ٻوڏ ٻارنهن سالن کان پوءِ آئي. ۽ اتي ئي آئي، جتي ٻارنهن سال اڳ آئي هئي. هن وقت به ساڳيو حشر آ. خيرپور ناٿن شاهه اڳي جيان ٻڏو آهي. ڪاڇو درد جي ڪوڪ بڻجي ويو آهي. دادو ساڳي طرح سان دهشت ۾ آهي. هن ڀيري به درياهه جو اهو ئي ساڄو پاسو پاڻيءَ جي گهيري ۾ آهي، جيڪو ٻارنهن سال اڳ آيو هو. اهو ڪجهه ڇو ٿيو؟ ڇا لاءِ ٿيو؟ ان ٿيڻ ۾ اصل ڪردار ڪنهن جو آهي؟ ڇا انهن سوالن ۽ انهن جهڙن ڪجهه ٻين اهم سوالن جي لاءِ هڪ ڪميشن جو قيام ضروري ناهي؟ جيڪڏهن درياهه جو ساڄو پاسو ٻه ڀيرا ٻڏڻ جا سبب معلوم ڪرڻ لاءِ ڪا اثرائتي ۽ ڪنهن جي دٻاءَ ۾ نه اچڻ واري ڪميشن وجود ۾ نه آندي وئي ته ان جي ڪهڙي گارنٽي هوندي ته اهي شهر ٽيون ڀيرو به نه ٻڏندا؟ جڏهن سزا ۽ جزا جو ڪو تصور ئي نه هوندو ته پوءِ سڌارو ڪيئن ايندو؟
سنڌ ۾ اهڙي ڪا سياسي پارٽي نه ٿي سجهي، جيڪا هن حڪومت جو گريبان جهلي، احتساب جي عدالت تائين گهلي وڃي. پر جيڪڏهن عدالت پاڻ قدم رنج فرمائي ته اهو ڪم آسانيءَ سان ٿي سگهي ٿو. ڇا سنڌ هاءِ ڪورٽ جي لاءِ ممڪن ناهي ته اها سنڌ کي ٻوڙڻ واري سازش يا غفلت جو سختيءَ سان نوٽيس وٺي ۽ سوئو موٽو ذريعي هڪ اهڙي ڪميشن کي تشڪيل ڏئي، جنهن جا ميمبر نه صرف ماهر هجن پر اهي ايترا بهادر به هجن جو انهن مٿان ڪنهن جي لٺ توڙي چٺ جو ڪو اثر نه ٿي سگهي. اهو ممڪن آهي ۽ بلڪل ممڪن آهي. اهو ٿيڻ گهرجي ۽ ضرور ٿيڻ گهرجي. ڇو ته سنڌ کي هن ڀيري جيڪو تاريخي نقصان پهتو آهي، ان جو ازالو صرف ۽ صرف انصاف ڪري سگهي ٿو. اهو انصاف هن مهل تائين حقدارن جي هٿن کان دور رکيو ويو آهي. اهو انصاف هن وقت تائين صرف دولتمندن ۽ اميرن جي هڪ هٽيءَ هيٺ رهيو آهي. جڏهن ته انصاف جي مٿان سڀ کان اول ۽ سڀ کان وڏو حق مظلومن جو آهي.
سنڌ هن مهل مظلومن جي ماءُ بڻيل آهي. ڏکن ۾ ڄمندڙ ۽ سورن ۾ سامائيندڙ ۽ مصيبتن ۾ مرندڙ ماڻهن جو ته روز اول کان وٺي اهڙو ئي هال رهيو آهي پر هن ڀيري جيڪو حشر سنڌ جي عزت وارن گهرن جو ٿيو آهي، اهو ته ڏونگر جهڙو هيانءُ به ڏاري رهيو آهي.
سنڌ جي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ پوءِ سوشل ميڊيا تي ته صرف هڪ سهاڳ خاتون جا سليل سور سنڌي ماڻهن کي جذبن جي جولان ۾ پهچائي ويا امدادي ڪيمپ تي اها صرف هڪ سهاڳ خاتون ناهي. سنڌ جي نام نهاد رليف ڪيمپن تي اهڙيون سوين سهاڳ خاتون سڏڪا ڀري رهيون آهن. ڌرتيءَ جي انهن ڌيئن کي به انهن ڏينهن جي ياد ڏک ۾ ڏاري رهي آهي ته ڪڏهن ڪهڙي طرح انهن جون اوطاقون ڄاتل ۽ اڻ ڄاتل مهمانن سان ڀريل هونديون هيون ۽ هو ڪهڙي طرح سڪيون ڪاٺيون ٻاري مکڻ مکيل مانيون ۽ تريل مڇيون، ڏڌن جا جڳ ۽ کيرن جا وٽا اماڻينديون هيون. اڄ جيڪي ڌپ ڪري ويل ڀت جا گراهه ڦڪي رهيون آهن. انهن کي پنهنجا اهي وقت ياد اچن ٿا، جڏهن انهن جي اڱڻن تي ڪنڊيون ٻڌل هونديون هيون ۽ انهن جا ٻار ٻڪرين جي ڇيلن سان کيڏندا هئا. اها شام لٿي ڀنل گاهه جي خوشبو ۽ اها صبح ساجهر چاڏيءَ ۾ مانڌاڻين جا رقص انهن کان ڪيئن ٿا وسري سگهن؟
سنڌ پنهنجي سڪون واري زندگيءَ ۾ لڳل باهه جا سبب ڄاڻڻ جو حق به نه ٿي رکي ڇا؟ جيڪڏهن سنڌ جي مظلوم ماڻهن جي جهول ۾ جزا جا ڪڻا وجهڻ جو حق هيءَ حڪومت ادا نه ٿي ڪري سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ ماڻهن کي مصيبتن ۾ مبتلا ڪندڙ ڪردارن کي ته عدالتن طرفان سزا ملڻ گهرجي. انهن سان ته اهڙو سلوڪ ٿيڻ گهرجي جو ايندڙ حڪمرانن لاءِ ڪو مثال موجود هجي، جنهن کي ڏسي هو پاڻ ۾ سڌارو آڻين. ڇا اها حقيقت ناهي ته ٻارنهن سال اڳ آيل ٻوڏ، جنهن کي مها ٻوڏ ٿا چون، ان ٻوڏ جي سببن کي معلوم ڪرڻ لاءِ هڪ اڻ ڌري ۽ بهادر ماهرن تي مشتمل ڪميشن جوڙي عمل ۾ آندي وڃي ها ته اڄ سنڌ جا ساڳيا شهر ۽ ڳوٺ نه ٻڏن ها. يا جيڪڏهن هن ڀيري به نقصان ٿئي ها ته گهٽ ۾ گهٽ ايترو ته هرگز نه نه ٿئي ها. پر اهو ڪجهه نه ڪيو ويو. انصاف جا پاڇا پاڻيءَ ۾ ٻڏل ماڻهن ۽ انهن جي گهرن گهاٽن ۽ انهن جي مال وٿاڻن تي نه پيا، ان ڪري هن ڀيري اڳين دفعي کان وڌيڪ درد سنڌ جي ماڻهن پنهنجي مقدر جي جهول ۾ جهليو. ان کان اڳ جو وري ٻين سال، ٽين سال يا ٻارهين سال مسڪين سنڌين جا جهڳا جهڻ ٿين ۽ انهن جا گهر گهاٽ لهرن ۾ لڙهن ۽ انهن جا ٻچن جي لاشن کي سڪل قبرون نصيب نه ٿين. انصاف کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن اهو ڪجهه نه ٿيو ته اڳين ڀيري به سنڌ ساڳين سورن جو شڪار ٿيندي ۽ سنڌ کي ڪوئي به انهن عذابن مان بچائي نه سگهندو، جن عذابن ۾ هوءَ هن وقت آهي.
سنڌ حڪومت سمجهي ٿي يا سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته ان ۾ هن نقصان ۾ هن جو ڪو ڪردار ڪونهي ته اصولي طور تي اها پاڻ عدالتي ڪميشن جوڙڻ جي درخواست جمع ڪرائي. جيڪڏهن سنڌ حڪومت جا هٿ صاف ۽ اجرا آهن ته اها پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪري. ان کان وڌيڪ بهتر عمل ته ٻيو ممڪن ئي ناهي. پر جيڪڏهن پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت اهو ڪجهه نه ٿي ڪري ۽ يقيني طور تي اها اهڙو ڪجهه نه ڪندي ته پوءِ عدليا کي پنهنجو فرض ادا ڪرڻ گهرجي. ڇو ته اهو سزا جزا کان به وڏو معاملو آهي. اهو سنڌ کي ٻيهر سيرن ۾ ٻوڙڻ کان بچائڻ جو مهان مقصد آهي. ان مقصد جي حصول لاءِ سمورا اپاءَ وٺڻ ۽ سمورا قدم کڻڻ جو فرض هر فرد ۽ هر اداري جي مٿان عائد ٿئي ٿو.
اسان کي اڄ ڏينهن تائين معلوم ٿي نه سگهيو آهي ته موهن جو دڙو ايتري شاندار ثقافت ۽ ايتري جاندار پلاننگ رکڻ جي باوجود به ڇو اجڙيو؟ ڇو تباهه ٿيو؟ ان جي صفحه هستيءَ تان مٽجڻ ۽ انهن جي عظيم ماڻهن جي لاپتا ٿيڻ جا ڪهڙا سبب هئا؟ پر هن وقت ته اسان اهو معلوم ڪري سگهون ٿا هن ڀيري ۽ اڳين ڀيري ايترو انياءُ ڇو ٿيو؟ جيڪڏهن اسان انصاف جون اهي تقاضائون پوريون ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي ته تاريخ اسان کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪندي. ڇو ته اسان پنهنجو پاڻ کي بچائڻ ۽ پنهنجي دامن تي لڳل داغ لڪائڻ جي لاءِ سمورا طعنا تاريخ مٿان هنيا آهن. اسان سمورن الزامن جا تير وقت جي سيني تي وسايا آهن. اسان هن ڀيري به سڀ ڪجهه اڻ ڏٺل ۽ اڻ سڃاتل پلن ۽ گهنگهور گهڙين جي مٿان سمورا الزام مڙهي پاڻ ۽ پنهنجي ضمير کي جنهن طرح آجو ڪري ويٺا آهيون، ان طرح سان قومون اڳتي وڌڻ ته ڇا پر پنهنجو نارمل وجود به بچائي نه سگهنديون آهن. تاريخ جي مٿان تهمت مڙهي اسان پنهنجو پاڻ کي ڪيستائين بچائينداسين؟ جيڪڏهن اسان ايندڙ ڀيري به پاڻ کي ساڳي چالاڪيءَ واري چال سان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسان کي مڪمل طور تي يقين سان تسليم ڪرڻو پوندو ته ان صورت ۾ سنڌ ڪنهن به قيمت تي ۽ ڪنهن طرح سان پنهنجو اڀرو سڀرو وجود نه بچائي سگهندي.
قومون بي انصافيءَ سبب برباد ٿينديون آهن. جيڪڏهن اڳين ڀيري انصاف ٿئي ها ته هن ڀيري اسان جي ڀونءِ بچي وڃي ها. اڳين ڀيري انصاف نه ٿيو. هن ڀيري اسان بي انصافيءَ جي ڀاري قيمت ادا ڪئي پر هاڻي اسان جو اهڙو حال ناهي جو اسان ايندڙ وقت ۾ به ايتري وڏي تباهيءَ جو بار برداشت ڪري سگهون. ان ڪري هن ڀيري ته هر صورت ۾ انصاف ٿيڻ گهرجي. هن ڀيري انهن سمورن ڪردارن کي عوام جي آڏو آندو وڃي، جن جي ڪرپشن سبب معصوم ٻار مئا، ٻچڙيوال ناريون ميون، گهر ڪريا، مال لڙهيا ۽ زندگي ڪيمپن ۾ پنهنجو سمورو مان ۽ شان وڃائي پنندي نظر آئي.
سنڌ جو سمورو وقار ۽ هن جي عزت نفس جي ايتري گهڻي توهين ٿيڻ جا اسباب آخر ڪهڙا هئا؟ ڪنهن ان لاءِ ميدان تيار ڪيو؟ ڪنهن سنڌ سان اها ويڌن ڪئي، جنهن سبب هيترو سارو نقصان ٿيڻ جي باوجود به سنڌ جو ساهه مٺ ۾آهي. هن مهل به سنڌ کي ساهي نه ملي سگهي آهي. ڇو ته جيڪي شهر ۽ ڳوٺ ٻڏا آهن، اهي ته ٻڏا آهن پر جيڪي ٻڏڻ وارا آهن، انهن جو تحفظ ڪيئن ٿيندو؟ اهو تحفظ به صرف ان صورت ۾ ٿي سگهي ٿو، جنهن صورت ۾ انصاف ٿيڻ جو اهتمام ٿيڻ شروع ٿئي. جڏهن وڏي کان وڏي ڏوهه تي به انصاف جي ڪن مٿان جونءَ نه چري ته پوءِ تباهيون ۽ برباديون قومن جو ائين مقدر ٿي وينديون آهن، جيئن هن مهل ٿي ويون آهن. جهڙي طرح سنڌ جو حال هن ڀيري ٿيو آهي، اڳين ڀيري ان کان وڌيڪ ٿيندو. ان ڪري سنڌ کي ايندڙ وقت جي شايد آخري تباهيءَ کان محفوظ رکڻ جي لاءِ اهو ضروري آهي ته هن مهل تائين ٿيندڙ عظيم نقصانن جا ڏوهاري نه صرف پڌرا ڪيا وڃن پر انهن کي تاريخي سزائون به ڏنيون وڃن ته جيئن ننڍا چور وڏا نه ٿي سگهن. جيئن ڏوهارين ۾ ڏهڪاءُ پيدا ٿي سگهي. جيئن خراب عمل ڪرڻ وارن کي خبر پوي ته سنڌ ۾ انصاف ۽ قانون نالي به ڪا شيءَ آهي.
هن ڀيري آيل ٻوڏ سبب ايترو نقصان ٿيو آهي جو ڪا به حڪومت ان جو ازالو ڪري نه ٿي سگهي. ڇو ته هن وقت پاڪستان پاڻ معاشي بحران ۾ مبتلا ملڪ بڻجي ويو آهي. پر جيڪڏهن پاڪستان ۾ اقتصادي حالتون ٺيڪ به هجن ها، تڏهن به ايڏي وڏي تباهيءَ جو تاوان ڀرڻ رياست لاءِ ممڪن نه هجي ها. هن صورت ۾ ته ڪوئي تصور به نه ٿو ڪري سگهي ته ڪو رياست سنڌ کي ساڳي طرح سان پنهنجن پيرن تي بيهاري سگهي. پر جيڪڏهن هيءَ رياست ڪجهه ڪري سگهي ٿي ته گهٽ ۾ گهٽ سنڌ کي ايندڙ نقصان کان بچائڻ لاءِ ڏوهارين جي احتساب ۽ مظلومن جي انصاف لاءِ ڪنهن تاريخي ڪميشن جو وجود ۾ عمل ۾ آڻي. جيڪڏهن هي ملڪ اسان جي ماروئڙن سان فضل ڪري نه ٿو سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ انهن سان عدل ته ڪري!!