سمورن ٽي وي چئنلز، سڀني اخبارن ۽ سوشل ميڊيا جي ذريعن کان مليل خبرون ۽ ويڊيوز سنڌ اندر مينھوڳيءَ جي مند ۾ ٿيل بي مثال برباديءَ جي خبرن سان ٽمٽار آهن. جيڏانهن ڪر نگاهه، تيڏانهن ٻوڏ ۽ ٻوڏ جو پاڻي ۽ پنهنجن لکين گھرن تڙن، فصلن، روزگار، ڪاروبار ۽ مزدوريءَ کان محروم ٿي ويل عورتن، مردن ۽ ٻارن ٻچن جون آهون ۽ دانھون پڙاڏو ڪن پيون.
وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ شروع ٿيڻ شرط پنهنجن پرڏيهي دورن ۽ ٻين مصروفيتن کي ڇڏي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پاڻ پنهنجي اکين سان تباھي ڏسڻ ۽ متاثر ٿيل ڪروڙين ماڻهن جي واھر ڪرڻ لاءِ اھم فيصلا ڪيا آهن. سنڌ جي تازي دوري ۾ ھن دادو ضلعي اندر وڏن شهرن جي تباهيءَ تي تبصرو ڪندي اصل حقيقت بيان ڪري ڇڏي آهي ته سنڌ ۾ ڊرينيج جو نظام ٺاھڻو پوندو. سندس انھيءَ بيان کان پوءِ سنڌي زميندارن ۽ آبادگارن جي تنظيم ايوان زراعت مطالبو ڪيو آهي ته 2010ع واري سيلاب جي تباهيءَ کان پوءِ عالمي ادارن سنڌ ۾ ڊرينيج سسٽم ٺاھڻ لاءِ جيڪي چار سئو ارب رپيا ڏنا ھئا. اھي ڪٿي خرچ ٿيا. ان جي جاچ لاءِ گڏيل ٽيم(جي آءِ ٽي) جوڙي اڇا ڪارا پڌرا ڪيا وڃن ته آخر هيءَ 40000 ڪروڙ ويا ڪيڏانهن؟ ايوان زراعت جي انھيءَ بيان ۾ ھاڻوڪي برباديءَ جو ذميوار سنڌ جي آبپاشي کاتي کي قرار ڏيندي چيو ويو آهي ته سندن زرعي معيشت ۽ پيداوار کي 600 اربن يعني سٺ ھزار ڪروڙن جو نقصان رسيو آهي جيڪو حڪومت کي ڀري ڏيڻ گهرجي.
آئون ان زماني ۾ جنھن سنڌي اخبار ۾ ڪالم لکندو هئس، ان ۾ سپريم ڪورٽ جي فل بينچ پاران ٽوڙي بند کي ٽوڙڻ ۽ سنڌ کي اتر کان ڏکڻ تائين ٻوڙڻ جي ذميوار تڏهوڪي سيڪريٽري اريگيشن شجاع الدين جوڻيجي، چيف انجنيئر گڊو بئراج ظفرالله مھر ۽ چيف انجنيئر ڪوٽڙي بئراج منظور شيخ تي سنڌ ۾ ھٿرادو ٻوڏ آڻڻ جي ڏوهه ۾ ڪيس ھلائڻ جي سنڌ سرڪار کي سفارش ڪئي ويئي هئي. 2010ع ۾ ملڪ جو صدر آصف علي زرداري ھو ۽ سنڌ جو وڏو وزير قائم علي شاهه، جن سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي ٿڏي ھنن ڏوھارين کي بچائي ورتو. چوندا آهن ته جتي سزا ۽ جزا جو سرشتو نه ھوندو آھي تتي قانون جي حڪمراني ٿي نه سگهندي آهي. 2011ع ۾ سنڌو نديءَ بدران ڪلائوڊ برسٽ (ڪڪرن جي ڦاٽڻ) سبب جيڪا تباھي ٿي ۽ لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا ته ان دوران عالمي ادارن سنڌ حڪومت کي چار سئو ارب رپيا قرض ڏنو ته جيئن برساتي پاڻيءَ جا بند ٿي ويل لنگھه ٻيھر کولي، وڏ ڦڙن جي نتيجي ۾ ٿيندڙ تباهيءَ کان آئينده ماڻهن کي بچائي سگھجي.
آئون ان ڪالم کي ٻيھر ورجائي سگھان ٿو پر اصل سوال اهو ئي آهي جيڪو سنڌ جي چيمبر آف ايگريڪلچر وارن ڪيو آهي ته آخر هيڏي ساري رقم ڪٿي غائب ٿي ويئي؟ پاڻ سڀني کي ڄاڻ آهي ته آبپاشي کاتي ۾ بي پناهه ڪرپشن آھي. جيڪا ڪلارڪن، انجنيئرن ۽ ٺيڪيدارن کان وٺي حڪمرانن جي ڳٺجوڙ سان ٿئي ٿي. اول ته 2010ع کان وٺي 2015ع تائين پيپلز پارٽيءَ جي ڪنهن به اڳواڻ يا اسيمبلي ميمبر کي آبپاشي کاتي جو وزير مقرر نه ڪيو ويو. ھي کاتو ان دور کان ئي نوابشاهه جي ھڪ ناتجربيڪار ۽ اڻپڙهيل شخص حوالي ڪيو ويو جنهن انجنيئرن ۽ آفيسرن جي ٽرانسفر پوسٽنگ لاءِ ڪروڙن جو ريٽ لڳائي مالڪن کي سدائين خوش رکيو پر سندس رڪارڊ ٽوڙ بدعنوانين ۽ ڪرپشن آبپاشي کاتي کي بنهھ برباد ڪري ڇڏيو. اڄ ادريس راجپوت جھڙن ماھرن جي جاءِ تي اھڙا ته بي فيض ۽ بيڪار عملدار ھن ڊپارٽمينٽ تي ڇانيل آهن جن جي جھالت ٻن ڪروڙن کان وڌيڪ سنڌي عوام جي زرعي معيشت سان گڏوگڏ ڪيترن ئي شهرن کي ٻوڙي ڇڏيو آهي ۽ اھا ٻوڙ ٻوڙان اڃا نه ٿي قابو ٿئي!
نوابشاهه جو اھو بدنام شخص اڄ به آبپاشي کاتي جو ڪرتا ڌرتا آهي. سندس ڪردار جي شروعات 2011ع ۾ ان وقت منظر عام تي آئي جڏهن ھڪ دوست ملڪ طرفان ٻوڏ سبب بيمارين ۾ وڪوڙجي ويل مريضن کي اسپتالن ۾ رسائڻ واسطي ڇھه ايمبولينس گاڏيون سنڌ سرڪار حوالي ڪيون ويون ته پ پ نوابشاهه جي ھن اڳواڻ انھن ايمبولينس گاڏين مان ساهه کڻڻ جي مشين، آڪسيجن جا سلينڊر ۽ فرسٽ ايڊ جو سمورو سامان ڪڍي گاڏين ۾ مورو کان دادو تائين سواريون کڻڻ ۽ پئسا ڪمائڻ جو ڌنڌو ڪيو.
ان دور ۾ ئي ترڪيءَ جي صدر طيب اردوان پاڪستان جو دورو ڪيو ھو. سندس گھر واري تڏھوڪي وزير اعظم يوسف رضا گيلانيءَ کي پنهنجي ڳچيءَ ۾ پيل ھيرن جو ھار لاھي ڏنو ته ان کي وڪڻي، ٻوڏ ۾ تباهه ٿيل ماڻهن جي واھر ڪريو. ان موقعي تي موجود اسلام آباد جي ڪجھه صحافين جڏهن اھو ھيرن جو ھار وزير اعظم جي زال کي پاتل ڏٺو ته اخبارن، ٽي وي چئنلز ۽ سوشل ميڊيا تي اھا ڇرڪائيندڙ خبر وائرل ٿي ويئي. نيٺ گيلاني صاحب اھو ھار پنهنجي زال کان وٺي سرڪاري توشه خاني ۾ جمع ڪرائي پنهنجي جند ڇڏائي ورتي.
مطلب ته ھر ھڪ حڪمران جي سرپرستيءَ ۾ پاڪستان اندر ڪرپشن جو رواج وڌندو رهيو آهي. ھن ڀيري به سنڌ کي مينھوڳيءَ جي مند نه پر سرڪاري سطح تي ٿيندڙ حد کان وڌيڪ ڪرپشن ٻوڙيو آهي. ھي اھڙو مرض آهي جنهن جي وڪڙ ۾ اچي غريب ماڻهو ھر دور۾ غرق ٿيندا آهن. مون اڄ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي ھڪ ويجھي عزيز انجنيئر جي ويڊيو ڏٺي آهي جنهن ۾ انجنيئر چيو آهي ته سڄي سنڌ ۾ نا اهل ۽ ناڪاره پوليس آفيسر ۽ ڊپٽي ڪمشنر مقرر ڪري چيف منسٽر پاڻ سنڌي عوام کي تمام ججھو نقصان رسايو آهي. ھن اھو به چيو ته مراد علي شاهه کي منڄر ڍنڍ مان ٻه ھفتا اڳ پاڻي ڪڍڻ لاءِ ڪٽ ھڻڻ جو فيصلو ڪرڻ گھرجي ھا جيڪو گھڻي دير سان ڪيائين. نتيجي طور دادو ضلعي کان ڪوٽڙي بئراج تائين ماڻهن جي برباديءَ جو خطرو پيدا ٿي چڪو آهي.
سنڌ جي لکين غريبن کي بيروزگاري ۽ مصيبتن ۾ مبتلا ڪندڙ ھيءَ برساتي سيلاب ايڏو ته ڀوائتو ۽ ھاڃيڪار ثابت ٿيو آهي جنهن جو سالن ۾ مثال نه ٿو لڀي. ان جو ڪارڻ انتظامي لاپرواهي ۽ اٻھرائي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي.
سڄي جھان مان تمام گهڻي امداد ملڻ باوجود لکين بي گهر ۽ دربدر ٿيل انسانن کي اڃا تائين کاڌ خوراڪ ۽ تنبو طولان به نه ڏنا ويا آهن. ھرھڪ شهر ۽ ھر ضلعي مان وائرل ٿيل ويڊيوز ۾ ڏسون پيا ته پيپلز پارٽيءَ جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن جي ڀانڊن ۽ گودامن ۾ امدادي سامان سٿيو پيو آهي ۽ بي پھچ مسڪين ماڻهو دانھون ڪري وڏيرن سردارن ۽ ڀوتارن کي گھٽ وڌ ڳالهائين پيا.
سنڌ حڪومت سنڌي عوام جي ووٽن تي گذريل چوڏھن سالن کان پيپلز پارٽيءَ جي قيادت وٽ آهي پر ڏکوئيندڙ سچ اھو ته حڪمرانن سرد مھري ۽ لاپرواهيءَ کان ڪم وٺندي پنهنجن ئي ووٽرن کي چيڙائي ناراض ڪري ڇڏيو آهي. ھر حڪومت جو بنيادي ڪم بلڪ ذميواري اھا ھوندي آھي ته عوام جي جان مال توڙي عزت جي حفاظت ڪري پر افسوس ته سنڌ جا حاڪم پنهنجي انھيءَ ذميواريءَ کي پورو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪا آهن.
وري به مسلم ليگي وزير اعظم شھباز شريف تمام ڀلا فيصلا ڪري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا پئسا وڌائي متاثر ٿيل ماڻهن کي پنجويهه هزار روپيا ڏيڻ جو بھترين قدم کنيو. شھباز شريف اڱاري تي ڪابينا گڏجاڻيءَ ۾ متاثر ٿيل ماڻهن لاءِ رکيل 28 ارب امداد جي رقم وڌائي ستر ارب رپيا ڪري ڇڏي آهي. جنهن جي به آئون واکاڻ ڪندس. ڪنھن به ٻوڏ ۾ ماضيءَ جي حڪمرانن ايتري رقم ماڻهن جي واھر ڪرڻ لاءِ نه رکي آهي.
ھاڻوڪي برساتي تباهي سنڌو درياءَ جي سيلاب کان آڳاٽي آهي. جيڪڏهن ٻوڏ اچي وئي ته سنڌ جي انتظامي لاپرواهي ۽ ڪرپشن ان جي نقصانن کي ڏھوڻو ويھوڻو ڪري سگهي ٿي. تنهنڪري لازمي آهي ته ھر ضلعي جي ناڪام ٿيل ڪرپٽ آفيسرن کي ھٽائي ھڪدم ساک وارن ايماندار عملدارن کي مقرر ڪيو وڃي. سنڌ جي اينٽي ڪرپشن ڊپارٽمينٽ ۾ سچائيءَ سان اٿل پٿل ڪري انھيءَ بي لاڀ کاتي کي عوام دوست ۽ ڪرپشن جو دشمن بنائڻ گھرجي. آبپاشي کاتي ۾ اين جي عباسي ۽ ادريس راجپوت جھڙن ساکائتن ماھرن کي صلاحڪار مقرر ڪري بي ايمان ۽ رشوتخور ڪامورن کي سزائون ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿيڻ به ضروري آهي ته جيئن ٻوڏ سٽيل لکين انسانن جي ڦٽن تي مرهم لڳي سگهي ته کين دربدر خاڪ بسر ڪندڙ بي اصول انجنيئرن ۽ آفيسرن کي سيکت ڏني ويئي آهي.