ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ٻوڏ ڪارڻ ڪروڙن انسانن جون حياتيون خطري ۾

Editorial-Article- Mohammad Khan Sial

ٻوڏ بابت ھر ڏھاڙي کوڙ دکدائڪ داستان اچن ٿا. سڄي صورتحال ته بيان نٿي ڪري سگهجي پر ڪجهه دکدائڪ خبرون، صورتحال کي سمجهڻ لاءِ بيان ڪرڻ مناسب آھن.
ميڊيا موجب پاڪستان ۾ 30 لکن کان وڌيڪ ٻارن جون حياتيون خطري ۾ پئجي ويون آھن جڏھن ته مجموعي طور ڳاٽي ٽوڙ ٻوڏ ڪارڻ، ڪروڙين ماڻھو متاثر ٿي ويا آھن ۽ لڳي ٿو ته اھو دک ڀريو داستان ڪنھن نه ڪنھن طريقي سان گهڻو وقت جاري رھندو. ٻوڏ جي تباھيءَ ڪارڻ خراب پاڻي ۽ صحت جا مسئلا پيدا ٿي ويا آھن، منڇر وٽ ايف پي بند کي 6 گهارا لڳا آھن، سنڌ جي وزير شرجيل ميمڻ چواڻي: سنڌ ۾ ٻوڏ سبب 522 ڄڻا فوت ٿي ويا آھن ۽ 21885 زخمي ٿيا آھن.
بھرحال، اھا مناسب خبر آھي ته 15 عالمي اين جي اوز کي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڪم جي اجازت ملي وئي آھي پر ھڪ سنڌي اخبار لکيو ته سنڌ سرڪار واسطو نٿي ڏيکاري آھي يعني خيراتي ادارن جي حوالي سان. سچائي اھا آھي ته وڏي پيماني تي ٻوڏ خاطر تباھي جاري آھي سو اڪيلي سنڌ سرڪار يا وفاقي سرڪار صورتحال کي سنڀالي نٿي سگهي سو بھتر آھي ته ڌاريا مدد ڪن ته انھن کان ڀلي انسانيت خاطر مدد وٺجي. اصل ۾ 15 گروپن جو سھڪار، سنڌ لاءِ مناسب آھي.
ٻوڏ ته سڄي ملڪ ۾ مکيه تباھي آندي آھي جنھن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان وڌيڪ اھم آھن پر سنڌ کان علاوه، پنجاب جي سرائيڪي حصي ۽ ڪي پي ڪي صوبي ۾ به خاص ڪري تباھي آئي آھي. ڪيترا انسان پنھنجون جانيون وڃائي ويٺا آھن جڏھن ته ٻين جون جانيون بچائڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم ھوندو آھي. اصل مسئلو اھو آھي ته ڪيترا ماڻھو پنھنجن ڪٽنبن سان گڏ جانون بچائي به وڃن ٿا پر اھا سچائي آھي ته بدليل ماحول جي ڪري اڳتي ھلي انھن لاءِ گذر سفر ڪرڻ به ڏکيو داستان بڻجي ويندو ڇاڪاڻ ته کيس کاڌ خوراڪ جي استعمال کان علاوه مناسب گذارو به ڪرڻو آھي يعني اصل مقصد اھو آھي ته کين اصل زندگيون به مناسب طريقي سان گذارڻيون آھن، خاص ڪري انھيءَ ۾ سندن ٻچن جو آئيندو به شامل ھوندو آھي جيڪو اھم داستان آھي. نه رڳو ايترو پر اھڙن ڪٽنبن کي ايندڙ وڌيڪ تباھين ڪارڻ حياتيون به مناسب طريقي سان بچائڻ ڏکيو داستان بڻجي ويندو.
سنڌ ۾ ته اڳ به سال 2010 ۾ به مينھن ڪارڻ زوردار تباھي آئي ھئي پر ھاڻوڪي تباھي ججهي آھي. ھئڻ ته ائين گهرجي ھا ته اڳ ۾ آيل مکيه ٻوڏ جي تباھيءَ کي ڏسي، گڏيل ڀلائيءَ جا مختلف قدم کڻجن ھا يعني ايندڙ ٻوڏ کان بچڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ۾ ناجائز قبضا ٻيھر ڪونه ڪجن ھا ۽ پاڻيءَ جي مناسب ڪنٽرول لاءِ مڪاني ماڻھو پاڻ ۾ سھڪار ڪري بچاءُ وارا قدم کڻن ھا ته سڀني لاءِ بھتر ھجي ھا پر اھا تلخ سچائي آھي ته سنڌ ۾ اسان وٽ عوامي ڀلائيءَ وارو اھڙو احساس بلڪل گهٽ ھوندو آھي. اسان وٽ ائين آھي ته جيڪڏھن تباھي ايندي آھي ته متاثر، جائز يا ناجائز طريقي سان نڪرڻ جي وقتي ڪوشش ڪندا رھندا آھن. جڏھن مصيبت مان عارضي طور نڪري ويندا آھن ته مصيبتن کي ڏسي، آئيندي دور لاءِ احتياطي اُپاءَ اختيار ڪونه ڪندا آھن پر ذاتي فائدن لاءِ جائز توڙي ناجائز قدم کڻندا رھندا آھن. مون پنھنجن ڪيترن ڪالمن ۾ بار بار لکيو آھي ته عوامي ڀلائيءَ لاءِ گڏجي جدوجھد جو احساس پيدا ڪريو، باقي ذاتي طور جيڪي اختلاف آھن سي گڏيل جدوجھد دوران گهٽ کان گهٽ ڪم آڻجن ته بھتر آھي يعني گڏيل ڀلائيءَ واري جدوجھد جي سوچ کي اوليت ضرور ڏيڻ گهرجي. جيڪڏھن ائين ڪبو ته ڪيترن سڌريل ملڪن وانگيان اسان وٽ به عوامي ڀلائي عام ٿي ويندي ڇاڪاڻ ته اسان وٽ دکدائڪ داستان جي ڪري عوامي ڀلائيءَ جي به مکيه ضرورت ھوندي آھي. ھاڻي اچوته ڪجھه ٻوڏ جي تباھيءَ جو وڌيڪ جائزو وٺڻ گهرجي.
انھيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھه جو انٽرويو تازو ميڊيا ۾ آيو آھي جنھنجو جائزو وٺڻ به مناسب آھي. سندس چواڻي: غلط اندازن سبب صحيح تياري نه ٿي، ڏيڍ ڪروڙ ماڻهو لڏپلاڻ ڪري سگهن ٿا. موسميات کاتي سنڌ ۾ مينھن جي حوالي سان اڳڪٿي ڪئي هئي پر مينھن ڪاٿي کان وڌيڪ ٿي ويو پر بدقسمتيءَ سان گهربل موجب ٽينٽ ڏئي ڪونه سگهيا آهيون، هم نيوز سان ڳالهائيندي سندس چواڻي ڪاٿو غلط هئڻ سبب، اسان صحيح تياري نه ڪري سگهياسين، جيڪڏهن پوري سنڌ ۾ مينھن وسي ته دعا ئي ڪري سگهون ٿا.
سنڌ جي وڏي وزير اھو به چيو ته متاثرن جا گهر ڪري چڪا آهن، هر جاءِ تي پاڻي بيٺل آهي، خيمن ۽ کاڌي پيتي جي شين جي ضرورت آهي، هن وقت اسان کي ملين کان وڌيڪ ٽينٽس جي ضرورت آهي، ڪالهه تائين مان سنڌ جي 30 مان 27 ضلعن ۾ وڃي چڪو آهيان، هن چيو ته پوري پاڪستان ۾ پاڻي جي قدرتي رستن کي بلاڪ ڪيو ويو آهي، 15 سيپٽمبر تائين مينھن جو هڪ ٻيو اسپيل اچي سگهي ٿو، ڏيڍ ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن، هڪ کان ڏيڍ ڪروڙ ماڻهن جي لڏپلاڻ جو اندازو آهي، هن چيو ته موسمياتي تبديلي سان گڏ ڪچن گهرن کي پڪو ڪرڻو پوندو، اسان 50 هزار بيگ ورهايا آهن، ٻئي طرف، ڊان نيوز سان ڳالهائيندي وڏي وزير جي چواڻي: روزاني جي بنياد تي 3 کان 4 هزار ٽينٽ نه پيا ملن، سيٽلائٽ تصويرن مان لڳي رهيو آهي ته پوري سنڌ درياءَ بڻيل آهي، تقريبن 1100 ملي ميٽر مينھن سڄي سنڌ ۾ پيو آهي، رليف جا مسئلا آهن، 30 لک ڪچا گهر ڪري پيا آهن، وزيراعظم جو ٿورائتو آهيان ته ٻه دورا ڪري چڪو آهي، بي آءِ ايس پي ذريعي 25 هزار رپين جي امداد ڏني پئي وڃي جيڪا اهم آهي، هن وقت ميرپورخاص، سانگهڙ، عمرڪوٽ بدين به خطري ۾ آهن، ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ماڻهن کي عارضي ڇت ۽ هڪ ڏيڍ مهيني جو راشن پهچايون، اسان کي وفاق کان امداد نقد رقم جي نه امدادي سامان جي ضرورت آهي. اصل مسئلو ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ جو آهي، ميڊيا 26 آگسٽ تائين ٻوڏ کان بي خبر هئي، ميڊيا ڀلي هلائي ته سنڌ حڪومت ناڪام ٿي وئي، پر تصوير جو اصل رخ ته ڏيکاري.
سنڌ جي وڏي وزير جي بيان مان اھا ڳالھه مناسب چٽيءَ ريت آھي ته وڏي پيماني تي ٻوڏ کان متاثر ماڻھو ٿيا آھن جن جو اصل ڪاٿو سنڌ سرڪار وٽ ڪونه ھو. ٻي اھا بھتر ڳالهھ آھي ته سنڌ جي وڏو وزير سندس چواڻي 30 مان 26 ضلعن ۾ ويو آھي ته جيئن اصل صورتحال معلوم ڪري حالتن کي بھتر بڻائي سگھجي. فيسبوڪ تي ڪن دعوا ڪئي ھئي ته سنڌ جو ڏو وزير، اندرون سنڌ ڪونه ويو ھو جڏھن ته ھو انھيءَ دعوى کان اڳ لاڙڪاڻي ويل ھو. منھنجو چوڻ جو مقصد اھو آھي ته سنڌ ۽ وفاقي سرڪار تي جائز تنقيد ڀلي ڪجي جيڪو سڀني جو حق ھوندو آھي پر اسان وٽ ھڪ اھڙو به ٽولو آھي جنھن جو اصل مقصد رڳو ڏينھن رات پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي ناجائز توڙي جائز طريقي سان بدنام ڪرڻ آھي. بھرحال، ائين ڪرڻ سان سنڌ اندر ماڻھن ۾ اجائي نفرت ۽ غلط فھميون پيدا ٿين ٿيون.
سنڌ جي وڏي وزير جي بيان ۾ اھا اھم ڳالھه بيان ڪيل آھي ته ٻوڏ ڪارڻ ڏيڍ ڪروڙ ماڻھو لڏپلاڻ ڪري سگهن ٿا. اھا دکدائڪ خبر آھي ڇاڪاڻ ته ڏيڍ ڪروڙ عوام جو انگ ڪو معمولي ڪونھي. اھو وڏو انگ آھي ۽ اڳتي ھلي انھيءَ ڪري ملڪ ۽ صوبي تي خطرناڪ اثر پئجي سگھي ٿو. انھيءَ جي درستي رڳو سڌ سرڪار جي ھٿ ۾ ناھي. بھرحال انھيءَ سلسلي ۾ وفاق، سنڌ ۽ متاثر رھاڪن کي گڏجي ايمانداريءَ سان ڀلائيءَ جون ڪوششون ڪرڻيون پونديون. عوام کي ته اھو سوچڻ گهرجي ته عوام جي آزمائش نئين نئين پيدا ٿي سگهي ٿي جنھن جو مقابلو رڳو نيڪ نيتيءَ سان احتياطي اُپاءَ اختيار ڪري، ڪري سگهجن ٿا. ھڪ ڳالهھ خاص ڪري نوٽ ڪرڻ جي آھي ته پرڏيھي ملڪ پڻ وڏي امداد جو اعلان ڪيو آھي ۽ اھا امدد ملڻ ۾ ڪجھه دير لڳندي آھي پر فيسبوڪ تي اسان جا ماڻھو ھڪ ڏينھن اعلان ٿئي ٿو ته ٻئي ڏينھن پڇن ٿا ته پيسا ڇو ڪونه استعمال ڪيا ويا جيتوڻيڪ اھي ترت ملندا ناھن.
انھيءَ کان علاوه، ملڪ جي صدر ڊاڪٽر عارف علويءَ جو چوڻ ھو ته مون ڊي جي خان، ڊيرا مراد جمالي ۽ سکر جي ٻوڏ متاثر علائقن جو جائزو ورتو آھي، ٻوڏ وڏي پئماني تي انسانن، فصلن، چوپائي مال توڙي ملڪيتن کي وڏو نقصان پھچايو آھي، بھرحال، صدر ڊاڪٽر عارف علويءَ جي چواڻي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ڊيم ۽ پاڻي ذخيرا بڻائڻ جي ضرورت آهي.
بھرحال، ملڪ اندر ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ مينھن ڪارڻ ڳاٽي ٽوڙ مصيبت آيل آھي. بھرحال، ڇوٽڪاري جو اھو ذريعو آھي ته وفاقي سرڪار، سنڌ سرڪار ۽ سنڌ جا رھاڪو پنھنجي پنھنجي جاءِ تي نيڪ نيتيءَ سان ڀلائيءَ لاءِ جدوجھد ڪن ته ٻوڏ ڪارڻ مصيبتون گهٽجي سگهن ٿيون. اھا اھم ڳالھه آھي جنھن لاءِ سڀني کي پنھنجو ڪردار باقاعدي ادا ڪرڻو پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button