سنڌ سميت سڄي پاڪستان ۾ نھ رڳو حڪمرانن چواڻي، رڪارڊ ساز برسات پئي، ايڏو پاڻي اچڻ جو گمان نھ هو، يا وري اهو تھ اوچتو آيل هي پاڻي واري قدرتي آفت انتهائي خراب حد تي آئي آهي. تنهنڪري وسيلا ناهن جو اسين ان جي تباهين کي روڪڻ تھ پري رهيو، رڳو منهن ڏئي سگهون. پنجاب، خيبرپختونخواهه، بلوچستان، گلگت بلتستان، ڪشمير کان ٿيندي سنڌ ۾ برپا ٿيل انهي مهاٻوڏ سنڌ کي ٻوڙي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي. اهو بھ چڱو ٿيو جو موهن جي دڙي کي نقصان رسيو آهي ۽ عالمي ادارن خبردار ڪيو آهي تھ موهن جو دڙو کي عالمي ثقافتي ورثن جي فهرست مان ڪڍي ڇڏينداسين. نھ تھ اسين اجايو ان گمان ۾ هجون ها تھ سنڌ اسان لا وطن آهي جهڙي شاعري لکندڙ صوبائي وزير هروڀرو بھ ان جي ثقافتي ورثي طور بحالي خاطر پريشانين ۾ گهيريل هجي ها. اوهه، ها، اسان ٻوڏ جي تباهين تي پئي ڳالهايو. اجايو ٻوڏ جي ثقافتي تباهين، مثالي حڪمراني جي لڙهي وڃڻ ۽ الائي ٻين ڪيترن فضول پاسن ڏي هليا وياسين. ڳالهه اها آهي تھ سنڌ جي اين اي ڊي انجنيئرنگ يونيورسٽي مان پڙهيل، پرڏيهي ادارن مان معيشيت ۾ سند وٺي سنڌ جي اقتدار تي ديرو ڄمائي ويٺل سيد مراد علي شاهه نيٺ بندن کي ڪٽ ڏيڻ، شهر بچائڻ، ماڻهن جي زندگين کي آسان بڻائڻ، بيمارين سان وڙهڻ، بکن سان ٻکين پئجي ماڻهن جو پيٽ ڀرڻ واري مشن تي نڪري پيو آهي. هو ائين آخر ڇونھ ڪندو؟ انيل ڪپور جي هڪ ڏينهن واري سي ايم واريون خوبيون جو اٿس. پر دوستو، سچ انتهائي ڪڙو، تلخ ۽ ڏاڍو اذيتن ڀريو آهي تھ، مراد علي شاهه جي ڪوششن باوجود سنڌ انساني المين ڏانهن آهستي آهستي ڌڪجي رهي آهي ۽ حڪمران وري اميدن، آسرن، اڳڪٿين کان مٿي گهڻو مٿي جا دليل ڏئي پيا ماڻهن کي چريو ڪندا. اها انهن جي ڪرت آهي، جيڪا جاري رهندي.
منڇر ڍنڍ کي باغ يوسف وٽان 100 فوٽ ڪٽ ڏئي چيو ويو تھ، ان جا نتيجا پاڻيءَ جي سطح ۾ لاٿ جي صورت ۾ ملندا، دٻا گهٽجي ويندو. سيوهڻ تھ محفوظ ٿي ويندو، پر پويان ميهڙ، ڪي اين شاهه، قمبر، شهدادڪوٽ، ويندي دادو سميت تمام وڏي شهري ۽ ڳوٺاڻي آبادي تباهين کان محفوظ ٿي ويندي، پر ڳالهه ابتي ٿي وئي. هڪ رپورٽ موجب، منڇر کي جنهن مهل ڪٽ ڏنو پئي ويو، ان وقت منڇر جي سطح 123 آر ايل يعني 23 فوٽ هئي. پاڻي داسنتر واهه جي دروازن، ڀتين وٽان اٿلي رهيو هو، جنهن جو سبب ان جڳهه تي بند جي اوچائي 24 فوٽ ڄاڻائي وئي، صورتحال انتهائي خراب هئي. ان کان اڳ منڇر وڏي وزير جي والد عبدالله شاهه جي جنم ڀومي باجارا، علائقي ۾ ڪاروباري مرڪز واري شهر جهانگارا، ڳوٺ ٽهڻي، ڳوٺ ڪڇي، رند ۽ ٻيون آباديون ٻوڙي چڪو هو، پر باغ يوسف وٽان آر ڊي 14 وٽ ڪٽ ڏيڻ بعد هاڻ پاڻي وڏي وزير جي اباڻي ڳوٺ يوسي واهڙ، جعفرآباد، چنا، بوبڪ ۽ آراضي کي ٻوڙي رهيو آهي. ان سان گڏ هڪ اندازي موجب هڪ لک 26 هزار کان مٿي آبادي لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندي. جڏهن تھ سيوهڻ جهانگارا روڊ وٽ سنڌو درياهه ۾ منڇر جي ڇوڙ وارو وڏو ذريعو اڙل واهه، سيوهڻ جي ڊگري ڪاليج جي ويجهو واري مورلڪ وارا هنڌ بھ پاڻي جي شديد دٻا ۾ اچي ويا آهن. منڇر ڍنڍ مان جيترو پاڻي درياهه ۾ ڇوڙ ٿي رهيو آهي، ان جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو پاڻي بلوچستان کان حمل ڍنڍ ۽ ايم اين وي ڊرين ذريعي منڇر ۾ ايف پي بند کي ڪٽ لڳڻ بعد تيزيءَ سان داخل ٿي رهيو آهي، تنهنڪري خطرناڪ صورتحال اها آهي تھ منڇر جي سطح گهٽجڻ بدران وڌيڪ هڪ فوٽ کان بھ مٿي وڌي آهي ۽ اها هن وقت 124 ڏهائي 3 آر ايل تي اچي چڪي آهي، جنهن ۾ اڃا بھ واڌ جو امڪان ڏسجي رهيو آهي، جنهن سبب نھ رڳو منڇر جي ڪيترن ئي جڳهين تان ٽٽڻ جا خطرا موجود آهن، پر ان سان گڏ سيوهڻ کان وٺي ڪيتريون ئي شهري آباديون پڻ پاڻي هيٺ اچي سگهن ٿيون. تنهنڪري هي سموري حالت ٻڌائي رهي آهي تھ معاملا مس مينيجمينٽ جو بدترين مثال بنجي چڪا آهن. ڇوتھ ائين ٿيو تھ، حالتون، واقعي بھ ٻوڏ يا قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ (جڏهن وسيلا ئي ناهن تھ الائي ڪئين منهن ڏيندا) وارن ادارن اين ڊي ايم اي ۽ صوبائي سطح تي ڪم ڪندڙ پي ڊي ايم اي جي وس ۾ نھ رهنديون ۽ انساني المين جا داستان عالمي تاريخ ۾ ايندڙ نسل پڙهي سگهندا.
سنڌو درياهه پاڻيءَ جي تاريخي چاڙهه وارن وهڪرن کي گذاري رهيو آهي. جيتوڻيڪ تونسا بعد گڊو ۽ سکر بيراجن وٽ پاڻيءَ جي سطح ۾ لاٿ آئي آهي، پر ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم يا اپ اسٽريم ۾ هن وقت انتهائي وڏي ٻوڏ واري صورتحال آهي، پاڻي جو مٿيون وهڪرو 5 لک 87 هزار 767 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو بھ لڳ ڀڳ ساڳيو آهي. بيراج جي 44 دروازن مان 41 دروازن کي مڪمل طور تي مٿي کڻي وهڪرن کي گذاريو پيو وڃي، جنهن بعد پاڻي ڊائون اسٽريم ۾ درياهه جي پيٽ ۾ موجود زمينداري بندن کي ٽوڙي هڪ پاسي ڪوٽڙي شهر جي خانپور واري علائقي کي ٻوڙي، لنڪ روڊ مٿان گذري ڪراچي واهه تائين پهچي ويو آهي. جڏهن تھ ان علائقي ۾ موجود هزارين ايڪڙن تي پوکيل فصل بھ ٻڏي ويا آهن، تھ ٻئي پاسي ڪوٽڙي واري پل ۽ ان کان هيٺ وارن علائقن اندر سنڌو درياهه جي بندن تي پاڻيءَ جو دٻا وڌي رهيو آهي. جڏهن تھ ڪرن شورو ڳوٺ واري بند تي پڻ دٻا آهي، پاڻيءَ جي اهڙي صورتحال شايد 2010ع واري ٻوڏ ۾ بھ نھ هئي. علائقي اندر ڏهڪا آهي، تنهنڪري ساهه وارين شين جو ساهه مٺ ۾ لڳي رهيو آهي. پاڻيءَ جا تيز وهڪرا هالا جي پاسي بند تي دٻا وڌائي رهيا آهن، ڀاڻوٺ وٽ پاڻي پائي رهيو آهي. مٿان وري تيز هوائن سبب لڳندڙ ڇولين وڌيڪ ڳنڀيرتا پيدا ڪري ڇڏي آهي، تنهنڪري ماڻهو پريشان آهن. برساتن ۾ تباهه ٿي ويل بدين، متاثر ٿيندڙ ٺٽو وٽ سنڌو درياهه هن وقت دهشت سان گذري رهيو آهي. تنهنڪري ماڻهو خوف ۾ ننڊ بھ نھ ڪري رهيا آهن. متان ڪو سانحو نھ ٿي پوي. ٻوڏ جو پاڻي ايم آر ڊي جي شهيدن واري شهر خيرپور ناٿن شاهه کي منڇر بعد سنڌ جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ ۾ تبديل ڪري چڪو آهي، ميهڙ کي بچائڻ خاطر شهرين خاص ڪري نوجوانن تاريخ ۾ بهادريءَ جا مثال قائم ڪري ڇڏيا آهن. وارهه خالي ٿي ويو آهي. دادو، ڀان سيد آباد سميت مٿين علائقن ۾ تھ خوف آهي ئي آهي، پر درياهه جي کاٻي پاسي وارن علائقن ۾ بھ حالتون خوف کان گهٽ ناهن، ڇوتھ پاڻيءَ جي قدرتي لنگهن تي سياستدانن، سندن مٽن مائٽن ۽ تر جي وڏيرن جا قبضا آهن، انهن جڳهين تي پاڻيءَ جو گذرڻ ممڪن نھ آهي. تنهنڪري صورتحال عام ماڻهن جي حق ۾ ناهي. پراڻ، هاڪڙي جو گذر جتان ٿيڻ گهرجي اتان نھ ٿي رهيو آهي، تنهنڪري ماڻهو ٻڏا کڻي ناهن، پر انهن جي حالت ٻڏلن کان بھ بدتر آهي. هن قسم جي صورتحال شايد ئي 2010ع واري ٻوڏ ۾ بھ ٿي هجي، ڇاڪاڻ تھ ان وقت ٽوڙي بند کي ڪٽ ڏئي اڌ سنڌ ٻوڙي وئي هئي، پر هن ٻوڏ ۾ وک وک تي ڪٽ ڏيڻ جو سلسلو هلي پيو آهي. ٿي سگهي ٿو تھ دنگ جابلو پٽيون ڇڏي، باقي سنڌ ٻڏڻ جي صورت ۾ ٿئي، تنهنڪري چئي سگهجي ٿو تھ هي آفت قدرتي گهٽ انتظامي ۽ خراب حڪمرانيءَ جو نتيجو وڌيڪ آهي.
سنڌ ٻڏي وئي آهي، ٻڏي رهي آهي، پر سوچڻ گهرجي تھ، ٻوڏ جو اهو سلسلو هلندي يا ان بعد ڇا ٿيندو، جڏهن بربادين جي ان رخ تي سوچجي ٿو تھ جسم ڪنبي وڃي ٿو. ڇاڪاڻ تھ سنڌ وڏي انساني الميي مان گذرندي ڏسجي رهي آهي، جنهن جا سبب هيٺيان ٿي سگهن ٿا.
- ٻوڏ جو اچڻ اتفاقي ناهي، ماحولياتي تبديلين جا خطرا اڳ ئي ٻڌايا پئي ويا. شديد برساتن جي اڳڪٿي سرڪاري، خانگي ۽ عالمي ادارن ڪئي پئي، پر انتظاميا ۽ حڪومت اقتدار وٺڻ، ڊاهڻ، گارگند، ڪٿڪ ناچ وارين مشڪرين ۾ مصروف هئي. تنهنڪري ان اهڙن خطرن، وارننگس تي ڌيان ئي نھ ڏنو.
- برساتن جو سلسلو شروع ٿيڻ وقت بھ اهي خدشا ۽ رپورٽون اچي رهيون هيون تھ هيلوڪيون برساتون معمول واريون ناهن. مند کان اڳ شروع ٿيو، مند ختم ٿيڻ بعد بھ جاري رهيون ۽ اڃا بھ الرٽ جاري ٿي رهيا آهن تھ هلندڙ مهيني دوران وڌيڪ شدت واريون برساتون ٿي سگهن ٿيون، پر واڳ ڌڻي رڳو آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ جي ڪمن ۾ مصروف رهيا.
- برسات جن شهرن، ڳوٺن ۽ علائقن ۾ ٿي رهي هئي، تھ ان وقت بھ بدانتظامي عروج تي نظر آئي. مثال طور پاڻيءَ جي نيڪال وارو ڪم ئي وٺو، ماڻهن جو هڪ رستي کان ٻئي رستي تي اچڻ بھ ممڪن نھ هو، گهر ڊهي رهيا هئا، ماڻهو مري رهيا هئا، پر انتظامي بيحسي عروج تي نظر آئي، ڇاڪاڻ تھ ريسڪيو جو ڪو ڪم نھ پئي ٿيو، ماڻهو الله جي آسري رهيا.
- سرڪاري انگن اکرن ( جيڪي شايد حقيقي انگ کان بنهه گهٽ آهن) موجب 1300 کان مٿي ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا آهن. 33 ملين (هاڻ اهو انگ گهڻو مٿي آهي) ماڻهو متاثر ٿي بي گهر ٿي ويا آهن، 47 هزار ڳورهارين عورتن سان گڏ لکين ماڻهو بيمارين سميت ڪيترن ئي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. سوشل ميڊيا تي انساني دل ڏڪائڻ واريون وڊيوز ڌار شيئر ٿي رهيون تھ حالتون قيامت جيان آهن. ماڻهو بکن ۾ پاهه پيا ٿين، بيمارين ڌار منهن ڪڍيو آهي، صاف پاڻي پيئڻ خاطر نٿو ملي، صحت جي سهولتن جو تصور ئي ناهي رهيو، تنهنڪري انتظاميا نالي ماتر بھ نظر نٿي اچي.
- وفاقي توڙي سنڌ سرڪار رڳو ٽي وي چينلن، جاري ٿيندڙ بيانن ۽ فوٽو سيشنز ۾ نظر اچي رهي آهي. عمل ۾ رڳو اهي فوڪل پرسن نظر پيا اچن، جيڪي بندن کي ڪٽ ڏيارڻ، ڪٽ جا هنڌ طئي ڪرڻ ۽ سرڪاري مشينري تي ڪنٽرول ۾ مصروف آهن. باقي جيڪڏهن ڪٿي بھ متاثرن کي ڪجهه ملي رهيو آهي، بند مضبوط ٿي رهيا يا وري ڪا اتساهه ڏيندڙ ڳالهه ڏسڻ ۾ اچي ٿي تھ اها ماڻهن جي ذاتي ڪوشش جي نتيجي ۾ آهي ۽ حڪومت انهن تي بھ دعوا ڪندي نظر اچي ٿي تھ اهو ڪم اهي ئي ڪرائي رهيا آهن.
هن سڄي منظرڪشيءَ مان نتيجا ڪهڙا وٺڻ گهرجن، ڇا ڪرڻ گهرجي، اوليت ڇا هجڻ گهرجي ۽ ڪيئن رسڪيو ڪري سگهجي ٿو يا وري ڇا ٿيندو، جا سوال حل ڪرڻا پوندا. ٻي صورت ۾ ايندڙ وقت سڄي سنڌ بدامنيءَ جي وڏي اوڙاهه ۾ ڪرندي ڏسجي رهيو آهي، ڇاڪاڻ تھ ماڻهو کي ماني ڳڀو نھ ملندو تھ اهو ڪنهن جو بھ قتل ڪرڻ کان نھ ڪيٻائيندو، جڏهن اوهان پنهنجي اکين جي آڏو پنهنجي پياري کي موت جي منهن ۾ ويندي ڏسندا، بيوسي اوهان کي پريشان ڪندي تھ ٻن رستن مان ڪو هڪ رستو لازمي هوندو، تھ پاڻ ماريو يا ٻئي کي ماري پاڻ کي محفوظ ڪيو. ائين ٿيڻ فطري عمل هوندو، تنهنڪري وقت اڃا ويو ناهي تھ مستقبل جي المين کي ٿيڻ کان اڳ روڪڻ جي رٿابندي ڪئي وڃي.