحال آهي. ڪروڙين ٻوڏ متاثر پنهنجن گهرن ۽ پنهنجي جياپي جي ضرورتن کان محروم ٿي چڪا آهن ۽ هي سمورا مظلوم ماڻهو قدرت جي رحم ڪرم تي پنهنجِن حياتين جا ڏينهن کليل آسمان هيٺان ڪاٽي رهيا آهن. ائين چئجي ته متاثر عوام ۽ ماڻهن جا پنهنجا ٻچا وات ۾ اچي ويا آهن ته وڌاءُ نه ٿيندو!
ملڪ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ جي هاڃيڪارين کي منهن ڏيڻ ۽ متاثرن جي امداد ۽ بحالي جي حوالي سان گڏيل قومن ۽ دنيا جي عالمي ادارن طرفان سٺي موٽ ملڻ لڳي آهي. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي نوجوان چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري طرفان دنيا وٽ پيش ڪيل ملڪي حالتن جي صورتحال ۽ ڪيل ڪاوشن جي نتيجي ۾گڏيل قومن (يو اين) جي ميمبر ملڪن کان جملي هڪ کرب 30 ارب رپين جي امداد جا اعلان وصول ڪيا ويا آهن، ان کان سواءِ ورلڊ بينڪ ۽ اي ڊي بي ۽ انهن کان سواءِ گڏيل قومن جي ادارن ڊبليو ايڇ او، يونيسيف، هلال احمر ۽ ريڊ ڪراس طرفان به هاڪاري ردعمل ڏنو ويو آهي. اميد ته اهي امدادي رقمون ۽ گهربل سامان ۽ ضروري خيما، کاڌي پيتي جو سامان، دوائون ۽ ٽيڪنيڪل مدد پڻ جلدي پاڪستان پهچڻ شروع ٿي ويندي. ملڪ پرڏيهي وزارت ۽ وفاقي حڪومت جي عيوضي طور ٿيندڙ اهي ڪوششون ۽ انهن جا نتيجا ۽ دنيا جي ملڪن طرفان اعلانيل اهي امدادون يقينن وفاقي حڪومت جي “فلڊ رليف فنڊ” ۾ ئي جمع ٿيڻ کان پوءِ صوبائي حڪومتن ۾انهن جي ورهاست شروع ٿيندي. تنهنڪري انهن امدادن جي متاثرن تائين پهچڻ ۾ڪجهه وقت ضرور لڳندو.

ملڪ جي مٿاهين وارن علائقن جي درياهن ڪابل، چناب، بياس، ستلج، راوي ۽ ٻين ندين ۾ پڻ هن وقت بلند سطح جو سيلاب سنڌو درياهه ۽ سنڌ صوبي ڏانهن وڌي رهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سڀ کان وڌيڪ تباهين جو شڪار سنڌ صوبو برساتن کان پوءِ ٻوڏن ۽ وڌيڪ سيلابن جو شڪار ٿيڻ جي نتيجي ۾سوين شهرن ۽ ڳوٺن لاءِ ٻوڏ جا خطرا پيدا ٿي ويا آهن. ملڪ ۾برساتن ۽ ٻوڏ سبب سنڌ صوبو يقينن سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، جنهن جي 23 ضلعن ۾ 1 ڪروڙ 45 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن. سنڌ صوبي جي اتر ۽ وچولي وارن ضلعن کان لکين ٻوڏ متاثر ماڻهو مدد جا منتظر آهن ۽ محفوظ علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن. متاثرن جي ڪجهه هزارن تي ٻڌل هڪ انگ طرفان ڪراچي ۽ حيدرآباد ۽ ٻين محفوظ شهرن ڏانهن پڻ رخ ڪيو ويو آهي. جيڪي حيدرآباد جي سرڪاري اسڪولن ۽ پنهنجن مائٽن جي گهرن ۾موجود آهن. ڪراچيءَ ۾ پڻ ٻوڏ متاثر ضلعي ملير جي علائقن گڏاپ، ميمڻ ڳوٺ ، گلشن حديد ۽ ضلعي اوڀر ۾ سچل ڳوٺ، شاهنواز شر ڳوٺ، ماروئڙا ڳوٺ، شهيد ڀٽو ماروئڙا ڳوٺ، غازي ڳوٺ ۽ ٻين علائقن جي سرڪاري اسڪولن ۽ سرڪاري عمارتن ۽ ميدانن پنهنجن عزيزن جي گهرن ۾ پهچي چڪا آهن. انهن ٻوڏ متاثرن کي صوبائي وزير محترمه شهلا رضا سنڌ گريجويٽس ائسوسيشن، پاڪستان پيپلز پارٽي، جماعت اسلامي ۽ ٻين مذهبي، سياسي ۽ سماجي جماعتن جي ڪارڪنن طرفان مدد مهيا ڪئي پئي وڃي. ملير ۾ميمڻ ڳوٺ جي برادرين جي تنظيم سوشل ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن ۽ مختلف سماجي ۽ سياسي ڌرين طرفان مدد ۽ سنڀال ڪئي پئي وڃي.

سنڌ سرڪار طرفان ٻوڏ متاثرن جي سنڀال ۽ حفاظت جي حوالي سان يقينن، تمام گهڻا تڪرار ۽ مسئلا موجود آهن، جنهن جو هر صورت ۾ترت حل ڪڍڻ تمام ضروري آهي. سنڌ جي مختلف ضلعن کان حيدرآباد، ڄامشوري ۽ ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري ايندڙ ٻوڏ متاثرن کي حڪومتي مرڪزن يا خيمن جي شهرن ۾ حڪومت ۽ انتظاميا جي انتظامن تحت سنڀال ۽ آباد ڪرڻ جي سخت کوٽ محسوس ٿي رهي آهي. اسان جي راءِ موجب، درياهه جي اولهندي ڪناري وارن ضلعن جي ڄامشوري ۽ حيدرآباد ايندڙ ٻوڏ متاثرن لاءِ ڄامشوري ضلعي ۾ ڄامشورو شهر کان پيٽارو جي وچ ۾ خيمن جو شهر آباد ڪيو وڃي. اهڙي ريت، درياهه جي اڀرندي ڪناري وارن ضلعن جي متاثرن کي حيدرآباد ويجهو مٽياري ضلعي ۾خيمن جو الڳ شهر آباد ڪري اتي رهايو وڃي ۽ ان کان پوءِ انهن ايراضين کي پڪو ڪري کين مستقل بنيادن تي آباد ڪيو وڃي. ڪراچي ۾ پڻ وڏي انگ ۾ٻوڏ متاثر پهچي رهيا آهن. انهن لاءِ موٽر وي تي ٽول پلازه جي ويجهو ٽينٽ سٽي قائم ڪرڻ گهرجي ۽ ٻئي پاسي، لاڙ جي علائقن ٺٽي، بدين، سجاول ۽ ٽنڊو محمد خان ضلعن جي ٻوڏ متاثرن لاءِ ڪراچيءَ جي اوڀرندي علائقي ۾گلشن حديد کان ڌاٻيجي جي وچ ۾خيمن جو شهر آباد ڪيو وڃي ۽ اڳتي هلي ان کي به پڪو شهر بڻايو وڃي.

سموري صوبي ۾ پکڙيل ٻوڏ متاثرن کي تجويز ڪيل مختلف خيمن جي شهرن ۾ آڻي آباد ڪيو وڃي ۽ اتي انهن خيمن جي شهرن کي حڪومت جي فيصلن تحت قائم ڪيو وڃي ۽ اتان جي ضلعي انتظاميا ذريعي سنڀال ۽ حفاظت ڪئي وڃي. ٻوڏ متاثرن کي سندن ڪئمپن ۾ معمول واري زندگي مهيا ڪرڻ لاءِ انهن مرڪزن ۾اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽين جا ڪئمپس، بينظير يوٿ ڊيولپمينٽ پراجيڪٽ، زيبسٽ سينٽر ۽ هنري سکيا جي مختلف ادارن جا مرڪز ۽ ڪاٽيج انڊسٽريءَ کي رائج ڪرڻ جو پڻ بندوبست ٿيڻ گهرجي. جيئن مردن، عورتن ۽ نوجوانن کي پنهنجن رهائش گاهن جي ويجهو عزت ڀريو روزگار پڻ حاصل ٿئي ۽ سندن زندگيون بهتر ۽ بحال ٿي سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button