پنهنجو احتساب ڪرڻ واري اصول تي عمل ڪندي گذريل لکڻي ۾ ميڊيا کان اها شڪايت ڪئي ته اڌ ملڪ ٻوڏ ۾ ٻڏي چڪو آهي پر مون سوڌو اسان جا گهڻا صحافي ان ۾ ڦاٿل رهيا ته شهباز گل ڇا کاڌو ۽ چا پيتو.
خدا خدا ڪري ٻوڏ متاثر ميڊيا جي ايجنڊا ۾ ڪجهه ڏينهن لاءِ سر فهرست رهيا پر اهي به اهڙي وقت ۾ جڏهن پاڻي واقعي مٿي تان گذري چڪو هو.
جڏهن بلوچستان ۾ پاڻيءَ ۾ ترندڙ لاشن جا ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون هيون. تڏهن ڏکڻ پنجاب، سنڌ ۽ خبيرپختونخوا ۾ ٻوڏ سان تباهي نه متل هئي پر ڪجهه ئي چينلن تي اهڙيون ويڊيو خبرون بڻجي ويون.
هتي ڏوهه فقط ميڊيا جو ڪونهي. بلڪل انهي وقت جڏهن سوات ٻڏي رهيو هو، خيبر پختونخوا جي اقتدار ۾ رهندڙ پارٽي، هري پور ۾ جلسو ڪري رهي هئي ۽ جلسن کي روڪڻ ته پري جي ڳالهه اهو سلسلو اڃا به آب تاب سان جاري آهي.
جنهن قدرتي آفت جو شڪار پاڪستان ٿيو، جيڪڏهن ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ هجي ها ته گهٽ ۾ گهٽ ڪجهه مهينا سياست ۽ صحافت ٻوڏ متاثرن جي چوڌاري گهمندي رهي ها. پر اسان جو ان سڄي عرصي ۾ جيڪو ڪردار رهيو آهي، ان تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو.
ٻوڏ متاثر جن تڪليفن مان گذريا يا گذري رهيا آهن. ان تي به گهڻو ڪجهه چيو ۽ لکيو ويو آهي پر آئون اڃا به سمجهان ٿو ته اهو ڪافي ڪونهي.
گذريل هفتي پنهنجا ٻه پروگرام ٻوڏ متاثر نوشهري ۽ چارسده مان ڪيا ۽ توهين اندازو نٿا لڳائي سگهو ته ان کان پوءِ ڪجهه ڏينهن تائين ڪهڙين تڪليفن سان فقط ڪجهه ڪلاڪ ئي سمهي سگهيو آهيان.
نوشهري ڪلان جي هڪ ان بزرگ عورت جو چهرو ذر ذر سامهون اچي رهيو آهي، جيڪو رڌل چانور جو هڪ ننڍڙو ڳوٿرو کڻڻ لاءِ هڪ ڪلاڪ ٻوڏ واري پاڻيءَ مان هلي آئي هئي.
مون مائيڪ هٿ ۾ جهليو، هن کان ڪئين سوال ڪيا پر هوءَ هر سوال جي جواب ۾ ڳوڙها وهائي رهي هئي. هوءَ ايترو ٻڌائي سگهي ته هن جي گهر ۾ ٽي فوٽ پاڻي موجود آهي.
هن جي مدد لاءِ ڪو حڪومتي اهلڪار ڪونه آيو هو ۽ هوءَ فقط الله جي آسري پنهنجي زندگيءَ جو ڏکيو ترين وقت گذاري رهي آهي.
ٻوڏ متاثرن ۾ لڳ ڀڳ اها ڪهاڻي هر ٻئي ماڻهوءَ جي آهي. نوشهري ۽ چارسده جي وچ ۾ سفر ڪندي موٽروي تان گذريس ته هتي به ڪئين ڪلوميٽر روڊ جي ٻنهي پاسي ٻوڏ متاثرن جا تنبو نظر اچي رهيا هئا، جن ۾ گهڻي انگ ۾ اهڙا ماڻهو هئا، جن جي گهرن ۾ ڪابل درياهه جو پاڻي داخل ٿي چڪو هو.
اس ۾ هن سان ڳالهائڻ لاءِ گاڏيءَ مان لٿس ته پنج منٽ پگهر ۾ شل ٿي ويو هئس. ان وقت احساس ٿيو ته اهي ماڻهو ڪهڙين حالتن ۾ پيا رهن.
سڀ ڪجهه ڪابل درياهه جي ور چڙهي ويو هو. کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجهه ڪونهي، نه پهرڻ لاءِ هڪ کان وڌيڪ ڪپڙن جو جوڙو آهي، بلڪه انهن مان ڪجهه ته بنا تنبن جي کليل آسمان هيٺ رهيا پيا هئا ۽ ڪي ٻه کٽون اڀيون ڪري انهن تي چادر ٻڌي عارضي خيمو ٺاهي ويٺا هئا.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته حڪومت متاثرن جي هر ممڪن مدد جي ڪوشش ڪئي پر ٻوڏ جيتري وڏي پئماني تي تباهي پکيڙي. ان کي منهن ڏيڻ حڪومت جي وس جي ڳالهه ناهي.
الخدمت جهڙيون تنظيمون، پاڪستان فوج ۽ عام شهري پنهنجي مدد پاڻ تحٽ جيترو به ڪري سگهن ٿا، اهو ڪري رهيا آهن پر اهو ڪافي ڪونهي.
هن وقت پاڪستان کي عالمي مدد جي سخت ضرورت آهي. خاص ڪري سنڌ ۾ جتي صوبائي حڪومت کي متاثرن لاءِ تنبو بستي ٺاهڻ لاءِ نه سڪل زمين پئي ملي ۽ نه ئي تنبو.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان ڳالهه ٻولهه ٿي. هن کليل نموني اقرار ڪيو ته جيتري وڏي پئماني تي ٻوڏ تباهي مچائي آهي. ان ۾ اسين اها دعويٰ نٿا ڪري سگهون ته صورتحال اسان جي ڪنٽرول ۾ آهي يا اسين هر جاءِ تي پهچي سگهون.
هاڻوڪين حالتن ۾ ڪابه سياسي پارٽي جيڪڏهن جلسا جلوس ڪرڻ جي سياست ڪندي ته اتي تنقيد بلڪل جائز ٿيندي.
عمران خان صاحب کي گهرجي ته هو ٻن صوبن، جتي هن جي حڪومت آهي، پاڻ وڃي فلڊ رليف مشن کي سنڀالي. ڇاڪاڻ ته گذريل ڪجهه هفتن ۾ جيڪڏهن تحريڪ انصاف جي مقبوليت کي ڪنهن شيءِ نقصان ڏنو آهي ته اهو پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ ٻوڏ متاثرن جي داد رسي نه ڪرڻ آهي.
ائين به ڪونهي ته انهن ٻنهي صوبن جي حڪومت متاثرن لاءِ ڪجهه ڪين ڪيو آهي پر جيڪڏهن ڏکڻ پنجاب ٻڏي چڪو آهي ۽ گجرات ۾ خان صاحب مخالفن کي للڪاري رهيو هجي ته ظاهر آهي ميسج اهو ويندو ته تحريڪ انصاف کي هر قيمت تي اقتدار کان سواءِ ڪنهن ٻي شيءِ جي پرواهه ڪانهي.
انڊپينڊنٽ اردو جي ٿورن سان