ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪيندڙ حڪومتي نمائندا

Editorial

هاڻوڪي حڪومت اچڻ کان پوءِ عوام کي اها اميد ٿي هئي ته جيڪي ڪلور عمران خان جي حڪومت ڪيا هئا، سي هيءَ حڪومت نه ڪندي ۽ مهانگائيءَ جو جيڪو بار پي ٽي آءِ عوام تي وڌو هو، ان کي پي ڊي ايم جي اتحادي حڪومت گھٽائيندي. نه رڳو گهٽائيندي پر اها عوام لاءِ ايترو ڪجهه ڪري ويندي جو ان کان اڳوڻي حڪومت جا ڪيل ظلم وسري ويندا. پر حڪومت اچڻ کان پوءِ بلڪل انهيءَ جي ابتڙ ٿيو. ڇاڪاڻ ته هاڻوڪي حڪومت نه رڳو عوام کي رليف ڏيڻ ۾ ناڪام وئي آهي پر اها انتظامي طور به مڪمل ناڪام نظر اچي رهي آهي. اها نه مهانگائيءَ کي ڪنٽرول ٿي ڪري سگهي ۽ نه ئي عوام جي اندر ۾ پيدا ٿيندڙ بي چينيءَ کي گهٽائي ٿي سگهي. تنهنڪري جيڪي ڳالهيون حڪومتي نمائندا ڪندا رهيا آهن. انهن تي عوام اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ڪڏهن حڪومت پيٽرول جا اگهه وڌائيندي آهي، ڪڏهن اها بجلي مهانگي ڪندي آهي ته ڪڏهن وري اها گيس جون قميتون وڌائي عوام کي چوندي آهي ته ڏکيا فيصلا ڪرڻ جو وقت ٿي ويو آهي. ڇا سمورا ڏکيا فيصلا رڳو عوام تي آزمائي سگهجن ٿا. جڏهن ته حڪمران ٽولو پنهنجي لاءِ ڪي به ڏکيا فيصلا ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ناڻي وارو وفاقي وزير مفتاح اسماعيل ته جڏهن به ٽي وي تي اچي ٿو ته هو عوام کي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪيندو آهي.
ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته تحريڪ انصاف ملڪ کي ڊيفالٽ ڪري رهي هئي پر شهباز شريف ملڪ بچايو، تحريڪ انصاف جي نظر ۾ عمران خان پاڪستان جو وڏو هوندو پر اسان جي نظر ۾ ناهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مفتاح اسماعيل چيو ته شوڪت ترين پاڪستان سبب ئي ناڻي وارو وزير بڻيو ۽ ان جون ڳالهيون سمجهه کان ٻاهر آهن. ڇا شوڪت ترين پاڪستان جي خدمت ڪري رهيو آهي؟ ڇا آڊيو ليڪ ۾ هن جو آواز نه هو. جڏهن پنجاب جي وزير خط لکڻ کان منع ڪيو ته خيبر پختونخوا جي وزير کان لکرايو ويو. عمران خان ته ملڪ جو قرض گهٽ ڪرڻ آيو هو پر هن 19 هزار ارب رپيا پاڪستان جو قرض وڌائي ڇڏيو. هن چيو ته عمران خان پنهنجي دوستن کي ايمنسٽي ڏيڻ لاءِ آءِ ايم ايف سان معاهدو ٽوڙيو ۽ هو خيرات جي نالي تي فنڊ گڏ ڪري سياست ۾ استعمال ڪندو آهي. تحريڪ انصاف کي سياست ڪرڻي آهي ته ڪري پر قوم انهن کي ڪڏهن معاف نه ڪندي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن حقيقي آزادي ڪرڻي هئي ته پوءِ ايتريون درآمدون نه ڪيو ها. تاريخ جو سڀ کان وڏو واپاري خسارو نه ڪيو ها. ٽيون سڀ کان وڏو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو نه ڪيو ها. تاريخ جا سڀ کان وڏا 4 بجيٽ خسارا نه ڪيو ها. ملڪ جو 80 سيڪڙو وياج نه وڌايو ها. مفتاح اسماعيل چيو ته هتي توهان جون رڪارڊنگ سامهون اينديون رهن ٿيون، جنهن جي فون کوليو ڪو جيولري گهري رهيو آهي، ڪو توشا خانا جون گهڙيون کپائي رهيو آهي، ڪڏهن ڪنهن کان زمين ورتي وئي آهي. پي ٽي آءِ ڪڏهن ڪنهن کي 190 ملين پائونڊ واپس ڪري ڇڏيا، ڪير ڇو ڪنهن کي پئسا واپس ڪندو عمران خان اچي وضاحت ڏئي، هڪ پريس ڪانفرنس ان تي به ڪيو نه، وڏي حقيقي آزادي جي ڳالهه ٿا ڪيو. توهان ملڪ رياض کان ته آزاد ناهيو ٿيا. هن واضح ڪيو ته وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ هڪ ڏينهن به پيٽرول جي کوٽ ٿيڻ نه ڏني، ملڪ ۾ مهانگائيءَ جي صورتحال ايندڙ ٻن مهينن ۾ ڪنٽرول ڪري وٺنداسين ۽ عام واهپي جي شين جا اگهه سستا ڪنداسين. وفاقي وزير تسليم ڪندي چيو ته ٻوڏ سبب آخري هفتي تمام گهڻي مهانگائي ٿي آهي، اڌ پاڪستان ٻڏل آهي ۽ وزيراعظم متاثرن کي امداد ڏئي رهيو آهي. عوام هاڻ ڪنهن به ريت حڪومت جي ڳالهين تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. اهي ساڳيون ڳالهيون عوام عمران خان جي حڪومت ۾ به ٻڌندو رهندو هو. هن جي حڪومت ۾ به عوام دوست فيصلا نه ٿي سگهيا. نتيجي ۾ عوام سندس حڪومت کان بيزار ٿي ويو هو. جڏهن ته هن حڪومت مان به عوام کي چڱائيءَ جي اميد نظر نٿي اچي.
اسين سمجهون ٿا ته عوام اڳ ئي گهڻو پريشان آهي. عوام ڪنهن به ريت اهو نٿو چاهي ته حڪومت ان مٿان مهانگائيءَ جو بار وجهندي رهي ۽ اهو ماٺ ڪريو ٻڌندو رهي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عوام کي رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ۽ ان کان سواءِ عوام آڏو حقيقتون پڌريون ڪيون وڃن. جيڪڏهن حڪومت عوام مٿان مهانگائيءَ جو بار نٿي گهٽائي سگهي ته پوءِ ان ڳالهه کي قبول ڪري ته هن جي وس ۾ ڪجهه به ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button