اسلام آباد هڪ دفعو وري انتهاپسنديءَ جي مارچ ۽ ڌرڻي جي نشاني تي آهي ڪالعدم ٽي ايل پي جو مارچ اسلام آباد جي طرف وڌي پيو ۽ ان تنظيم جا انتهاپسند پوري شدت سان رياستي ادارن سان ٽڪر کائيندي هن وقت تائين پنج پوليس اهلڪار شهيد ڪري چڪا آهن، هن مضمون جي ڇپجڻ تائين انگ ڪيترو ٿيندو ان جو اندازو پڙهندڙ کي تڏهن ٿيندو، جڏهن ميڊيا ۾ انگ اکر ظاهر ٿيندا، انهن وڌيڪ ڪيترو نقصان ڪيو آهي انهيءَ جو اندازو پاڻ پوري طرح لڳائي نٿا سگھون، جاني ۽ مالي نقصان کان سواءِ پاڪستان جي سياست ۽ رياست انتهاپسنديءَ جي اڳيان ڪيتري معنيٰ ۽ طاقت ٿي رکي، اهو پوري دنيا جا ملڪ ۽ هن ملڪ جو عوام ڏسي رهيو آهي.
وزير داخلا شيخ رشيد جي چوڻ مطابق ته هن تنظيم جو هي ڇهون حملو آهي هر دفعي سان حملي ڪرڻ کان پوءِ ڳالهين ۽ ٻين مرچ مصالحن سان گڏ لفافا وٺندي هن جا ڪارڪن واپس ٿيا آهن، فيض آباد ڌرڻي جي سزا نواز شريف حڪومت ۾ هڪ وزير قانون کي ملي ۽ ٻي پيڙا ۽ ڀوڳنا جسٽس فائز عيسيٰ جي حصي ۾ آئي. ڪالعدم ٽي ايل پي پنهنجي پوري شان ۽ شوڪت سان عمل ڪندي رهي آهي، اسان کي اها پوري خبر ناهي ته هن جي تنظيمي مرڪزن يا مدرسن تي ڪهڙو ڏيک آواز ۽ نعرا گونجندا رهندا آهن، ان جي خبر پنجاب واسين کي ۽ ميڊيا کي جيتري آهي انهيءَ کان وڌيڪ حڪومت ۽ رياست کي آهي. ڪير اهو سوال ڪري ٿو سگھي ته هن انتهاپسند مسلح ۽ بي خوف تنظيم جي خلاف رياست قدم ڇو نٿي کڻي؟ حڪومتون بي وس ڇو آهن سياسي پارٽيون جيڪي پنهنجي اتحادن جي جوڙجڪ ۾ جڙندي هڪ ٻئي جو خيال رکن پيون، انهن جو نقطه نظر انتهاپسنديءَ ڏانهن ڪهڙو ۽ ڪيئن آهي، انهيءَ سوال تي ميڊيا ۾ بحث صرف هي پيو ٿئي ته انهن جا بيان ۽ تنقيدون ٻڌايون ٿيون وڃن، ڪا به پارٽي ان نقطي تي ڪليئر ناهي ته فرانس جي سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ
جو مطالبو صحيح آهي يا غلط.
حڪومت جو اتحاد ٻڏتر ۾ چونڪه چناچه جون بيان بازيون ۽ سڀ کان وڌيڪ حڪومت جي پاران دليل هي ٿو ڏنو وڃي ته پاڪستان معاشي دٻاءَ ۾ هجڻ ڪري فرانس ۽ يورپي يونين سان پنهنجا تعلقات خراب نٿو ڪري سگھي، ظاهر آهي ته معاشي دليل اصول جي بجاءِ مجبوريءَ کي ظاهر ڪري ٿو. رياست جون پاليسيون ۽ حڪومتن جون پاليسيون گڏوگڏ سياسي جماعتن جو نقطه نظر ۽ پاليسيون چٽن اصولن تي ٻڌل هونديون آهن.
هاڻي جيڪڏهن حڪومت جي بيانن کي آڏو رکيو وڃي ته ائين پيو محسوس ٿئي ته ٿيندڙ مطالبو هن ٽي ايل پي جو ڪافي حد تائين درست تسليم ٿو ڪيو وڃي يعني ان حد تائين جو وزير داخلا شيخ رشيد چالاڪي سان هي بيان پيو ڏي ته فرانس جو سفير پاڪستان ۾ ناهي يا حڪومت جڏهن پنهنجي ڪميٽين جي طرفان باربار هي واعده ڪندي رهي ته سفير کي ملڪ بدر ڪيو ويندو ته پوءِ تحريڪ جي بي جواز هجڻ جو دليل ڪمزور ٿي ويندو، جڏهن ڪنهن تحريڪ جي جواز جو سبب پيدا ٿيندو آهي ته انهيءَ تي انتهاپسنديءَ جو يا دهشتگرديءَ جو ليبل ڪڏهن به اثرائتو نتيجو نه ڏيندو، اهو حشر هڪ طرف حڪومت جو نظر آيو آهي ته ٻئي طرف وزير اعظم جي اميج کي بچائڻ جي لاءِ هي به بيان ڏنا ٿا وڃن ته ڪالعدم تحريڪ سان ٿيندڙ ڳالهين يا معاهدن جي وزير اعظم عمران خان کي ڪا خبر ئي نه آهي، جنهن مان به هي ظاهر آهي ته هي حڪومت پنهنجي اندروني جوڙجڪ ۾ ڪيتري ڪمزور يا نااهل هجڻ جا اعتراف پئي ڪري،اليڪشن ڪميشن کان حڪومت مطالبو ٿي ڪري ته متعلقه تنظيم جي رجسٽريشن ختم ڪئي وڃي، اليڪشن ڪميشن صاف لفظن ۾ وضاحت پئي ڪري ته پابندي لڳائڻ حڪومت جو ڪم آهي ۽ اهڙي ڪنهن پارٽي خلاف حڪومت کي سپريم ڪورٽ ڏانهن ريفرنس موڪلڻو پوندو آهي جڏهن سپريم ڪورٽ ريفرنس جي حق ۾ فيصلو ڏنو ته پارٽي تحليل ٿي ويندي آهي.
مطالبن ۽ جوابن کان پوءِ بليم گيمن کي آساني سان سمجھي سگھجي ٿو پاڻ وڌيڪ تفصيل ۾ نٿا وڃون پر هن ملڪ جي بحراني سببن کي ۽ حالتن کي جڏهن اڳيان رکون ٿا ته پوءِ هي بحراني سفر ختم ٿيڻ جي بجاءِ وڌندي نظر ٿو اچي ڇو ته حڪومت جي ٽوٽل ابتن سبتن روين ۽ ٽال مٽولين جي پاليسين کي هڪ پاسي ڏسندي جڏهن ٻئي پاسي مخالف ڌر کي ڏسون ٿا ته انهيءَ جي تنقيد ۽ رويا به ساڳئي انداز ۾ نظر پيا اچن، جو پي ڊي ايم جو صدر مولانا فضل الرحمٰن حڪومت دشمنيءَ ۾ اچي مارچ ۽ ڌرڻي جي حمايت ٿو ڪري. هو پوليس اهلڪارن جي قتل تي تنقيد جي بجاءِ هي بيان ٿو ڏي ته ٽي ايل پي جا ڏھه ڪارڪن قتل ٿي چڪا آهن، ممڪن آهي ته اهو سچ هجي پر هڪ وڏي مخالف ڌر جي اتحاد کي پنهنجو سياسي توازن ملڪي مستقبل جي مفادن ۽ انتهاپسنديءَ کي آڏو رکي قائم ڪرڻ گھرجي اسان کي ياد ٿو اچي ته جڏهن لال مسجد جو واقعو ٿيو جنرل مشرف مسجد جي متولين مولانن خلاف ايڪشن وٺندي آپريشن ڪيو هو ڇو ته ان وقت لال مسجد جي شاگرد ۽ شاگردياڻين انتهاپسنديءَ جو ڏنڊا مارچ ڪندي اسلام آباد ۾ هڪ خوف جو ماحول پيدا ڪيو هو، انهيءَ ۾ ٿيندڙ جاني نقصان جو سڀني ماڻهن کي افسوس ۽ ڏک ٿيو پر انهيءَ سان گڏوگڏ هي به چيو ويو ته اهو آپريشن ٿيڻ گھربو هو، پر رياست گولي استعمال ڪرڻ جي بجاءِ ٻين طريقن کي استعمال ڪري پئي سگھي پر اسان کي ياد آهي ته ان وقت محترمه بينظير ڀٽو جنرل مشرف جي خلاف هجڻ جي باوجود ان آپريشن جي حمايت ڪئي هئي، بلڪل اهڙي طرح سان پوري سياست کي هڪ اصول پرستيءَ جي لڪير ڪڍڻي پوندي، صحيح ۽ غلط جو فيصلو جيڪڏهن هن وقت سياست ۾ نه ٿيو ته پوءِ گھڻي دير ٿي ويندي، بيشڪ رياست جا ڪيترا ئي ادارا گھڻن حرڪتن ۾ سڌي ۽ اڻ سڌيءَ طرح سان انوالوڊ رهيا آهن انهن تي ڪنٽرول ڪرڻ به سياست کي ڪرڻو آهي هن وقت پوري اپوزيشن پنهنجي اصول پسنديءَ جو مظاهرو ڪندي واضح ڪري ته ان جي پاليسي ڇا آهي هي سٽون لکڻ وقت يعني 29 آڪٽوبر 2021 تي قومي سلامتيءَ جي ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿي رهيو هوندو، جڏهن هي مضمون ڇپبو ته اجلاس جي ڪيل فيصلن جي معلومات به ملندي، فيصلو ڪهڙو ٿو ٿئي اها خبر ته پوءِ پوندي پر هي واضح آهي ته فرانس سان سفارتي تعلقات ختم نه ڪيا ويندا، رياستن جي اندر تعلقات ختم ڪرڻ انتهائي ڏکيو ۽ پيچيدا فيصلو ٿيندو آهي، اختلاف رکڻ جي باوجود معاملا هلندا آهن انهن سڀني نقطن کي آڏو رکندي هن ملڪ جي اندر رڳو رياستي ادارن کي حڪومت جي هڪ پيج ۽ ٻئي پيج جي بحث ۾ هجڻ جي بجاءِ پوري سياست ۽ رياست کي هڪ پيج تي هجڻ گھرجي، هاڻي هي دور تقاضا ٿو ڪري ته عوام کي انتهاپسنديءَ جي روين ۽ جبر کان بچائڻ جي لاءِ هڪ سنجيدگيءَ سان لاهي عمل ۽ پاليسي جوڙي وڃي جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته پوءِ احتجاج ته عارضي طور تي ختم ٿي ويندا پر انتهاپسنديءَ جي جنونيت ۽ مطالبن جي لاءِ تشدد جو استعمال هن رياست جي مستقبل کي تمام گھڻو نقصان پهچائيندو، معاملو جذبات کان وڌيڪ سمجهھ ۽ برداشت جو آهي جيڪو ڪم رياست ۽ سياست گڏجي ڪري سگھن ٿا.