ڪو وقت هو، جڏهن ساحلي پٽي ساوڪ کي سانڍي رکندي هئي ۽ محبتن ڀريا منظر هئا. تڏهن اهو ٻڌڻ ۾ ايندو هو ته سانگهڙ پڻ ائين هو پر جڏهن ناڪارا منصوبا جوڙي پاڻيءَ جا قدرتي وهڪرا بند ڪيا ويا ته اها خوشحالي ڪومائجي وئي. پاڻيءَ جا قدرتي وهڪرا رڻ کي آباد ڪري شڪور ڍنڍ ۽ ڪنڊڙي ڍنڍ کي رونقون بخشيندا هئا پر وقت جي تيز رفتار ترقيءَ جو انڌو راڄ جو جيتري تڪڙي ترقي ايترو ئي گهڻو نقصان.
جڏهن کان ايل بي او ڊي سم نالي جو منصوبو عملي طور سامهون آيو آهي، انهيءَ وقت کان وٺي سنڌ جا ڪجهه ضلعا ايل بي او ڊي جي تباهيءَ جو شڪار ٿيندا رهيا آهن. ڪڏهن زهريلن پاڻين جو سور ٿو ماري ته ڪڏهن گهڻين برساتن ۾ ٻچن جي ٻڏڻ جو خوف دماغ تي سوار ٿي ويندو آهي. سانگهڙ ۽ ميرپورخاص سان گڏ بدين گهڻو ئي ڀوڳيو آهي. بدين جا ماڻهو ايل بي او ڊي سم نالي کي ڪارو نانگ پڻ سڏين ٿا. وري ڪجهه ماڻهو هن کي موت جو رڪاس پڻ چون ٿا.
منهنجي ننڍڙي تجربي موجب هيءَ اهڙي ته غلط رٿا آهي جو مختلف حوالن سان ٻين ضلعن جي ڀيٽ ۾ بدين جي تباهيءَ جو ڪارڻ بڻيو آهي. بدين کي هر سال ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان نقصان ڏي ٿو اهو ڪڏهن زهريلي پاڻيءَ جي صورت ۾، ڪڏهن ابتو ويهڻ جي صورت ۾ ته ڪڏهن وري سمنڊ کي گس ڏيڻ جي صورت ۾. يا گهڻيون برساتن وسڻ سان ٽٽڻ ڪري پڻ هن نقصان ڏنا آهن. هن راڪاس سم نالي ڍنڍون ڍورا ته تباهه ڪيا پر سمنڊ کي اڳتي وڌڻ ۾ پڻ هن ڪاري نانگ جي صورت ۾ ڏنگيو آهي. سمنڊ کي رستو ڏئي بدين جي هزارين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آهي. لکن جي انگ ۾ زمين پڻ سم ۽ ڪلراٺي ڪئي آهي. جنهن جي ڪري بدين جي ساوڪ وارو حصو پڻ تباهه ٿي ويو آهي. ولاسو ڀڙڀانگ ٿي ويو. هاڻي نريڙي ڍنڍ به نيري پاڻيءَ لاءِ سڪي رهي آهي. نريڙي ڍنڍ ۾ هاڻي نيرڳ پکي ٿڪ ڀڃڻ لاءِ نٿو اچي. مڇين جا ته نسل ختم ٿي ويا پر تمر به ختم ٿي ويو آهي.
اڳ ساحلي پٽيءَ تي تمر جا وڏا ٻيلا هئا. نريڙي ڍنڍ، سانڍو ڍنڍ چورڏي ڍنڍ، چوبندي ڍنڍ ۽ پٽجي ڍنڍ آباد هيون پر ايل بي او ڊي زهرلي پاڻي اتان جو سواد ئي مٽائي ڇڏيو آهي. هاڻي رڻ رڙيون ٿو ڪري ۽ ماڻهن پنهنجا اجها ڇڏي شهرن جو رخ ڪري ويا آهن. بقول شاهه سائين:
نه سي وونئڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتاريون
پسيو بازارون هيئنڙو مون لوڻ ٿئي
بس اهي ئي منظر فقير ناٿو لنڊ هن راڪاس سم نالي جا درد کڻي وڃي پنهنجي حقيقي مالڪ سان مليو، جنهن پڻ هن خطي کي خوشحال لکيو آهي. هاڻي ته روپا جي ماڙي به مرڪڻ ڇڏي ڏنو آهي ٿورو اڳڀرو ٿو اچجي ته وري راڪاس سم نالو هنڌان هنڌان ٽٽيو وڃي. هن منصوبي جو اصل ڪارڻ ڇا هو. هن کي ڊزائين ڪرڻ سان ورلڊ بنئڪ کي ڇا مليو يا رڳو اسان جي حڪمرانن هر سال کيسن گرم ڪرڻ لاءِ هي منصوبو جوڙيو ويو آهي. آخر هن جو ڪو حل نڪرندو يا قدرتي وهڪرا بند ڪري ماڻهن کي هر سال ٻوڙيو ۽ ماريو ويندو ۽ انهن کي دربدر ڪيو ويندو.
سرڪار ڇا ٿي چاهي؟ پراڻ جا وهڪرا پڻ بند ڪري ان تي قبضا ڪيا ويا آهن. هاڻي ته هاڪڙي نديءَ جي هاڪ به نٿي ٻڌجي. ٻڌڻ ۾ پيو اچي ته تڪڙي ترقي انڊيا جا روڊ رستا پڻ سمنڊ طرف وڌائي ڇڏيا. هاڻي شڪور ڍنڍ جا پڻ رستا بند ڪيا ويا آهن. جيڪڏهن اها حالت رهي ته وڃي رهندا ناني وارا ڪن. بدين ضلعو بس ڪاغذن ۾ هوندو.
انهيءَ لاءِ اچو ته ڪا حڪمت عملي جوڙي قدرتي وهڪرن جي بحالي لاءِ جدوجهد ڪريون ته جيئن هر سال ٻچن کي وات ۾ کڻڻ کان بچون ۽ سرسبز زمينون هن راڪاس سم نالي کان بچايون. من پراڻ کان ويندي ساحلي پٽي آباد ٿي پوي. ماڻهو پنهنجي ڇڏيل ماڳن ڏانهن موٽي اچن. هڪ خوشحال خطي کي پنهنجي اکين سان ڏسون. انهيءَ لاءِ مسلسل عملي جدوجهد جي ضرورت آهي. قدرتي وهڪرا بحال ٿين ته پوءِ وري هن سهري کي به ورجائبو.
سهڻا تون ۾ وڃ لاڙ
پکو مان جهلندي سانءِ
مولوي حاجي احمد ملاح وارو لاڙ ٿو گهرجي. شيخ سومار وارو لاڙ ٿو گهرجي. مرکان شيخ وارو لاڙ ٿو گهرجي.
فقير ناٿي لنڊ جي جوانيءَ جا سيراڻي طرف ڪيل پنڌن وارو لاڙ ٿو گهرجي. عوام کي اهو لاڙ ٿو گهرجي جتي ساوڪ، وڻ ٽڻ، امن ۽ ڀائيپي هجي. جتي پکين جون مٺيون ٻوليون هجن، جتي ڪو به ٻار کارو پاڻي پي ڌم نه ڏئي. جتي ڪونجين جون ڪڻ ڪڻ هجي،جتي مڇين جون مستيون هجن.
اچو ته حسن جي ڳايل رامڪي بازار وري آباد ڪريون. ونگو پتڻ وسي پوي ۽ نئون ڪوٽ پڻ نياپن جهڙا نينهن نڇاور ڪري. هاڻي لطيف جو بڙ وارو ڍورو ٿو کپي، جتن جي اٺن جا وڳ ٿا کپن. لسيون مکڻ ٿا کپن. اهڙي ديس جي ساڀيان لاءِ وک وڌايو. پر اهو تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن اسين سڀئي گڏجي ڪوششون ڪنداسين. جڏهن اسين پنهنجن ماڻهن جي مالڪي ڪنداسين ۽ سنڌ دشمن رٿائن خلاف آواز اٿاريون. هاڻوڪي ٻوڏ ۾ به اسان اهو ئي ڏٺو ته ڪيئن پاڻيءَ جي گذر لاءِ جوڙايل ايل بي او ڊي سنڌ کي ٻوڙي ڇڏيو. سنڌ جي برسات گهٽ پر ناقص رٿابندي وڌيڪ ٻوڙو آهي. جنهن جي ڪري اسان کي اهو پڇاڻو حڪمرانن کان ڪرڻ گهرجي. جن عوام دشمن رٿائون شروع ڪري، سنڌ کي ٻوڙي ڇڏيو آهي.