شهباز گِل ته سرد خاني ۾ هليو ويو آهي، ان جيڪي اعتراف ڪيا يا ڪرڻ وارو آهي، ان جي نتيجي ۾ جيڪو عمران خان کي نقصان ٿيو يا ٿيڻ وارو آهي، ان کي روڪڻ لاءِ جيترا هٿ پير هنيا ويا، اهي ته ڪوبه نتيجو ڏئي نه سگهيا. پر هاڻ معاملو ان کان به اڳڀرو وڃي رهيو آهي. ٻوڏ جي تباهين، حڪومت ۽ اسٽيبلشمنٽ کي في الحال ڪنهن قدم کڻڻ کان روڪي ورتو آهي پر تازو ئي عالمي مالياتي فنڊ کان قرض جي قسط وٺڻ لاءِ ناڻي جي اڳوڻي وفاقي وزير شوڪت ترين جيڪو ڪردار ادا ڪيو ۽ ايستائين جو هن کي “غداري” جا جيڪي سرٽيفڪيٽ مليا. انهن عمران خان کي وڌيڪ پريشان ڪيو آهي. شوڪت ترين جي آڊيو ٽيپ، جنهن ۾ هو پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي ناڻي جي وزيرن کي صلاحون ڏئي رهيو هو ۽ ان کان اڳ فواد چوڌري آءِ ايم ايف کي خط لکڻ لاءِ جيڪي ڳالهيون ڪيون، انهن سڀني کي Mind ڪيو ويو آهي. هي معاملا حڪومت کان وڌيڪ رياستي ادارن جا آهن. ان ڪري انهن ۾ ڪيتري هٿ چراند ڪري سگهجي ٿي، اها سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي.
عمران خان وري وري چئي رهيو آهي ته هن کي ديوار سان لڳايو ويو ته هو رت پياڪ ٽائيگر ٿي ويندو. ان سان گڏ اهو چوڻ ته ڪي پي ڪي، پنجاب، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ هن جون حڪومتون آهن. ان ڪري هو جنهن وقت چاهي اسلام آباد کي لاڪ ڊائون ڪري سگهي ٿو. هو جلسن ۽ جلوسن ۾ جيڪي ڪجهه چئي رهيو آهي، ان تي ان جا مخالف ٻن قسمن جا اعتراض وارين ٿا. هڪڙو اهو ته عمران خان کي جلسا ڪرڻ بدران ٽي ڪروڙ جي لڳ ڀڳ ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. هن کي لڳاتار صلاح ڏني پئي وڃي ته هو سياست کيڏڻ جو سلسلو بند ڪري. ان سان دنيا ۾ غلط پيغام وڃي رهيو آهي. جيڪڏهن عالمي سطح تي امدادي مدد متاثر ٿي ته وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿي ويندو. ٻيو اهو ته هو لڳاتار واڳ ڌڻين کي نشانو بڻائي رهيو آهي ۽ وفاقي گادي واري شهرن کي لاڪ ڊائون ڪرڻ جو مطلب حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي ڌمڪي آهي، جنهن کي معاف نه ڪرڻ جوڳو فعل سمجهيو وڃي ٿو. ڇا رياست ۽ ان جا ادارا عمران خان کي ايتري ڊگهي رسي ڏئي سگهن ٿا؟ جيڪڏهن ڏيندا ته حڪومت تي قبضو ٿي ويندو ۽ ان جي نتيجي ۾ ملڪ جي صورتحال ته انتهائي خراب ٿي ويندي. حڪومت جي اڳيان ٻوڏ متاثرن جي بحالي به چيلينج هوندو. جيڪڏهن ادارن، عمران خان کي ائين ئي رکيو، جيئن هو چئي ۽ ڪري رهيو آهي ته پوءِ ان جي نتيجن جي قيمت ڪير ادا ڪندو؟
هينئر ڪي پي ڪي ۾ طالبان ويڙهاڪن جي موجودگي ۽ ڪيترن ئي اڳواڻن کان ڀتا وٺڻ جا افواهه به گردش ۾ آهن. اهي خبرون رپورٽ ٿيون آهن ته قومي اسيمبليءَ جو اڳوڻو اسپيڪر اسد قيصر، ڪي پي ڪي جو وڏو وزير محمود خان، ڪيترائي امير وزير طالبان کي ڀتو ڏين ٿا. جيڪي رياست لاءِ خطرو بڻجي رهيا آهن. طالبان، رياست سان هلندڙ ڳالهيون به ختم ڪري ڇڏيون آهن. اهڙي صورتحال ۾ انهن جي خلاف هڪ ڀيرو ٻيهر آپريشن جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، جنهن کي رياستي ادارا روڪڻ چاهين ٿا. پر ڪي پي ڪي حڪومت رياست سان سهڪار ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي. صوبائي حڪومت جي ان رويي کي طالبان جي سهولتڪاري سڏي وڃي پئي. رياست کي چيلينج ڪندڙ قوتن خلاف صوبائي حڪومت پاران ساٿ نه ڏيڻ تي اهم ادارا ڪهڙا اپاءَ وٺندا، اهو انتهائي خطرناڪ ٻڌايو پيو وڃي. عمران خان چئي ٿو ته طالبان ڪي پي ڪي ۾ هن جي پارٽيءَ جي حڪومت خلاف ڪارروايون نه ڪندا. ڇاڪاڻ ته هنن ۽ سندس سوچ ساڳي آهي. طالبان ته رياست کي چيلينج ڪن پيا. ڇا عمران خان به رياست جي خلاف وڙهندو ۽ ان جا نتيجا اسان ملڪي ۾ تاريخ ۾ ڏسندا رهيا آهيون.
وفاقي حڪومت، فوج ۽ ٻين ادارن اهڙو ئي نئون ادارو قائم ڪيو آهي، جهڙو ڪورونا بابت معلومات ڏيڻ لاءِ قائم ڪيو ويو هو. نئون قائم ڪيل ادارو روزاني جي بنياد تي ٻوڏ جي تباهين ۽ بحاليءَ جي ڪمن بابت معلومات فراهم ڪري رهيو آهي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته حڪومت توڙي فوج گڏيل طور تي ٻوڏ متاثرن جي معاملي کي سنجيده وٺن ٿا. پر عمران خان، متاثرن جي مالي سهائتا ۾ رڪاوٽون وجهڻ گهري ٿو. هن جون سياسي سرگرميون، ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ اعتراض جوڳيون سمجهيون وڃن پيون.
هڪ ٻي اهم ڳالهه ته اڳ اهي اطلاع آيا ته بني گالا ۾ عمران خان جي گهر جي جهڙتي وٺڻ لاءِ تياريون ڪيون ويون ته جيئن بقول حڪمرانن جي اهم دستاويز هٿ ڪجن. ائين جيئن هينئر آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ڪيو ويو آهي. آمريڪا جهڙو ملڪ، جتي ان قسم جون ڪارروايون، اهي به اڳوڻي صدر جي خلاف ٿيڻ جو ورلي مثال ملي ٿو، پر هاڻ نه فقط ڇاپو هنيو ويو پر اها دعويٰ به سامهون آئي آهي ته اهم دستاويز هٿ ڪري عدالت ۾ پيش ڪيا ويا آهن. ساڳي ڳالهه عمران خان جي حوالي سان ورجائڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن. اهڙي ڪارروائي ۾ ڪيترو وقت لڳندو. ان بابت چيو پيو وڃي ته في الحال ٻوڏ جي صورتحال آهي،بحالي کانپوءِ ڪارروائي ڪئي ويندي.
عمران خان خلاف جيڪي ڪارروايون سوچيون ويون آهن، انهن جي بيڪ اپ لاءِ هڪ طرف شهباز گِل موجود آهي. ان سان گڏ شوڪت ترين ۽ ڪي پي ڪي جو ناڻي جو وزير تيمور جهڳڙا اهم ٻارڻ ٿي سگهن ٿا. شوڪت ترين هڪ اڌ ڏينهن اڳ ڪيل پريس ڪانفرنس، جنهن کي اليڪٽرانڪ توڙي پرنٽ ميڊيا تي انتهائي لو پروفائل ۾ رکيو ويو. ان ۾ تمام گهڻو ڪاوڙيل هو. هو رياستي ادارن کي پيغام ڏئي رهيو هو ته هن جنهن وقت اين ايف سي ايوارڊ ڏنو ته هو غدار نه هو. هن جي والد جي قرباني کي سامهون رکيو وڃي. هن (ن) ليگ جي اهم اڳواڻ شاهد خاقان عباسيءَ کي مخاطب ٿيندي چيو ته هو اهو ڏينهن ياد رکي، جڏهن لنڊن ۾ هن کيس اهم ڊيل ۾ مدد ڪئي هئي. جيڪڏهن هو کيس ريسڪيو نه ڪري ها ته کيس ڪروڙين رپين جو نقصان ٿئي ها. ان مان سمجهي سگهجي ٿو ته اهي جيڪي هڪٻئي لاءِ سهولتڪاري ڪندا رهيا آهن، اهي آمهون سامهون آهن. جنهن ڏينهن کان عمران خان توهين عدالت ڪيس ۾ حامد خان کي پنهنجو وڪيل ڪيو آهي ۽ ان فواد چوڌري خلاف جيڪي ڀريل عدالت ۾ ڳالهيون ڪيون. ان ڏينهن کان فواد چوڌري به پاسيرو نظر اچي پيو. هن جا مخالف ته اهو به چون پيا ته فواد چوڌري، ڪنهن ٻئي پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ پر سوئي رهيو آهي. سوال هي آهي ته مصطفيٰ نواز کوکر کان وٺي مفتاح اسماعيل تائين سمورا فواد چوڌري جا پيالي ڀائي آهن. ان جي باوجود اهي کيس سام طور رکڻ لاءِ تيار ناهن. مفتاح جي پنهنجي نوڪري خطري ۾ آهي ۽ اڄ نه وڃي سڀاڻي وڃي. مصطفيٰ نواز کوکر بلاول جي سيڪريٽري واري عهدي کان الڳ ٿي ويو هو. ان کان پوءِ پارٽي کان به پرڀرو آهي. ان ڪري فواد چوڌري رڳو (ق) ليگ ڏانهن وڃي سگهي ٿو، پر چوڌري شجاعت حسين ته کيس قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندو. باقي پرويز الاهي الڳ پارٽي ٺاهي ته ان جو حصو ته ٿي سگهي ٿو، پر هو هوندو وري به پي ٽي آءِ جو اتحادي.
هينئر سموري دنيا جون نظرون سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ ستايلن تي آهن. ان ڪري سياسي سرگرميون ذري گهٽ معطل ٿي ويون آهن. عمران خان، جيڪي دٻاءُ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ان کي بي وقتو راڳ سمجهيو پيو وڃي. اهم اداري اندر به اهم تبديلي اچڻ واري آهي يا وري اسٽيٽس ڪو برقرار رهندو، جنهن ۾ عمران خان پنهنجو ڪردار ڏسي رهيو آهي، پر موجوده حڪمران، جن کي امپورٽيڊ سڏيو وڃي ٿو، اهي طئي ڪري چڪا آهن ته هو ايندڙ چونڊون مقرر وقت تي ڪرائيندا. ان سان گڏ اهم اداري اندر جيڪي تبديليون آيون، اهي به انهن جي راضپي سان اينديون. ان ڪري عمران خان جي مستقبل جي سياست ۾ ڪوبه ڪردار نظر نٿو اچي.
عمران خان واقعي خطرناڪ ٽائيگر ٿي وڃي ٿو ته رياست جو ڪهڙو ردعمل هوندو؟ رياستي ادارا ماضي ۾ ڪيترو خونخوار ڪردار ادا ڪندا رهيا آهن، اها خبر ان نسل کي بهتر طريقي سان آهي، جنهن فوجي مارشلائن جي ڏينهن ۾ ڦٽڪا کاڌا ۽ جيلن ۽ اذيت گهرن کي ڀوڳيو. اهي جيڪي هڪ ڏينهن به جيل جي گرمي ۽ هوا کي برداشت ڪري نه نٿا سگهن، اهي جنهن به طاقت جي زور تي ڌمڪيون ڏين ٿا، اهي بيڪ فائر ئي ٿي سگهن ٿيون. رياست، ماضي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سگهاري ۽ مخالفن کي چيڀاٽڻ جي سگهه رکي ٿي. جيڪڏهن حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته باقي ادارا ماٺ ڪري ويهي نٿا سگهن. ان ڪري هي باهه ۾ آڱريون ساڙڻ وارو جوکو آهي، جنهن کي عمران خان ڪيئن برداشت ڪندو. اهو سمجهڻ لاءِ مستقبل جي تبديلين تي نظر رکڻي پوندي. جيڪڏهن رياست، هٿيار ڦٽا ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندي ته پوءِ ملڪ جي بقا جو سوال پيدا ٿيندو. ان سان گڏ، وفاق هڪ طرف هوندو ۽ باقي ايڪائيون ٻئي پاسي هونديون. ايڪائيون خاص ڪري سنڌ ۽ بلوچستان ته اڳ ئي ناراض آهن. اهي عمران خان جو ساٿ ته نه ڏينديون، ان سان گڏ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي به رياست جي وکرڻ واري سوال تي عمران خان جو ڪيترو ساٿ ڏيندا. اهو به ڏسڻو پوندو. پاڪستان اڳوڻي سوويت يونين ناهي، جيڪو ميخائل گورباچوف جي حڪم تي سموريون رياستون يا سوويتس پرامن طريقي سان الڳ ٿي وڃن.