ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

لمپي اسڪن بيماري: وھم ۽ جانورن جو موت

Editorial-Article-Zulfiqar Nohrio

جيئن ته ھي بيماري ماتا سان ملندڙ آھي، تنھنڪري ڀاڳيا وڏي ماتا، ڳوڙھين جي بيماري ته وري ڪٿي کل جي بيماريءَ جي نالي سان به سڏيندا آھن، سموري سنڌ پر خاص ڪري ھن مھل ٿرپارڪر ضلعي ۾ ڍڳيون ھن موذي مرض ۾ تمام گھڻيون مبتلا ٿيون آھن. ھونئن ته ھي ملڪ معاشي حوالي سان زراعت ۽ مال تي دارومدار رکندڙ آھي، جيڪي انساني کاڌ خوراڪ جي پورائي سان گڏ معاشي سگھه جو اھم ذريعو بڻيل آھن پر ٿر ضلعو جتي، برساتن جو وقت سر نه پوڻ ڪري، اڪثر ڏڪاري لپيٽ ۾ رھڻ جي ڪري، ماڻھن جو وڏو انگ زراعت کان وڌيڪ مال کي معاشي ذريعي جي وڏي سگھه سمجھي ٿو، بدقسمتيءَ سان ٿرپارڪر ضلعي ۾ وڏي تعداد ۾ جانور ھئڻ باوجود تمام گھٽ علائقن کي ڇڏي ڪري باقي جڳھين تي جانورن جي اسپتالن ۽ ڊاڪٽرن جي وڏي کوٽ ھجڻ ڪري، انتھائي بيرحمي سان مال مرندو آھي. پر شايد ھي ريگستان جو تنھا احتجاج آھي، جيڪو ڪنھن کي ڏسڻ ۾ نٿو اچي. ھونئن ته برساتن کانپو ٿر ۾ ٻڪريون، رڍون، اٺ به ڪافي بيمارين جو شڪار ٿي مري رھيا آھن پر ڍڳيون وڏي پئماني تي لمپي اسڪن جي بيماري جو شڪار ٿيون آھن.
ھي بيماري ھڪ وائرس ڪئپري پاڪس Capripox جي ڪري تقريبن سڀني جانورن جھڙوڪ ڳئون، مينھن، رڍن ۽ ٻڪرين ۾ ٿيندي آھي پر سڀ کان وڌيڪ ڍڳين تي اثرانداز ٿيندي آھي، ھن بيماري کي ڦھلائڻ ۾ چڪ پائيندڙ مڇر ۽ سندس مکين جو اھم ڪردار آھي، ھن بيماريءَ جو مخفي مدو يعني جانور جي جسم ۾ جراثيم داخل ٿيڻ کان وٺي پنھنجي پوري شدت سان بيماري ظاھر ٿيڻ واري عرصي کي مخفي مدو سڏيو ويندو آھي جيڪو ھن بيماري ۾ ست کان چوڏھن ڏينھن تائين آھي، بنيادي طرح ھي بيماري آفريڪي ملڪن تائين محدود ھئي پر ھن مھل تائين ھي بيماري تقريبن دنيا جي ڪافي ملڪن ۾ به سڃاڻپ ڪئي ويئي آھي، پر پنھنجي ملڪ ۾ ھن وقت ڏاڍي شدت سان ظاھر ٿي آھي، ھن بيماري جي سڃاڻپ ھيٺين نشانين تحت ڪري سگھجي ٿي. جانور کي تيز بخار، اکين ۽ نڪ مان پاڻياٺ جو وھڻ، اکيون ڏرا ڏيئي وينديون آھن، چمڙي تي داڻا جيڪي سخت ۽ کل جي ھيٺين سطح تائين پکڙيل ھوندا آھن. ھن بيماريءَ ۾ جانورن جو وات به سخت متاثر ٿيندو آھي، جنھن سان جانور جي کائڻ جو عمل رڪجي ويندو آھي، ھن بيماريءَ ۾ نه فقط وڏا جانور پر ننڍا ڦر به متاثر ٿيندا آھن پر مادين ۾ وئڪسين ٿيڻ جي صورت ۾ کير وسيلي ڦرن ۾ قوت مدافعت پيدا ٿي پوندي آھي جيڪا بيماريءَ کان بچائي ڇڏيندي آھي، ھن بيماريءَ ۾ جانورن ۾ کير جي گھٽتائيءَ سان گڏ ڍڪين مادين ۾ ڦر ڪرڻ جو خطرو به موجود ھوندو آھي.
جيئن ته ھي بيماري، مکين ۽ مڇرن جي ذريعي ھڪ جانور کان ٻي جانور تائين ڦھلجندي آھي، تنھنڪري جيڪي جانور ھن بيماريءَ ۾ مبتلا آھن. انھن تي اسپري جو استعمال ضروري ڪرڻ گھرجي ۽ خاص ڪري صحتمند جانورن کي بيمار جانورن کان الڳ ڪرڻ گھرجي، جيتري قدر آئون سمجھان ٿو ته ھن بيماريءَ کي ڪنٽرول ڪرڻ لا تمام مھانگين دوائن جي استعمال بدران انتھائي سادين ۽ سستين دوائن سان به سئو سيڪڙو نتيجا حاصل ڪري سگھجن ٿا پر بدقسمتي سان پاڻ وٽ جيئن ئي ھن بيماري ڪر کنيو ته عجيب لقا ڏسڻ ۾ آيو، ھر پاسي اھي کوکلا افواھه ڦھلايا ويا ته اھا بيماريءَ لا علاج آھي، ھن جو ڪو به علاج ڪونھي، ھن ۾ جانورن کي انجيڪشن نه ھڻڻ گھرجي صرف پيناڊول جون گوريون کارائي ڇڏيو، ته ڪٿي وري اھو به ٻڌڻ ۾ آيو آھي ته لوڻ، تيل، ڦٽڪي،ميٿري ۽ ھئيڊ جو استعمال ڪري ڇڏيو. ھاڻي ته اھو به چون پيا ته تيرا ميرا ٻج ھڪ پا کارائي ڇڏيو، ڪو ھڪ لکي ٿو ته ھن بيماري ۾ ڪو به علاج نه ڪرڻ گھرجي، ته اڪثريت بغير سوچ، سمجھه جي صرف انھن جو نقل ڪرڻ شروع ڪندي آھي. نتيجو اھو نڪتو آھي، ڀاڳيا جانور جو علاج ڪرڻ ته پري جي ڳالهھ پر ويجھا وڃڻ لا به تيار نه آھن، جنھن سبب ھزارن جي تعداد ۾ جانور ڪنھن به قسم جي سار نه لھڻ ڪري، موت جي گھاٽ چڙھي ويا، ائين ئي ھن بيماري جي دوران شروعاتي ڏھاڙن ۾ ھڪڙو ڀاڳيئو مون وٽ آيو، حال احوال ٿيا، اچڻ جو سبب پڇيم، چيائين منھنجي جانور کي وڏي بيماري ٿي آھي، جنھن جو ڪو علاج ناھي. ڊاڪٽر چون ٿا، ھينئر وڃ، اسان سوچينداسون، ڪنھن نتيجي تي پھچون پو ڏسنداسون، ڪجهھ گھڙين جي ساھي کانپو ڏيڍ کان ٻن لکن جي ڍڳي جي مالڪ چيو، جيڪڏھن اسان ايترو انتظار ڪنداسون، تيسين جانور مري ويندو، وري ساھي پٽي ڀاڳيي، نڙي مان ڄڻ ٿوھر جو رس پيئندي مونکي چيو، آخر اوھان ڇا ٿا چئو، مون چيو ٻڌ، ڪا به بيماري لا علاج نه ٿيندي آھي،جيڪڏھن لا علاج آھن، ته انھن مسيحائن جا کوکلا ذھن لا علاج آھن،جيڪي ساھوارن جي زندگين بچائڻ ۽ سماجي اميدن جو ڀرم رکڻ، جھڙن پيشن سان سلھاڙيل ھئڻ باوجود به وقت کان اڳ حوصلا ٽوڙي، اميدن جي دامن جون اکيون پٽي ڇڏيندا آھن، ان وقت مونکي پنھنجي استاد جا اھي لفظ ياد آيا، جيڪي سياري جي ٻاٽ اونداھين ۾ فيلڊ ورڪ دوران هن مون کي چيا ھئا ته، ڪاميابي پوزيشن ھولڊر ڊگرين سان سلھاڙيل ناھي نه ئي ڪاميابي لا سئو سيڪڙو سيميسٽر جي پيپرن جي جي پي گھربل ھوندي آھي، پر ڪامياب ٿيڻ لا خود اعتمادي جھڙي سگھه ھئڻ گھرجي، اھا ھن مھل پنھنجي سماج ۾ تمام گھٽ آھي ۽ نوجوانن جي ناڪامي جو اصل سبب به اھو ئي آھي، تمام وڏن ۽ خطرناڪ ڪيسن باوجود حوصلن جا ھماليا ساڻ ڪرڻ گھرجن، ڏندن ۾ پين ڏئي سوچڻ بجا چند سيڪنڊن سان نتيجي تي پھچي، پنھنجي ٿيلھي ۾ پيل جيڪي به دوائون ھجن، انھن سان ئي وقت سر رزلٽ وٺڻ جي صلاحيت ھجڻ گھرجي، اھي ئي شيون خود اعتمادي جي زمري ۾ اينديون آھن.
مون پنھنجي اڳيان پيل ٽيبل ڏانھن ڏٺو جتي صرف پينسيلين، ميلوڪسي ڪيم ۽ بي ڪامپليڪس موجود ھيون. تمام سستيون ۽ ساديون شيون، مون انجيڪٽر ڏانھن ھٿ وڌايو. سوچيم ته من گھڙت بھانن جا تاج محل اڏي، ھنگامي حالتن ۾ پٺي ڏيڻ کان بھتر آھي، جيڪي شيون موجود آھن، انھن مان ئي رزلٽ وٺڻ گھرجي. ائين مون سڀ کان پھرين لمپي جو ڪيس فقط ھڪڙي ڊوز سان ۽ قيمت اڍائي سئو تائين ۾ ڏيڍ کان ٻه لک جي ڍڳي جي زندگي بچائي ورتي ھئي. ھي بيماري تمام ڪمزور ۽ ڏٻرن جانورن تي ٽي ڏينھن کان ھڪ ھفتي تائين به ھلي سگھي ٿي، پر ھنن سادين دوائن سان به ھن بيماري جو خاتمو آڻي سگھجي ٿو. يقين ڪيو افواھن جي دنيا مان نڪري وڏين مھانگين دوائن ۽ اجاين احتياطن بجا اھڙي قسم جا سادا ۽ سستا ائٽم رکي ڇڏيو، جيڪي موقعي مھل سان بي فڪر ٿي استعمال ڪري، تمام گھٽ پئسن ۾ جانورن جون زندگيون بچائي وٺجو. اوھان کي گھٻرائڻ جي ڪا به ضرورت ناھي. ھن بيماريءَ ۾ موت جي شرح صرف ٽي سيڪڙو آھي، ھتي وڏي پئماني تي جيڪي جانور مري رھيا آھن، انھن جو اھم سبب فقط خوف ۽ بي ڌياني سبب جانورن تي ڪنھن به قسم جي توجهھ نه ڏيڻ آھي. تنھنڪري ھي سڌريل دنيا ناھي، جتي جانورن جي پيڙا رياستي نظام ۾ ٿرٿلو وجھي سگھي، ھي غير ذميوار نظام آھي، جتي ساھوارن جي زندگي ٽشو پيپر جيتري به اھميت نٿي رکي، ان جي ڪري، ڪنھن تي ڀاڙڻ بدران پاڻ سان گڏ اھي ساديون ۽ سستيون دوائون رکو، جيڪي وقت سر ڪم آڻيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button