هيءُ وقت اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ جو نه آهي پر حقيقت اها آهي ته مِينهن ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل ٻوڏ واري صورتحال سان جهيڙيندڙ ماڻهن جي مدد ڪرڻ حڪومت ۽ رياست خلاف متاثر ماڻهن جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ کي گھٽائڻ جي ڪوشش آهي. مدد ڪندڙن جي نيت اها هجي يا نه پر اهي بهرحال سرڪار جي مدد ڪري رهيا آهن. جيڪو متاثر عوام ٻِي صورت ۾ حڪومت ۽ ان جي ڪارندن خلاف جهيڙي ها، سرڪاري عملدارن ۽ چونڊيل نمائندن جي رستي روڪ ڪري ها، مصيبت جي هن گهڙيءَ کي آخري مصيبت قرار ڏيندي عارضي نه پر مستقل طور تي پنهنجي ڦورو حڪمرانن کان جان آجي ڪرائي ها. خيراتي ادارا هلائيندڙ ۽ متاثرن کي نجي طور تي سهڪار ڏيندڙ ماڻهو اڻ سڌي ريت کين اهو سمجهائي رهيا آهن ته اوهان سان جيڪي ڪجهه ٿي چڪو آهي يا ٿي رهيو آهي سو ڪنهن انسان يا انساني سرشتي جي خاميءَ بدران قدرت جو فيصلو آهي، جيڪو اوهان کي قبول ڪرڻو پوندو. ان جي خلاف جنگ ڪرڻ بدران، ڪروڌ جو اظهار ڪرڻ بدران، سرڪار پاران سهڪار جو انتظار ڪرڻ بدران پنهنجي مدد پاڻ تحت مسئلي کي منهن ڏيڻ گھرجي. حڪومت ته ڪجهه ڪونه ڪندي ان ڪري ان جو آسرو ڪرڻ به فضول آهي. اوهان جي ڪجهه مدد اسان ٿا ڪريون ڪجهه اوهان پنهنجي پاڻ ڪريو. ڏسو ڪنهن ٻئي خيراتي بزرگ جو پاسو وٺو، ڪجهه نه ڪجهه اتان به ملي ويندو.
ماڻهوءَ پاران پاڻ جهڙي ٻئي ماڻهوءَ جي ڏکيءَ ويل مدد ڪرڻ انساني فطرت ۾ شامل آهي. ڪنهن به ڏکئي ماڻهوءَ جي مدد ڪري انسان کي جيڪا خوشي محسوس ٿيندي آهي. ان جو متبادل ڪجهه ڪونهي. اها خوشي حاصل ڪرڻ لاءِ به انسان ٻين جي مدد ڪندو آهي يا وري انسانيت خلاف پنهنجي ڪيل گناهن جو بار هلڪو ڪرڻ لاءِ به خير خيراتون ڪرڻ وارو رستو اختيار ڪيو ويندو آهي. انسان جڏهن اهو محسوس ڪندو آهي ته سندس خراب عملن جي ڪري سماج کيس برو ماڻهو سمجهي رهيو آهي ته پوءِ پنهنجي ان تعارف کي تبديل ڪرڻ لاءِ عبادتون ڪرڻ، خير خيراتون ڪرڻ ۽ پنهنجو مذهبي حليو بڻائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
خيراتي ڪم ڪار يا غريبن جي مالي امداد ڪرڻ جو تصور تمام پراڻو آهي. ايتري تائين جو 2500 ق م ۾ اوائلي يهودين وٽ به اهو تصور سڌريل شڪل ۾ ملي ٿو. مثال طور اهي غريبن جي مدد ڪرڻ لاءِ هڪڙو مخصوص قسم جو ٽيڪس گڏ ڪندا هئا. پر ان زماني ۾ به تصور اهو هو ته اوهان وٽ جيڪا شئي واڌاري آهي، اها غريبن کي ڏيو. جيئن گھڻو بعد ۾ انجيل مقدس ۾ به لکيل آهي ته جيڪڏهن تو وٽ ٻه ڪوٽ آهن ته هڪڙو غريب مستحق جي حوالي ڪري ڇڏ! 2018ع ۾ آمريڪا جي شهرين 4 کرب 27 ارب ڊالرن کان ڪجهه وڌيڪ رقم خيرات ۾ ڏني. چيو وڃي ٿو ته پاڪستان ۾ به خير خيرات ڪرڻ جو رواج گھڻو آهي ۽ هتان جا ماڻهو هر سال جي ڊي پي جو 1 سيڪڙو خيرات ڪندا رهن ٿا. ٿي سگهي ٿو پڙهندڙ کي اها خيراتي رقم گھٽ لڳي پر پاڪستان جي ڀيٽ ۾ تمام گھڻا آسودا ملڪ جهڙوڪ: برطانيا پنهنجي جي ڊي پي جو 1 ڏهائي 3 سيڪڙو جڏهن ته ڪينيڊا 1 ڏهائي 2 سيڪڙو خيرات ڪندو آهي. ان حساب سان ڏسجي ته پاڪستان تمام گھڻي خيرات ڪري رهيو آهي. پاڪستاني شهري ساليانو 2 ارب ڊالرن کان وڌيڪ رقم خيرات ڪن ٿا. پاڪستان اندر خيراتي ادارن ۾ به ڪرپشن جو عنصر ايترو حاوي آهي جو هڪڙي سروي ۾ خبر پئي ته خيرات ڏيندڙن جو 67 سيڪڙو مستحقن ۽ محتاجن کي سڌو سنئون خيرات ڏيڻ کي ترجيح ڏئي ٿو. جڏهن ته رڳو 33 سيڪڙو سرندي وارا خيراتي ادارن کي عطيا ڏيندا آهن. يعني خيراتي ادارن تي ڀروسو تمام گھٽ آهي. پاڪستاني ماڻهو سول سوسائٽيءَ پاران هلندڙ خيراتي ادارن بدران مدرسن ۽ مسجدن تي وڌيڪ ڀروسو ڪن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو خير خيرات جو وڏو حصو مسجدن ۽ مدرسن جي حوالي ڪيو ويندو آهي.
مصيبت جي ماريل ڪنهن انسان جي مدد ڪرڻ يا ڏکيءَ ويل ڪم اچڻ سٺي عادت ۽ انساني فطرت آهي پر ان ڪم کي وڏي پيماني تي ڪرڻ، ادارا جاتي طور تي ڪرڻ جو مطلب آهي. اهو ڪم مفت ۾ ڪرڻ جيڪو سرڪار ۽ رياست جي ذميوارين ۾ شامل آهي ۽ جنهن لاءِ اهي عوام کان ٽيڪس جي صورت ۾ قيمت به وصول ڪنديون رهنديون آهن. حڪومت عوام کان ٽيڪس وٺندي آهي جنهن جي بدلي ۾ مثال طور کين جان ۽ مال جي امان جي ضمانت ڏيندي آهي. هاڻي جيڪڏهن ماڻهوءَ کي پنهنجي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ چوڪيدار ۽ نجي محافظ مقرر ڪرڻا پون ته پوءِ حڪومت کي ٽيڪس ڪهڙي کاتي ۾ ڏجي؟ عوام ٽيڪس ڏيندو آهي پر جيڪڏهن رياست سندس ٻارن کي تعليم نه ڏيندي، اها الڳ پيسا ڀري حاصل ڪرڻي پوندي، جيڪڏهن عوام ٽيڪس ڏيندو پر بيمار ٿيڻ جي صورت ۾ رياست سندس علاج نه ڪرائيندي ته پوءِ عوام ٽيڪس نيٺ ڇالاءِ ڏئي رهيو آهي. جيڪڏهن حڪومت انفرا اسٽرڪچر جي اڏاوت وقت ڪرپشن کي روڪڻ بدران پاڻ ان ۾ ان حد تائين ملوث ٿيندي هجي جو اڌ ڪلاڪ جو مِينهن گٽر نالين ۽ سم نالن جي پت وائکي ڪري وجهي ته پوءِ اهو سوال پڇڻ درست آهي ته عوام نيٺ ٽيڪس ڇا لاءِ ڀريندو آهي؟
پاڪستان جو عوام ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين اٿندي ويهندي ٽيڪس ڀريندو رهندو آهي. ان کان پوءِ به جيڪڏهن ڏکيءَ ويل خيراتي ادارن ڏانهن نهارڻو پوي، حڪومت ويجهو نه اچي ته پوءِ اها ايتري ٽيڪس ڀري ڏيڻ جو ڪهڙو فائدو ۽ جواز آهي؟ ڪامريڊ چي گويرا چيو هو ڪنهن کي امداد جو مستحق بڻائي رکڻ ۽ پوءِ ان جي امداد ڪندو رهڻ هڪڙو منظم ۽ بدترين گناهه آهي. پر اسان کي ان گناهه بابت ٻڌائڻ بدران ان نيڪيءَ بابت زور شور سان ٻڌايو پيو وڃي ته فلاڻو حاجي صاحب غريبن جي هيتري مدد ڪري رهيو آهي. ڪجهه ماڻهو ته پنهنجي ڪمائيءَ منجهان خيرات ڪرڻ جهڙا نه آهن پوءِ به اهي ٻين کان خيرات وٺي مستحقن تائين پهچائي رهيا آهن. ظاهر آهي سڀ کان وڏا مستحق اهي پاڻ آهن. ان ڪري اهڙي خيراتي عمل ڪري کين مالي فائدو به پوي ٿو ته لئي لست ۽ نيڪ نامي الڳ ٿي ٿئي.
عجيب ڳالهه اها به آهي ته ڪميونسٽ پارٽيءَ کان وٺي عوامي ورڪرز پارٽيءَ تائين کاٻي ڌر جون سموريون پارٽيون به ان خيراتي ڪم ۾ مصروف آهن ۽ ان کي ڏکيءَ ويل ماڻهن سان بيهڻ يا ماروئڙن جو ساٿ ڏيڻ بيان ڪري رهيون آهن. جڏهن ته سمورن انقلابي اڳواڻن مصيبت جي اهڙين گھڙين کي ئي انقلابي گھڙيون ڪوٺيو آهي. ڪامريڊ لينن پهرين مهاڀاري جنگ جي ماحول کي روس ۾ انقلابي تجربي لاءِ بهترين موقعو بيان ڪيو. هُو پنهنجي ماڻهن سان پنهنجي ماروئڙن سان گڏجي بيٺو ته سهي پر پنهنجي شرطن تي. يعني هن پنهنجي ماڻهن کي اهو سمجهائڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي ته سندن اهنجن جو ڪارڻ سندن سرمائيدار ۽ جاگيردار حڪمران هئا، سياسي، معاشي سرشتو هو. انهن منجهان جان ڇڏائڻ کان سواءِ سُورن منجهان جان ڇُٽڻي ڪانه هئي. هڪ سياسي پارٽيءَ کي، هڪ انقلابي سياسي پارٽيءَ کي اين جي اوز وارو ڪم بهرحال نه ڪرڻ گھرجي. ان کي پنهنجو پاڻ کي سماجي ڀلائيءَ جي ڪنهن تنظيم جي سطح تائين نه ڪيرائڻ گھرجي. جيڪڏهن اها موضوعي طور تي انقلاب لاءِ تيار ڪانهي ته کيس ان باري ۾ ڳڻتي ڪرڻ گھرجي، معروض کي موجوده حڪمرانن خلاف ئي رهڻ ڏيڻ گھرجي.
ڪامريڊ مائوزي تونگ چيو هو ته ماڻهن کي مڇي پچائي نه کارايو، کين مڇي مارڻ سيکاريو. يعني کين ان قابل بڻايو ته اهي پنهنجو پيٽ ڀرڻ لاءِ پاڻ هٿ پير هڻن. پنڻ مڱڻ تي گذارو نه ڪن. پر اسان وٽ حڪومت ته ٺهيو، انقلابي ماڻهو به مڇي پچائي کارائڻ ۾ يقين رکن ٿا. حڪومت کان ملندڙ پنجويهه هزارن کي غلط ۽ خيراتي شخصيتن يا ادارن پاران ملندڙ پنجويهه روپين کي سٺو ۽ صحيح بيان ڪيو وڃي ٿو.
هڪڙا ماڻهو وري چون ٿا هيءُ وقت سياست ڪرڻ جو نه آهي. اول ته هر وقت سياست ڪرڻ جو هوندو آهي ٻيو اهو ته هيءُ وقت ته اڃان وڌيڪ زور شور سان سياست ڪرڻ جو آهي. جڏهن مينهن جو پاڻي ئي حڪمرانن جي لاک لاهي رهيو آهي ته اسان ان کي نظر انداز ڪري هيڏانهن هوڏانهن جون خبرون ڇو ڪريون؟ جڏهن عوام کي حڪمرانن خلاف ڪاوڙ ۽ ڪروڌ اظهارڻ جو موقعو مليو آهي ته پوءِ اسان وري ان کي ماٺو ڇو ڪريون؟ متاثر ماڻهن ۾ راشن ورهائي سستي شهرت حاصل ڪرڻ بدران کين حڪمرانن ۽ حڪومتي سرشتي خلاف سندرو ٻڌڻ لاءِ ڇو نه همٿايون؟