لقائن جي هن لاحد لئولاڪ اندر، آد جڳاد کان جنم جنم جي ڳولها ۾ هن ڪئين منظر، ميلا ڏٺا ۽ شهرن جي رکوالن جا دستور توڻي فرمان پڙهيا ۽ ٻڌا آهن. ڪالھه هو جنهن شهر ۾ داخل ٿيو، تنهن جا منظر به عجيب هئا. هن جي حيرت جي حد نه رهي، جڏهن هن ڏٺو ته ڪي ماڻهو آهن، جيڪي سج ڏانهن رسن ۾ ٻڌل ڪُنڍا اڇلائي رهيا آهن. هن سوچيو ته هي آخر ڪهڙي ماجرا آهي؟ ڇاڪاڻ ته پويان هو جنهن شهر کان ٿيو پئي آيو، اتي وري سڀ ننڍا وڏا سج جي انتظار ۾ هئا. ڇو ته زمانن کان سج جي اوسيئڙي ۾ جيئندڙ ان شهر ۾ ڪاري رات ڇانيل هئي. تنهن ڪري سڀ گڏجي دعائون گهري رهيا هئا ته شال سج اڀري. ڇو ته رات رڳو رهزنن کي ئي واري ۾ هوندي آهي.
جيتوڻيڪ عالم عرفان ۾ رات عشاقن جي لاءِ مڪتب جو مقام رکي ٿي، پر هتي ڳالهه ان زماني جي ٿي هلي، جنهن ۾ رات جو رڳو ئي رڳو گدڙ اوناڙڻ لڳندا آهن. بهرحال ان درشن واري پنڌ ۾ هي حيران ٿي ويو ته ٿوري ئي پنڌ تي ٻن شهرن ۾ ايترو فرق ڇو؟ هڪڙا سج لاءِ ورهين کان منتظر ۽ ٻيا سج ڏانهن ُڪنڍا اڇلائي رهيا آهن!! اهو فرق آخر ڇاجي لاءِ؟ هن ٻه وکون اڳيان وڌي سج ڏانهن ڪنڍا اڇلائيندڙن کان پڇيو ته: هي اوهين ڇا ڪري رهيا آهيو؟
هڪ ڄڻي سخت ڪاوڙ ۽ غصي مان ڏانهس نهاريندي وراڻيو:
اسان کي سيڙاءِ نه، جو اسان کي مقرر وقت اندر سج کي هيٺ لاهي دفن ڪرڻو آهي. شهر جي رکوال جو حڪم آهي ته هن شهر ۾ هاڻ وڌيڪ روشنيءَ جي ڪابه ضرورت ڪانهي.
هن انهي منصبدار کي چيو: توهان سج کي دفن ڇو ٿا ڪريو؟ جي اهو توهان کي نٿو گهرجي ته مون کي ڏيو. آئون ان سج جي لاءِ منتظر هڪ شهر مان ٿيو پيو اچان. جتي سڀ ننڍا وڏا، مرد توڻي عورتون ان سج لاءِ هڪ ديوتا جو احساس رکن ٿا. هو سڀ ان سج جي نروار ٿيڻ لاءِ ٻاڏائي رهيا آهن.
منصبدار جواب ڏنس: نه، ڪڏهن به نه، شهر جي رکوالِ جو حڪم آهي ته سج ڪٿي به هاڻ نظر اچڻ نه گهرجي. جتي جتي روشنيءَ جو ڪرڻو نظر اچي، ان کي سدائين لاءِ مٽيءَ ۾ پوري ڇڏيو. ڇاڪاڻ ته روشنيءَ ۾ شهر جا ماڻهو گوڙ ڪن ٿا. شين کي جاچي ڏسڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، انهن جي اصلي ۽ نقلي هجڻ بابت سوال اٿارين ٿا. اهڙي سوال-جواب ۾ شهر جو ڪاروبار متاثر ٿئي ٿو ۽ ترقيءَ آڏو رڪاوٽون کڙيون ٿين ٿيون. ان ڪري هاڻ شهر جي تحفظ ۽ ترقيءَ جو راز فقط ڪاري رات ۽ ٻاٽ اونداهيءَ ۾ آهي. روشني ان ڪري به نه گهرجي جو ان ۾ شهر جا رستا ۽ چوڪ صاف صاف نظر اچن ٿا، جن رستن تان دشمن داخل ٿي سگهن ٿا. منصبدار جي انهي جواب تي هن کانئس پڇيو ته: ڇا توهان کي خبر آهي ته سج ۾ ڪيتري گرمي آهي؟ هي جڏهن توهين زمين تي لاهيندئو ته توهان کي ساڙي رک ڪري ٿو سگهي. جواب مليس:
ميان!! تون ڪهڙي دنيا جو واسي آهين؟ اسان هن شهر ۾ هن مهل تائين الائي ڪيترا سج دفن ڪري چڪا آهيون. اسان سالن جي تجربي ۾ اهو سکي ورتو آهي ته سج کي ڪهڙي مهل ڪُنڍا وجهي هيٺ لاهبو آهي. هاڻ تون وڌيڪ وقت ضايع نه ڪر ۽ ڇڪ پنهنجي پنڌ کي. ايتري ۾ هن ڏٺو ته سج جي نڙيءَ ۾ ڪنڍا پئجي چڪا هئا ۽ سڀني منصبدارن شهر جي رکوال سان وفاداري جو نعرو هڻي، سج کي هيٺ ڇڪڻ شروع ڪيو.
هو اڳتي وڌڻ لڳو، ان کان اڳ جو سج قتل ٿي وڃي، دفن ٿي وڃي ۽ سموريون واٽون الوپ ٿي وڃن، هن تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻڻ شروع ڪيون ته جيئن جيترو جلد ٿي سگهي، سج مخالف هن شهر مان ٻاهر نڪري وڃجي. پر مسئلو اهو هو ته چوڪ چوڪ تي وڏي ڀيڙ هئي ۽ گهٽي گهٽيءَ ۾ پڇاڻي جون چوڪيون قائم هيون. هو اڃا ڪجھه وکون ۽ قدم کڻي اڳئين چوراهي تي پهتو ئي مس هو ته ڏٺائين ڪجھه چوبدار اتي وري آئينا ٽوڙي رهيا هئا. ٺڪائن جي پويان ٺڪاءَ هئا. آئينا ذرا ذرا ٿي پئي ويا ۽ ذرو ذرو ٿي ويل آئيني جي ٽڪرن مان نيرو آسمان هن ڏانهن ڏسي رهيو هو. آسمان هن جو پراڻو قديم دوست رهيو آهي. هو پنهنجي نگر نگر واري سفر دوران جڏهن جڏهن به رڻ ۾ خيما هڻندو رهيو آهي، تڏهن آسمان ئي هن جو سڀ کان پهريون ميزبان رهيو آهي. رڻ جي وڇاڻي ۽ آسمان جي چادر ۾ گذاريل ڪامل گهڙيون ئي ته آهن، جن جي سهاري هو اڃا ان اميد سان سفر ۾ آهي ته:
“مليا ته ملندياس، نه ته گهوري جان جتن تان.”
سو هن پنهنجي دوست آسمان کان پڇيو ته:
هي سڀ ڇا آهي آخر؟ آسمان جواب ڏنس: اهو آئون به انهن کان پڇندو پيو اچان ته آخر اوهين آئينا ڇو ٽوڙي رهيا آهيو؟ پر ڪوبه جواب ڏيڻ لاءِ تيار ناهي ۽ بس مون رڳو هڪ ڄڻي جو اهو ڀڻڪو ٻڌو، جنهن چيو ٿي:
جلدي ڪريو، جلدي ڪريو
هن شهر ۾ هاڻ ڪوبه آئينو
سڄو هئڻ نه گهرجي
ڇاڪاڻ ته سينگار ڪرڻ جو حق
فقط رکوال شهر کي آهي
جنهن جو شاهي لباس
سندس نسلن جي شان و شوڪت جو گواهه آهي.
هو جيڪو سڀني کان
پراعتماد، بهادر ۽ ذهين آهي.
ان کان سواءِ ٻيو ڪير آهي
آئيني ڏسڻ جي لائق؟
ان ڪري جلدي ڪريو، جلدي ڪريو
شهر جا سمورا آئينا ڀڃي ڇڏيو
ته جيئن ٻيو ڪوبه اڳتي
پنهنجو چهرو نه ڏسي سگهي.
هن پنهنجي دوست آسمان کي چيو: ته پوءِ تون ڇا ٿو سمجهين ته هاڻ آئيني جا هي ٽڪرا ڪيترن نسلن جا پير زخمي ڪندا ۽ ڪيترن کي پنهنجو چهرو رت جي دٻن ۾ ڏسڻو پوندو؟
آسمان جيئن ته سندس پراڻو دوست ۽ سفر جو شاهد پڻ آهي، سو جواب ڏنائينس ته :
اي دوست! آهستي ڳالهاءِ ڇاڪاڻ ته اڳئين چوڪ تي اهي سڀ زبانون پڻ ڇڪي ڪڍيون پيون وڃن، جن کي سوال اٿارڻ جي عادت آهي ۽ جيڪي انڪار ۾ ايمان رکن ٿيون. هو خاموش ٿي ويو ۽ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويل آئيني مان نهاريندڙ پنهنجي پراڻي دوست آسمان کي چيائين: تون بس ايترو ڪر جو جيستائين آئون واپس اچان، تيستائين آئيني ۾ تبديل ٿي پئو ته جيئن شهر جا واسي ويساهہ وڃائڻ کان بچي سگهن. ڇو ته اهو راز فقط تون ٿو ڄاڻين ته هر ڪوئي مٽيءَ ۾ پنهنجي صورت نٿو ڏسي سگهي. ان ڪري ئي ته آئينو تخليق ڪيو ويو ۽ مٽيءَ کي ان جي پويان ليپ ٿي بيهڻو پيو. بس ان ڪري تون ان وقت تائين آئينو ٿي رهجان، جيستائين آئون موٽي اچان.
آسمان پڇيس: تون ڪيڏانهن وڃي رهيو آهين؟
هن جواب ۾ چيو:
آئون زردشت جي مقدس آڳ کي
کڻڻ وڃي رهيو آهيان
ڇو ته زردشت هڪ شام
مون سان اها مام سلي هئي ته
تنهنجي سفر ۾ هڪ موڙ اهڙو ايندو
جڏهن تون ان شهر مان گذرندين
جتي اونداهي رات جا رهزن
سج جي نڙيءَ ۾ ڪُنڍا وجهي
سج کي دفن ڪري رهيا هوندا
سڀ آئينا ٽوڙي رهيا هوندا
ردعمل ۾ ڪوبه دانهن نه ڪندو
سڀ خوف ۾ خاموش رهندا
راهنما، رهزن بڻجي ويندا
زندگي الامان-الامان پڪاريندي رهندي
تون ان لمحي جي چاهين ته
مون وٽ هليو اچجان
آئون توکي هڪ ڄِڀي ساڻ ڏيندس
جيڪا….. جيڪا….. جيڪا…..؟
آسمان پڇيس: ڇا جيڪا؟ هن آسمان کي آهستي جواب ڏنو:
ان سوال جو جواب زردشت جي مقدس آڳ جي ڄِڀي توکي پاڻ ئي ڏيندي. بس مون کي ته رڳو تنهن ڄِڀي کي پنهنجي ان جهوليءَ ۾ کڻي اچڻو آهي، جيڪا ورهين جي محڪومي ۽ غلامي سبب خالي آهي ۽ ان خالي جهولي لاءِ هن ڏُکي ويل ۾ زردشت جي واعدي واري ڄِڀي کان سواءِ ٻي ڪابه شئي ڪم جي ناهي.
۽ پنهنجي دوست آسمان کي اهو چئي هو زردشت جي واري ڄِڀي کڻڻ هليو ويو.