جوھي شھر جي وسنديءَ بچل رند جي اوڀر ۽ حاجي خير محمد رند جي باغ جي اولھه ۾ بند تي ھڪ شامياني ۾ ڪجھه ماڻھو وِيٺل آھن، جيڪي عذر خواھي وصول ڪري رھيا آھن. بچل رند واسي مشھور زمانه جيالي مرحوم اعظم رند جي نياڻي، سرائي قربان رند جي گهر واري ڪراچيءَ ۾ روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويئي. ان جو تڏو نه ڪراچيءَ ۾ ٿيو نه اھو ڳوٺ بچل رند ۾ ڪيو ويو بلڪه اھو تڏو بچل رند جي اوڀر ۾ جوھيءَ جي رنگ بند تي ڪيو ويو. ھيءَ رنگ بند جي اھا انتھائي نازڪ پوائنٽ آھي جنھن کي بچل رند واسي گذريل ڏهه ڏينھن کان سنڀاليو ويٺا آھن. بند تي پاڻيءَ جو چاڙهه ٿئي، ان ۾ ڪا رُوڻ لڳي رندن ۾ رُومڙ پئجي ويندي. “جوھي رنگ بند” نالي ٺھيل واٽس اپ گروپ تي وائيس ميسيجن ذريعي سرائيڪيءَ ۾ ھڪ ٻئي کي سڏ شروع ٿي ويندو. راڙا پئجي ويندا ۽ پوءِ رُوڻ تي ائين حملو ٿيندو جيئن چيتو شڪار تي حملو ڪندو آھي ۽ ڪجهه منٽن کان پوءِ اھي سڀ سرائي انھي رنگ بند جي ڪنھن ڪُنڊ ۾ سگريٽ پيئندي، تاڙا ملائيندي نظر ايندا ۽ ھر طرف سڪون ٿي ويندو.
تڏي جو رنگ بند تي ڪرڻ ھنگامي صورتحال جي احساس جي علامت آھي ته جيئن ڪير عذر خواھيءَ جي نالي پنھنجي حوالي ٿيل رنگ بند جي ٻانھِين ۽ دنگ کي ڇڏي نه وڃي. پنھنجي ڳوٺ جوھي شھر کي بچائڻ جو احساس ذميواري کين نه فقط ٻوڏ جي پاڻيءَ سان جهيڙڻ تي مجبور ٿو ڪري پر ھو انھن لُنڊين، نانگ بلائن سان رات جو ڪنھن ڪاٺيءَ سان کيڏندي، انھيءَ جو مٿو چٿيندي ملي ٿو جنھن کي ڏسڻ سان شھري بابوئن جو شايد ساهه ئي نڪري وڃي. ھيءَ منظر نامون فقط بچل رند جي سامھون رنگ بند جو ناھي بلڪه ساڍا ست ڪلوميٽر تي ڦھليل جوھي شھر کي ٻوڏ کان بچاءُ لاءِ ڏنل انھي رنگ بند جو آھي جيڪو جوھيءَ جي ماڻھن اجهاڳ ٻوڏ کان پنھنجي جوھي شھر کي بچائڻ لاءِ ڏنو آھي ته جيئن سندن ڳوٺ بچي شھر بچي، ٻار ٻچا محفوظ ھجن، ھتان جو روزگار بچي ۽ ڌنڌا ڌاڙي بچن ته جيئن در در جي ٺوڪر کائڻ لاءِ سرڪار سميت ڪنھن جو ڳيجهو نه ٿيڻو پوي. اھو احساس جيڪڏھن گهرو ٿي وڃي ته پوءِ اھو ماڻھو پنھنجي دنگ ۾ موجود پنھنجا ننگ به ٻاھر نه ڪڍندو آھي ته دنگ به نه ڇڏيندو آھي. پنھنجا بند ٻڌي جوھي بچائي ڏيکاريندو آھي ته مشھور زمانه آبپاشي ماهر ادريس راجپوت سميت 2010ع جي ٻوڏ ۾ جوھيءَ جي لازوال ڪردار تي دنيا دنگ به رھجي ويندي آھي.
ساڍا ست ڪلوميٽر ڊگهي رنگ بند تي ڪوئي ڪجهه ڪلاڪ گهمي ڏسي ته انساني، شھري دماغ دنگ رھجي ٿو وڃي. رنگ بند جي 10 کان 15 فوٽ گهري ٻوڏ واري پاڻيءَ جي پاسي سڀ کان اڳ لڪڙن جي ڊگھي قطار لڳل آھي جنھن کان پوءِ پلاسٽڪ جي ڪلي وڇايل آھي جيڪا ڪناري تي لڳل پلاسٽڪ جي پاچڪن کان مٿان آيل آھي. ان کانپوءِ مٽي جو تقريبن 15 فوٽ ڊگهو بند آھي. جنھن جي ٻئي ڇيڙي تي مٽيءَ سان ڀريل پلاسٽڪ جا پاچڪا پيل آھن. جيئن ئي پاڻي چڙھڻ شروع ڪري ٿو ڊگهي رنگ بند تي ته ھڪ ئي وقت سڄي بند تي پاچڪا لڳي وڃن ٿا ۽ انھن جي پويان اڳ ۾ ئي ڪنھن جاءِ تي موجود مٽيءَ سان ڀريل ڊمپر جي انجڻ ۾ چرڙاٽ ٿين ٿا ۽ سڄي بند تي پهتل تازي ٻوڏ جي پاڻيءَ کان بچاءُ لاءِ لڳل پاچڪن کي پندرھن فوٽ بند کي مٽيءَ جي سپورٽ ڏين ٿا. انھن جو ڪم ختم ٿئي ٿو ته ڪيڻ لڳل ٽريڪٽر اچن ٿا ۽ انھي مٽيءَ کي ليول ڪري ڇڏين ٿا. تيسين سموري رنگ بند تي ھڪ ئي وقت پاچڪن جي ھڪ ٻي کيپ مٽيءَ سان ڀرجي وڃي ٿي ۽ صورتحال وري نارمل ٿي وڃي ٿي.
اھو سمورو ڪم ھڪ ئي وقت کن پل ۾ ٿيو وڃي ٿو. انھيءَ ڪم ۾ ڪو انجنيئر ڪونھي، ڪوئي آبپاشي کاتو ڪونھي، ڪوئي روينيو کاتو شامل ناھي، جيڪي ٻوڏ جي پھرين ڏينھن کان رنگ بند تان گڏهه جي مٿي تان سڱ جيان گم آھن. انھيءَ سڄي رنگ بند تي غيرمعمولي روشني ڏيندڙ سرچ لائيٽون لڳل آھن جيڪي غائب رھندڙ بجلي ڪارڻ جنريٽر تي ھلايون وڃن ٿيون. جنھن کي لڳائڻ سميت ھلائڻ جو ڪم به رنگ بند تي ڪم ڪندڙ شھرين ۽ نوجوانن جو آھي. ائين ئي رنگ بند تي موجود رضاڪارن جي ماني کاڌ خوراڪ چانھن پاڻيءَ جو ڪم شھرين ۽ مخير حضرات سنڀالي ورتو آھي. رنگ بند تي ھڪ ئي وقت موجود ھزارين رضاڪارن جي ايڏي غيرمعمولي سرگرمي ڪا غير معمولي سرگرمي ناھي بلڪه تحريڪ بڻيل آھي جنھن ۾ جوھي شھر ۾ موجود صحافين سميت جوھي شھر سان واسطو رکندڙ قومي، مقامي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا سان لاڳاپيل اسلام آباد، ڪراچي، حيدرآباد ۽ لاھور ۾ موجود صحافين جي جوھيءَ جي ٻوڏ ۽ رنگ بند جي تحريڪ کي توانائي ڏيڻ ۾ اھم ڪردار آھي. ھن ٻوڏ جي ڪارڻ جوھي تعلقي جون اڪثر اسپتالون ٻوڏ ۾ ٻُڏل آھن. ان ڪري مريضن جو سمورو وزن تعلقي اسپتال جوھي تي اچي پيو آھي، جيڪا اڳ ۾ ئي وسيلن جي اڻاٺ ۽ شھر کان ٻاھر رھندڙ عملي جي ٻوڏ ڪارڻ نه پھچڻ جي ڪري گهربل سھوليتون ڏيڻ کان قاصر آھي. جيئن ٻوڏ آئي ۽ ماڻھو پنھنجا اجها ٻوڙائي جوھي شھر جي روڊن رستن، ايف پي بند تي بي يار و مددگار اچي ويٺا ته جوھي شھر ۾ موجود ھڪ شادي ھال کي ان ھال جي مالڪ ڪجھه پنھنجي ھڙان وڙان ڏيئي فري ميڊيڪل ڪيمپ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. جتي روزانو ھڪ ھزار جي لڳ ڀڳ مريضن جو مفت علاج ٿي رھيو آھي جنھن جي دوائن جو روزانو خرچ 4 کان پنج لک آھي ۽ اھو سمورو خرچ جوھي شھر سميت ٻين علائقن جا سرندي وارا برداشت ڪري رھيا آھن. ائين ئي انھي ڪيمپ ۾ ڊاڪٽرن سميت باقي عملو به گذريل ڪافي ڏينھن کان رضاڪاراڻي طور ڪم ڪري رھيو آھي.
انھي ڪيمپ ۾ مريضن جو گهڻو انگ عورتن ۽ ٻارن تي مشتمل آھي، جيڪي جوھيءَ جي باءِ پاس ۽ بچاءُ بند تي بنا پناهه جي ويٺل آھن. اھي ٻوڏ متاثر ماڻھو نه رڳو ڪنھن پناهه ۽ خيمي کانسواءِ ويٺل آھن بلڪه انھن کي صاف کاڌو به ميسر ناھي. جڏھن ته اھي سيلاب جو گندو پاڻي پي رھيا آھن. نتيجي ۾ دست، الٽين، پيچش، تيز بخار، ليس ۽ کنگھه جهڙيون بيماريون ماڻھن کي موت جي منھن ۾ ڌڪي رھيون آھن. ائين ئي جوھي شھر جيڪو چئوطرف ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ گهيريل آھي، ان ۾ ھر طرف گندگيءَ جا ڍير پيل آھن ۽ ھر گهٽي، پاڙي، روڊ رستي ۾ بدبو ڦھليل آھي جنھن سان به بيماريون وڌي رھيون آھن. جڏھن ته شھر ۾ ميونسپل ڪميٽي، روينيو سميت ٻيا حُڪومتي ادارا گم آھن. نتيجي ۾ جوھيءَ ۾ انتھائي ننڌڻڪائي واري صورتحال آھي.
ھن سموري روداد ۾ جوھي سميت آسپاس جي شھرين جي ڪاوشن ڪوششن جو ذڪر آھي پر انھي سموري قصي ۾ رياست، ان جا ادارا جهڙوڪ ميونسپل ڪميٽي، آبپاشي کاتو، روينيو کاتو سميت ٻيا ادارا گم نظر ايندا. جوھي شھر گندگيءَ جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويو آھي. انھيءَ جي صفائي لاءِ عملو به مقرر ٿيل آھي پر آفيسرن ۽ ڪم وٺڻ واري مجاز عملي جي غيرموجودگيءَ ۾ شھر جي صفائيءَ جو برو حال آھي. جنھن جي ڪري دستن ۽ پيچش کان پوءِ ٽائيفائيڊ، سائي جهڙين خطرناڪ بيمارين جي منھن ڪڍڻ ۾ ڪا دير نه لڳندي. توڙي جو شھريءَ جي حيثيت ۾ حُڪمران پارٽي جا ڪارڪن ھر جڳھه ڪم ڪار ۾ نظر به اچن ٿا پر جنھن شئي جو نالو حُڪومت ۽ حُڪومتي ادارا آھن اھي ڪٿي به ناھن.
ھتي اھو سوال ضرور پيدا ٿئي ٿو ته ھي رياست جيڪا ھن ملڪ جي شھرين جي جان ۽ مال جي رکوال آھي. ھتي قائم حڪومت جيڪا اھڙي ناگھاني ۽ المياتي صورتحال ۾ بي يار و مددگار بڻيل شھرين جي بچائڻ، مدد ڪرڻ ۽ بحال ڪرڻ جي ذميوار آھي. ان کي ڇو نه انصاف جي ڪٽھڙي ۾ آڻجي. اھي ادارا ڇو حرڪت ۾ ناھن جيڪي روز روز جي مسخريءَ تي دنيا جھان کي ڪٽھڙي ۾ بيھاري ٿا ڇڏين.
2010ع جي مھا ٻوڏ ۾ جان جي بازي لڳائي جوھي واسين پنهنجي شهر جوھي کي بچائي مثال قائم ڪيو ھو ۽ پنھنجا دنگ ۽ رنگ بند نه ڇڏي رمضان شريف جا روزا به رنگ بند تي رکيا ۽ ڇوڙيا ھئا ۽ عيد نماز به رنگ بند تي پڙھي ھئي. اڄ به سرائي اعظم رند جي نياڻيءَ جي موت تي قربان رند، بالو رند، سعيد رند،سرور رند، منير رند ڳوٺ بچل رند ۾ تڏو ڪرڻ بدران رنگ بند تي تڏو وڇائي عذر خواھي وصول ڪري رھيا آھن ته پنھنجي رنگ بند جي چوڪسي به ڪري رھيا آھن. اھو تڏو سرائي اعظم رند جي نياڻيءَ جو تڏو ناھي شايد اھو سنڌ حُڪومت جي ڪارڪردگي جو تڏو به آھي، جيڪا 2010ع ۾ ڪونه ھئي ۽ ھاڻي به غيرموجود آھي. جوھي واسين 2010ع ۾ ڏسي ورتو ھو ۽ ھاڻي به سمجھي ورتو آھي ته ھي رياست، ھتي قائم وفاقي ۽ سنڌ حُڪومتون سندن حال ڀائي ناھن ٿيڻيون. اھائي سوچ ھر گذرندڙ پل ھر ايندڙ آفت کان پوءِ وڌيڪ گهري ٿي رھي آھي. جنھن طريقي سان ڪشمور گهوٽڪيءَ کان حيدرآباد ۽ نئون ڪوٽ تائين سنڌ لُڙھي ويئي آھي ۽ لوڙھائي ويئي آھي ته پوءِ نتيجي ۾ اھو ٿيڻ ۾ به دير ناھي لڳندي جيئن مرتضيٰ ڀٽي جي موڀي پٽ ذوالفقار جونيئر ڪجھه ڏينھن اڳ چيو آھي، ھونئن به جنگيون ۽ سيلاب انقلابن کي جنم ڏيندا آھن يا انارڪي کي. پهرين عالمي جنگ، آڪٽوبر انقلاب کي جنم ڏنو ۽ اوڀرندي بنگال جي سيلاب بنگلا ديش کي. ڏسجي ته 2022ع جي مھا ٻوڏ جي وچ سِير ۾ گذرندڙ پل ۽ وقت سنڌ ۽ ھن ملڪ کي ڪھڙي پاسي وٺي وڃي ٿو.