هن ملڪ ۾ ڏينهن ته حڪمرانن جا تبديل ٿيندا آهن، عوام لا ته ڪو به ڏينهن تبديل ناهي ٿيندو. عوام لا رڳو چهرا تبديل ٿيندا آهن، پر عوام دشمن معاشي پاليسيون جاري رهنديون آهن. اهو ئي سبب آهي جو اڄ به مهانگائي کي پر لڳل آهن. ڪا به شئي اهڙي ناهي جيڪا مهانگائي جي حملي کان بچي هجي. عام واهپي وارين شين جا اگهه آئي ڏينهن وڌي رهيا آهن، ۽ اگهن تي ڪنٽرول جا ڪي به امڪان نظر نه پيا اچن. پاڻ آ ايم ايف ان بابت الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. عالمي مالياتي فنڊ (آ ايم ايف) پاڪستان ۾ ايندڙ سال به مهانگائي جي شرح برقرار رهڻ ۽ ردعمل طور سڄي ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرن توڙي عدم استحڪام پيدا ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. آ ايم ايف طرفان پاڪستان جي معيشت ۽ قرض لا ستين ۽ اٺين جائزي بابت ڪنٽري رپورٽ جاري ڪئي وئي، جنهن ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ ايندڙ سال به کاڌ خوراڪ ۽ ٻارڻ جا اگهه وڌندا رهندا ۽ مهانگائي جي ساڳي شرح برقرار رهندي، جنهن سبب سڄي ملڪ ۾ مظاهرا به ٿي سگهن ٿا. رپورٽ ۾ خوراڪ ۽ ٻارڻ جي اگهن ۾ عالمي سطح تي واڌ کي مهانگائي ۾ اضافي جو اهم ڪارڻ قرار ڏيندي چيو ته هلندڙ سال پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح 20 سيڪڙو تائين رهڻ جي اميد آهي. آءِ ايم ايف پنهنجي رپورٽ ۾ تحريڪ انصاف جي گذريل حڪومت طرفان واعدن ۽ هدفن تي عمل نه ٿيڻ جي نشاندهي پڻ ڪئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت مٽاسٽا واري ناڻي جي ذخيرن ۽ بنيادي بجيٽ خساري سميت پنج هدف پورا نه ڪيا، ٽي ڪارڪردگي ۽ 7 اسٽرڪچرل شرط پڻ پورا نه ڪيا ويا آهن. رپورٽ مطابق هلندڙ سال پاڪستان جي معاشي گروٿ ريٽ ساڍا ٽي سيڪڙو، بجيٽ خسارو جي ڊي پي جو 4. 4 سيڪڙو تائين رهڻ جي اميد آهي، ان کانسواءِ جاري کاتن جو خسارو اڍائي سيڪڙو تائين رهي سگهي ٿو، ناڻي واڌ ۽ عالمي اقتصادي ماحول سبب پاڪستاني معيشت تي بار پوندو، توانائي جي اگهن ۾ وڏي پئماني تي واڌ ۽ رپئي جي ملهه ۾ لاٿ سبب ناڻي جي واڌ جاري رهڻ جو امڪان آهي، ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرن ۽ عدم استحڪام پيدا ٿيڻ جي نتيجي ۾ مالياتي ۽ قرض جي جٽاداري کي سخت پاليسي جاري رکڻ لاءِ تيار رهڻ گهرجي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو ته حڪومتي قدمن جي نتيجي ۾ پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو متوقع آهي. گذريل مالي سال ۾ پاڪستان جي مٽاسٽا جي ناڻن جا ذخيرا 9 ڏهائي 82 ارب ڊالر ۽ هلندڙ مالي سال ۾ 16 ڏهائي 22 ارب ڊالر رهڻ جي اميد آهي. آءِ ايم ايف مارڪيٽ بنياد تي ايڪسچينج ريٽ برقرار رکڻ تي زور ڀريندي سماجي تحفظ ۽ توانائي جي شعبي کي مضبوط بڻائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. رپورٽ ۾ ٽيڪس روينيو ۽ مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ واڌ تي پڻ زور ڀريو ويو آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو ته قرض پروگرام جي مدي ۾ جون 2023ع تائين واڌ ڪئي وئي آهي، ان سان ضروري پرڏيهي فنانسنگ حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي، جڏهن ته سماجي تحفظ ۽ توانائيءَ جي شعبي کي مضبوط بڻائڻو پوندو، ان سلسلي ۾ شهباز شريف جي اتحادي حڪومت مالياتي شعبي جي استحڪام لاءِ قدم کڻڻ جي خاطري ڪرائي آهي.
آ ايم ايف الرٽ ته جاري ڪري ٿي پر ان سڄي تباهي پويان پاڻ آ ايم ايف جون عوام دشمن معاشي رٿائون ئي موجود آهن. اسان سمجهون ٿا ته هن مهل حڪمران جن معاشي پاليسين تي عمل ڪري رهيا آهن اهي آ ايم ايف جا ئي طئي ٿيل آهن. آ ايم ايف جو ڪردار ڪهڙو آهي، ان جو اندازو ان خلاف دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ٿيندڙ عوامي احتجاجن مان ڪري سگهجي ٿو. آ ايم ايف هڪ عوام دشمن عالمي مالياتي ادارو آهي. هتان جا حڪمران وري ويٺا ئي آ ايم ايف جي آسري ۾ آهن، ان مان اهو ئي واضح ٿئي ٿو ته حڪمرانن وٽ پنهنجي ڪابه معاشي پاليسي ڪانهي. اسان سمجهون ٿا ته اها مڪمل طور عوام مخالف ايجنڊا آهي. جيستائين ان ايجنڊا تي ڪم ٿيندو عوام جو ڀلو نه ٿيندو.