ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ٻوڏ کان پوءِ بيمارين جي لهر جو خدشو

Editorial-Article-Naseem Zehra

پاڪستان جي تاريخ جي تباهي پکيڙيندڙ ٻوڏ اڃا تائين بيهڻ جو نالو ڪونه پئي وٺي. اڃا تباهي بدقسمتيءَ سان عروج تائين ڪانه پهتي آهي. برساتون اڃا تائين جاري آهن ۽ تباهي به.
گذريل 36 ڪلاڪن ۾ سيوهڻ ۽ ڀرپاسي جي علائقن کي بچائڻ لاءِ منڇر ڍنڍ کي کنڊ هنيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ جعفر آباد ۽ ڀرپاسي جي وسندين جا هزارين واسي بي گهر ٿي ويا آهن ۽ ائين ئي دادو جي ويجهي واري علائقي نظيرآباد جي هوائي جائزو وٺجي ته پاڻيءَ سان گهريل هڪ ٻيٽ نظر اچي ٿو. پر اهو ٻيٽ نه هزارين ماڻهن جو شهر آهي، جيڪو هاڻ ٻوڏ جي گهيري ۾ آهي.
ٻوڏ جي پاڻيءَ جي وڪڙ ۾ هاڻ پاڪستان ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀاڱي ٽي زمين اچي وئي آهي. ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پاڪستان جي ڀرپاسي ۾ اهڙا ماڳ آهن، جتي لکن جي انگ ۾ ٻوڏ سٽيل ٻار، پوڙها ۽ جوان عورتون بيمار لاچار ۽ پنج لک کان وڌيڪ ڳورهاريون عورتون پاڻيءَ ۾ گهريل آهن يا بي يارو مددگار واري حالت ۾ کليل ميدان ۾ کائڻ پيئڻ ۽ تنبو يا بستري جي اوسيئڙي ۾ آهن. روڊن کي ٻوڏ جو پاڻي وهائي ويو آهي، گهر مسمار ۽ فصل پاڻي ۾ فنا آهن. قيامت جو منظر شايد اهڙو ئي هجي.
گهٽ ۾ گهٽ في الحال پنهنجي پاڪ سر زمين جي ته اهڙي ئي حالت آهي. موت جي ڳڻپ ۽ تباهي وڌندي پئي وڃي. وڏن شهر ۾ روزيءَ جي ڳولا ۾ سالن کان رهندڙ هاڻ ڪيترائي ماڻهو ٻوڏ وارن علائقن ڏانهن پنهنجن مائٽن ۽ مال متاع کي بچائڻ لاءِ نڪري پيا آهن.
اڃا آفت ڪانه ٽري آهي، ڇاڪاڻ ته برساتون جاري آهن. اهي ٻوڏ جون تباهه ڪاريون آهن، جيڪي هن وقت ته روڪڻ سان ڪونه پيون رڪجن. اهو ته قدرت جو ڪم آهي. سڀئي پاڪستاني، حڪومت ۽ شهري گڏجي سوچ سمجهه سان دل کولي ٻوڏ سٽيلن جي مدد لاءِ سامهون اچن ۽ انهن کي خدا جون نعمتون ڏنيون وڃن. اهي پنهنجي هم وطنن سان ورهائين ته جيئن لکين پاڪستانين جون تڪليون سوليون ٿي وڃن.
هر آفت ۾ پاڪستاني پنهنجو بهترين پاسو ڏيکاريندا آهن. انسان دوستيءَ جو، خدا کان ڊپ جو بهترين مثال ٺهي ڏيکاريندا آهن. هن ٻوڏ جي تباهيءَ ۾ به ائين ٿي رهيو آهي. سوشل ميڊيا تي نظر ڊوڙايون ته اتي اڻ ڳڻيا گروپ آهن، جيڪي 24 ڪلاڪ ٻوڏ سٽيلن لاءِ ڪم سان جذبي ۽ جنون سان لڳا پيا آهن ۽ جيئن پيغام اهو هجي ته هاڻ مشڪل آهي ته اسان کي سهارو ٿيڻ گهرجي. اهو آهي پاڪستان جو بهترين چهرو.
هاڻ سڀئي معاملا جن کي هاڻ به گهڻو وقت، وسيلا ۽ لڳن گهربل آهي. سنڀالڻ لاءِ پاڪستان کي هڪ بي انتها سنگين معاملو به درپيش ٿيندي نظر اچي رهيو آهي جيڪو ترت ڌيان چاهي ٿو. اهو مسئلو مرضن جو پکڙجڻ آهي. جتي ماڻهو ۽ حڪومتي ادارا جن ۾ فوج سان گڏجي ٻوڏ متاثرن جي علاج ڏانهن ڌيان آهي، اتي هڪ سنگين معاملو لاهور جي آرمي اسپتال ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ ٿيو آهي.
سنڌ جي اختيارين پاران خميس واري ڏينهن تي جاري ڪيل هڪ رپورٽ موجب صوبي ۾ فقط 24 ڪلاڪن دوران 90 هزار کان وڌيڪ ڊائريا جا ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. ان کان سواءِ گڏيل قومن پاران هڪ بيان ۾ ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي ته ٻوڏ متاثر ماڻهن جي جوڙايل پناهگير ڪئمپن ۾ ڊائريا، هيضو، چمڙيءَ جون بيماريون ۽ پاڻيءَ سبب پکڙجندڙ بيماريون ٿيڻ جو خطرو ٿيو آهي. پاڪستان ۾ ڊينگي بخار ۽ مليريا جو به خطرو موجود آهي. هنڌ هنڌ تي پاڻي بيٺو آهي، جيڪيو مڇرن جي آماج گاهه بڻجي سگهي ٿو. ڊينگي بخار جو مڇر صاف پاڻيءَ ۾ پلبو آهي. پر مليريا جو مڇر خراب پاڻي ۾ پلبو آهي، ان ڪري ان جي پکڙجڻ جو به امڪان موجود آهي.
ڪورونا جو خطرو به اڃا تائين مٿي تي ڦيرا ڏئي رهيو آهي. ڪئمپن ۾ گهڻي رش ۽ صحت جون سهولتون نه هجڻ برابر هئڻ جي ڪري ان جي لهر به متاثرن کي پنهنجي وڪڙ ۾ وٺي سگهي ٿي. ان کان سواءِ پنجاب ۾ ڪانگو بخار پکڙجڻ جا اطلاع به آهن. جڏهن ته سرڪاري سطح تي ان جي تصديق ڪانه ٿي آهي.
مهرباني ڪري ماسڪ ۽ بند جوتا پايو. گهر اچو ته پنهنجن جوتن کي مک دروازي کان ٻاهر ڇڏيو. پنهنجن هٿن کي باقاعدگيءَ سان صابڻ سان ڌوئو ۽ انهن جي صفائي رکو. ٻاهران اچڻ وقت پنهنجي آفيس يا گهر ۾ ڪپڙن ۽ جوتن کي صاف ڪرڻ لاءِ جراثيم مار اسپري ڪريو. ڪنڊن پاسن ۽ اونداهي وارن هنڌن ۽ درين ۾ به اپسري ڪريو. مهرباني ڪري سنجيدگي اختيار ڪريو.
پاڪستان کي يقينن جبل جيڏا چئلينجز آهن. هاڻ شايد حڪومت جي سربراهيءَ ۾ نيشنل ڪمانڊ ائنڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر جي سخت ضرورت آهي ته جيئن هاڻوڪي صورتحال کي ائين ئي شڪست ڏني وڃي، جيئن پاڪستان ڪورونا جو ڄمي مقابلو ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button