ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

منهنجا سدا ماهي سان ميڙا

Editorial-Article- Sufi Muhammad

صفر مهيني کي هڪ اهو به شرف حاصل آهي ته هن ماهه مبارڪ ۾ ڪيترن ئي اوليا ڪرام جا عرس مبارڪ ملهائبا آهن ۽ خاص طور سونهاري سنڌ ۾ ته هي پورو مهينو هر طرف گيڙو الفيون اوڍيل، صوفي رنگ سان منسلڪ فقيرن ۽ سندن سازن ۽ آوازن جي ميلاپ سان گڏوگڏ مي رقصم جي رنداني رسم سان سڄو ماحول گيڙو غلاف پهريل محسوس ٿيندو آهي.
هڪ مرد قلندر سائين سيد پيرل شاهه ته هن مهيني کي صوفي بزرگان جي ميلن جي مند قرار ڏيندي فرمائي ٿو ته:
وريون واهه واهه وصال جون وايون
آيون وي آيون مندان موٽي آيون
هلو ته هلون کٽياڻين جتي خدائي کيل آ،
بوداڻي ۾ هلون کٽياڻين جتي خدائي کيل آ
بوداڻي بازار ۾ مردن سندو ميل آ،
هلي روح رندن سان ريجهايون.
صوفي سٻاجهن جي سرزمين سنڌ ۾ هن مهيني دوران صوفي شاعرن ۽ بزرگن جي سرتاج لطيف سرڪار سنڌ جي انقلابي ۽ “جو کيڙي سو کائي” جو نعرو ڏيندڙ صوفي شاهه عنايت شهيد، سائين سيد مصري شاهه نصرپوري، سائين سيد معين الدين اعجاز شاهه راشدي جن کان علاوه ڪيترن ئي بزرگن جا عرس مبارڪ (ميلا) ملهائبا آهن. اهڙن ميلن مان هڪ ميلو جنهن جو ذڪر سائين سيد علي شاهه هن طرح ڪيو آهي.
منصوري مئيخاني محمد جو آ ميلو
ڏسڻ آهي واجب عاشق البيلو
ٻارهن سئو ستانوي ۾ نروار نر ٿيو
ٻاهٺ ورهيه کانپو وري گهوٽ گهر ٿيو
ستين ماهه محرم احسن ٿيو اڪيلو
اڄ ستين ماهه صفر اسان ذڪر ڪنداسين سنڌ جي منصور ثاني حضرت صوفي محمد کٽياڻ جن جو جنهن جو عرس مبارڪ (ميلو) 7، 8 ۽ 9 صفر) دوران ٽنڊو ڄام جي اتر طرف 5 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڳوٺ سليمان خان کٽياڻ (بوداڻي شريف) ۾ صوفياڻي رنگ راز ۾ ملهايو ويندو آهي. جنهن ۾ سموري سنڌ مان گيڙو رتيون گودڙيون اوڍيل نوري ۽ ناري جوڳيئڙا قربئون ڪاهي، پنهنجي اندر جي ڪيفيات مطابق مزا ماڻين ۽ روح کي راضي ڪن ٿا.
محمد سائين جن جو تعلق سنڌ جي انهي نج صوفياڻي صف سان آهي، جن عشق جي الفي پائي، سنگ سان سارا ساز ملائي، خودي کائي خود نمائي، خيال ۾ گم ٿي خيال ڪمائي، سر ۾ سارو سير سمائي، نانگا نر نروار نچائي، لاوجودي لانگهو لنگهي، بي ريائي جي بحر، مان اشنان ڪري، شهرت ۽ شڪايت، نيڪي ۽ نزاڪت، ايذا ۽ علامت، عنايت ۽ ملامت، بشري بغاوت، مڪان ۽ لامڪان جي خوف خطرن وهم ۽ وسوسن کان لاخوف ۽ بانڪو بي پرواهه ٿي عشق جو جڻيو ڳل ۾ پائي:
ناچو ٿي نروار نچان ٿو، ناچو ٿي نروار
موتو قبل موجان ماڻي، محمد ٿي مهندار
نچان ٿو ناچو ٿي نروار
يا
ميگهه محبت والي مينهن، ناچو ٿي مئين لايا نيهن،
ڇيرين جي ڇمڪار سان جهر جهنگ اهڙي جهونگار ڪرڻ لڳا.
فقير سائين جن طريقت جي طالبن لا تصوف جي اهم نقطن جهڙوڪ: سرت نرت ۽ سڻڻ سمجهڻ، خيال ۾ گم ٿي خيال ڪمائڻ، خودي کائي دم ڪمائڻ، مرد ٿي موتو مام سڃاڻڻ، لامقصد ٿي مقصد ماڻڻ، حال حسيني هنئين هنڍائڻ، حق سچ سانگي سوري سجائڻ، پير ڪڏهن نه پٺ تي پائڻ، هر مظهر ۾ پاڻ ملهائڻ ۽ نفي کان اثبات ڏي آڻڻ ۽ ٻين اهم نقطن کي اجاگر ڪرڻ لڳا. اڄ مون کي ياد آهي محمد سائين جن جي ميلي جي اها رات جنهن ۾ هڪ آڌوتي، رنگ و روپ ۽ دنيا مافيها کان بي نياز منهن مونن ۾ ڪيو، خيال جي خاني خيما کوڙيو، ڌيان جي ڌن ۾ مست، مگن، بيخودي جي بحر ۾ پاڻ کان پري ٿي هڪ سان هڪدم ٿي ويٺو هو.
ڪا هڪ مقناطيسي ڪشش مون کي ڇڪي ان آڌوتي آڏو آڻي ويهاريو. آئون ڪافي وقت اتي ويٺو رهيس. درگاهه ۾ موجود فقرا پنهنجين ٻارين تي ويراڳ ۾ مصروف هئا. مون کي ويجهو ئي عطا الله فقير سونارو اڀين پيرين يڪتاري ۽ چپڙي جي رڌم سان سر کنڀاٽ مان محمد سائين جا بيت پڙهي رهيو هو.
جوڳي ڪن ٿا جڃ، جلائي جسمات کي،
اوري ڇڏي سڃ، وسئون کان وهي ويا،
جلائي جسمات کي، جوڳين ڪيا جڃ
ڇڏي اوري اڃ، پيئڻ کان پاسي ٿيا.
انهي ويل ساڌو منهن مونن کان مٿي ڪري هڪ ٿڌو ساهه کنيو ۽ مئيخاني ۾ موجود ويراڳي فقرا تان نظرون گهمائيندي نهايت پيار ۽ پاٻوهه سان مون ڏانهن متوجهه ٿيا. انهي وقت سندس نيڻن کي ڏسندي ئي منهنجي ذهن تي لطيف سرڪار جي سٽ سامهون آئي:
اکيون آلو ماهه سدا سناسين جون
ان وقت مون مودبانه انداز ۾ عرض ڪيو ته سرڪار اوهان جي نظر ۾ تصوف ڇا آهي؟
ان ويل پاڻ نهايت شفقت ڀريي انداز ۾ پنهنجي خيال جو اظهار ڪرڻ لڳا.
سادن لفظن ۾ آئون اهو چوندس ته پاڻ ڏکيو رهي ٻين جي سک لا ڪوشان رهڻ به تصوف جي اعليٰ وصف آهي. هڪ سچو صوفي الله پاڪ جي محبت ۾ مستغرق ٿي غير الله کان بي نياز ٿي ويندو آهي.
سندس هر عمل الله پاڪ جي رضا مطابق هوندو آهي. سندس ظاهر ۽ باطن پاڪ ۽ صاف هوندو آهي. ان جي برعڪس اندر جي صفائي ۽ پاڪائي کي نظرانداز ڪندي ظاهري روپ سروپ ۽ ڏيکا کي اهميت ڏيڻ کي مڪر ڪوٺيو وڃي ٿو. ان وقت ساڌو نهايت جذباتي انداز اختيار ڪندي مراد فقير جو بيت پڙهڻ لڳو.
اندر چورن گهل، ٻاهر سنگت ساڌن سان
مڪر جي مراد چئي، منهن تي ڌوڙ نه مل
ساڌو اڃان وڌيڪ جذباتي ڪيفيت اختيار ڪندي چوڻ لڳو. تصوف حقيقت ۾ سچن ۽ صادقين جو رستو آهي، جنهن کي اڄڪلهه ڪجهه روڳين، ٺوڳين نهايت بدنام ڪيو آهي. اهڙن لا ئي لطيف سرڪار فرمائي ٿو ته:
جيڪر جوڳي ٿي، نه ته نرجا وڃ نڪري،
ڪهه تون ڪن ڪپائين، جان نه سهندي سي،
ڀڄ پراهون ٿي، متان لانگوٽيا لڄائين.
انهي وقت منهنجي ذهن يا خيال جي خاني انهي حقيقت کي تسليم ڪيو ته اصل ۾ انساني بقا ۽ بهبود، انهن سچن صوفي بزرگن جي ڏسيل رنداني راهه تي عمل پيرا ٿيڻ ۾ ئي آهي. انهن ئي بزرگن انسانيت کي هميشه امن ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو آهي.
مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو ئي توکي لڳي.
ضرورت انهي ڳالهه جي آهي ته اسان انهن صالح ۽ سچن بزرگن جي تعليم تي عمل ڪندي ۽ پڻ ان جو پرچار ڪري، هن شدت پسندي جي لهر کي ناڪام ڪيون.
منصوري ميدان ۾، ڪي مانجهي مرد مچن،

نسنگ ٿي نچن، نيزي واري نوڪ تي،

جي آڏي جي آر تي، عاشق ٿي اچن
سي محمد مرد مچن، مدا مي مخمور ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button