ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

افسانوي ادب تي مهاڳ لکرائڻ جي اجائي روايت

Editorial-Article- Kaleem Butt

هيءَ مضمون هتان کڻي شروع ڪجي ته نوان ليکڪ ڪهاڻين ۽ شاعريءَ جي ڪتابن ۽ ناولن تي مهاڳ لکرائي پنهنجي تخليقي صلاحيتن سان هڪ ته ناانصافي ڪن ٿا، ٻيو انهن کي پنهنجي تخليقي صلاحيتن تي ڀروسو نه آهي جو اهي مهاڳ لکرائين ٿا جنهن جي ڪري نون ليکڪ پنهنجي خوداعتمادي وڃائي ٿو ويهي رهي.

ڪيترن ئي ڏينهن کان هڪ سوال مون کي پريشان ڪري رهيو آهي ته آخر نون ليکڪن کي مهاڳ لکرائڻ جي ضرورت ڇو پوي ٿي؟ ڪتاب ڇپجڻ کان اڳ انهن کي مهاڳ جي صورت ۾ هڪ سرٽيفڪيٽ جي ضرورت ڇو پوي ٿي ۽ مهاڳ لکرائڻ کانپو سندن ڪتاب جي وڪري تي ڪهڙو اثر پيو؟

ڪجهه وقت اڳ هڪ ليکڪه جي ڪهاڻين جو ڪتاب ڇپيو. هن مهاڳ ته لکرايو، پر هر ڪهاڻي کانپو وري هڪ ليکڪ جو تبصرو به ڪتاب ۾ شامل ڪيائين جنهن سان ٿيو ايئن جو ڪهاڻين جي انگ کان مهاڳن ۽ تبصرن جو انگ وڌي ويو. جڏهن ته مهاڳ کان ويندي سڀني تبصرن ۾ هڪ جملو ساڳيو ئي پڙهڻ لا مليو ته: “محترمه هلندڙ دور ۾ سنڌي ٻوليءَ جي نمائنده ڪهاڻيڪاره آهي، هن جون لکڻيون درد سان ڀريل آهن.” مون کي حيرت ان ڳالهه جي ٿي ته انهن سڀني تبصرو ڪندڙن جو تبصرو هڪ ٻن جملن کي ڇڏي وري ساڳئي جو ساڳيو. پر ان هوندي به ان ڪتاب جو “ڪلهي ڪانڌي ڪير به نه ٿيو.”

هتي مون کي مهاڳن جي حوالي سان وري هڪ واقعو ياد اچي رهيو آهي، اهو هلندڙ دور جي ادبي لابين جو ئي واقعو آهي. سال کن اڳ هڪ محترمه جو ڪهاڻين جو ڪتاب ڇپيو، جنهن تي وري مهاڳ ۽ بيڪ ٽائيٽل اسان جي ٽهيءَ کان ٿورو اڳ جي ٽهي وارن ڪهاڻيڪارن جو لکيل هو. جنهن ۾ انهن ٻنهي صاحبن ان محترمه جي ڪهاڻين کي ذري گهٽ “سنڌي ڪهاڻي جو نئون جنم” سڏيو. مون جڏهن اهو ڪتاب پڙهيو ته مون کي ان ڪتاب ۾ ڏنل اڪثر ڪهاڻيون، ڪهاڻيون گهٽ مضمون وڌيڪ لڳا. جنهن جو اظهار مون سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي ڪيو. ان ليکڪه ته ردعمل ڏنو ئي ڏنو پر ان کان وڌيڪ ردعمل وري مهاڳ لکندڙ جو آيو. ڪجهه وقت کانپو وري ان ساڳي ليکڪه جي هڪ پوسٽ نظرن مان گذري جنهن ۾ هن انهن ٻنهي صاحبن کي گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ اهي وري هر محفل ۾ ان ليکڪه کي “چري ۽ بيوقوف” سڏڻ لڳا. ٻنهي ڌرين جي ناراضگي تان پردو به کڄي ويو. اڳيان هلي خبر پئي ته ڪهاڻين جي ڪتابن تي هڪ انعامي سلسلو شروع ڪيو ويو، جنهن ۾ جج وري اهي ٻئي صاحب هئا. انهن ٻنهي ليکڪه جي ڪتاب کي اهو چئي رد ڪيو ته “هن جون ڪهاڻيون ان ليول جون نه آهن جو انهن کي انعام ڏنو وڃي.”

اها ان ليکڪه سان ڪيڏي نه وڏي بي واجبي آهي ته مهاڳ ۾ هن کي ايڏي عظيم ليکڪه ڏيکارجي جو ان جي ڀيٽ ذري گهٽ ارونڌتي را سان ڪجي ۽ وري ڪنهن مقابلي ۾ پاڻ ئي ان جي ڪتاب کي رد ڪجي!! اهڙي روش کانپو ڇا ان ليکڪه يا ڪنهن به ليکڪ جي وري افسانوي ادب تخليق ڪرڻ تي دل چوندي؟ جڏهن ته مهاڳ لکرائڻ کانپو به ان ڪتاب لا ايئن ٿو لڳي ڄڻ ان نالي ڪو ڪتاب ڇپيو ئي نه آهي.

اڄڪلهه وري اهڙا حضرت به اوهان کي مارڪيٽ ۾ ملي ويندا، جيڪي اوهان جي سهولت لا هر روز پيا فيس بُوڪ تي پوسٽون رکندا ته اسان اوهان جي پروفن جي غلطين کان ويندي، ايڊٽنگ کان ويندي مهاڳ لکڻ جي ذميواري پنهنجي ڪلهن تي کڻون ٿا. رڳو اوهان هڪ ڀيرو اسان ڏانهن اچو ته… وري جڏهن انهن حضرتن جون پنهنجيون تخليق ڪيل لکڻيون پڙهجن ٿيون ته نه پروف سڌا، نڪو ئي وري ڪو جملو سڌو… ڳالهه وري اهڙي جو ماڻهو پنهنجو ئي مٿو ويهي پٽي. انهن جي اکين تي وري اهڙي ڪاري پٽي ٻڌل آهي جو کين پاڻ کانسوا ڪير به نظر ئي نٿو اچي. اهڙن اڌ پڙهيلن لا مهاڳ لکڻ پيشو ٿي پيو آهي. مهاڳ لکڻ کان اڳ اوهان کي پنهنجو نمبر ڏئي چوندا هن تي ايزي پيسا ڪري ڇڏ.

هتي اسان جا نوان لکندڙ به غلطي ڪري ويندا آهن. اسان جو سنڌي ليکڪ هڪ عجيب قسم جي خوف ۾ ورتل آهي. سڀ کان وڏي غلطي جيڪو اسان جو نئون ليکڪ ڪري ٿو اها هيءَ ته هو پڙهندڙ لا لکي ٿو، پڙهندڙ کي سٺي ڪهاڻي ٻڌائيندڙ بدران ان جو مزاج ۽ سوچ مٽائڻ چاهي ٿو. لکڻ مهل هو پاڻ کي ڪهاڻيڪار بدران رفارمسٽ سمجهي ٿو. ان کي وڏي ۾ وڏي غلط فهمي اها آهي ته بس هن جي ڪهاڻين ڇپجڻ سان انقلاب اچي ويندو. ان ۾ هن جو ايترو ڏوهه به نه آهي. هن جي آس پاس ويٺل دانشور هن کان گهر ئي اها ٿا ڪن ۽ ٻيو افسانوي ادب جي حوالي سان سنڌي ماڻهن جا ڪجهه ريٽرورڪس به ٺهيل آهن. جهڙوڪر: ليکڪ سماج جو اڏيندڙ ٿيندو آهي….ليکڪ کي پوري ذميواري سان لکڻ گهرجي…..ان کي سماج جي ڏکن ۽ دردن تي لکڻ گهرجي….ڇا ليکڪ جي هن سماج ڏانهن ڪابه ذميواري ناهي….اهڙي ريت وري گهٽ پڙهيل سياسي ڪارڪن به پاڻ کي افسانوي ادب جو ماهر سمجهي ليکڪن کي ٻڌائيندو آهي ته ادب ڇا ٿيندو آهي، افسانوي ادب ڪيئن ۽ ڪهڙو لکجي. ان سڀني ڳالهين کي نون لکندڙ پاڻ تي حاوي ڪري پو ئي لکڻ شروع ڪري ٿو ۽ هو افسانوي ادب ۽ صحافت ۾ فرق نٿو ڪري سگهي.

منهنجو خيال آهي ته افسانوي ادب تخليق ڪرڻ جو مطلب مڪمل آزادي آهي. تخليقڪار مهاڳ لکندڙ کان ويندي پڙهندڙ تائين ڪنهن جو نه ته محتاج آهي نڪو ئي وري انهن جو غلام آهي جو هنن جي اشاري تي افسانوي ادب تخليق ڪري. جڏهن هڪ ليکڪ افسانوي ادب تخليق ڪرڻ ويهي ته ان وقت هن کي بي تاج بادشاهه ٿي ويهڻ گهرجي. هن کي نه ته ڪنهن جي پرواهه ڪرڻ گهرجي ۽ نه وري پاڻ کي ڪنهن سماجي زنجير ۾ جڪڙڻ گهرجي. سڀ کان پهرين ليکڪ کي پنهنجي اندر ۾ اٿندڙ ڀئو سان وڙهڻ گهرجي ۽ ان کي قابو ڪرڻ گهرجي. هو جيتري تائين اهو نه ڪندو ڪڏهن به آزاديءَ سان افسانوي ادب تخليق نه ڪري سگهندو. ليکڪ کي اها ڳالهه به سوچڻ گهرجي ته هو جيڪي ڪجهه تخليق ڪري رهيو آهي اها هن جي سوچ آهي، هن جا خيال آهن ۽ اها سوچ ۽ خيال هن کي پنهنجي انداز ۾ ئي بيان ڪرڻا آهن. اهي خيال ۽ اها سوچ ڪن ماڻهن کي وڻندي، ڪن ماڻهن کي ڪانه وڻندي. ڪي ماڻهو ان جي ساراهه ڪندا ۽ ڪي وري ان مان اجايا نقص ڪڍندا. پر اظهار جي آزادي اها ئي آهي ته ڀلي منهنجو افسانو ڪنهن کي وڻي يا نه وڻي… ڀلي ڪنهن کي سمجهه ۾ اچي يا نه اچي پر مون کي پو به پنهنجي ڳالهه پنهنجي انداز سان رکڻ جو پورو پورو حق آهي ۽ اهو حق مون کان ڪير به کسي نٿو سگهي.

نون ليکڪن کي پڙهندڙن بدران پنهنجي لا لکڻ گهرجي. جڏهن ليکڪ پنهنجي لا لکندو آهي ته هو خود اعتماديءَ سان لکڻ شروع ڪندو آهي. جڏهن هو پنهنجي لا لکڻ شروع ڪندو آهي ته هن کي انيڪ نت نوان خيال ايندا آهن. ان جي ڀيٽ ۾ پڙهندڙ لا لکندڙ افسانوي ليکڪ ساڳين ساڳين خيالن جو ورجا ڪندا رهندا آهن. هتي ڪجهه دوست اهو به سوال ڪري سگهن ٿا ته جيڪڏهن ليکڪ پنهنجي لا ئي لکي ٿو ته پو ڇپرائي ڇو ٿو. ان جو سادو جواب اهو آهي ته اهو ليکڪ جو حق آهي ته هو پنهنجا خيال ماڻهن تائين پهچائي اتان ئي هن جي اظهار جي آزادي شروع ٿئي ٿي.

مان سمجهان ٿو هڪ تخليقڪار جي آزاديءَ جي پهرين وک اها آهي ته هو پاڻ کي مهاڳ کان آجو ڪرائي. هاڻي ته پڙهندڙن به مهاڳ پڙهڻ ڇڏي ڏنا آهن. هنن کي خبر آهي ته مهاڳ ۾ ڇا لکيل آهي. ان ڪري اهي به مهاڳ کي نظر انداز ڪري رڳو اوهان جي تخليق کي پڙهندا آهن ۽ جيڪڏهن اوهان جي تخليق ۾ وزن آهي ته اها پاڻ ئي جا والاريندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button