ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ ۾ اڻ لڀ ٿيل جهنگلي جيوت

Editorial

هاڻوڪي آيل ٻوڏ کان پوءِ جنهن تباهيءَ کي عوام ڀوڳي رهيو آهي، اهو هڪ پاسي ته حڪومت جي نا اهلي سبب آهي ٻيو وري عام ماڻهو ۽ حڪومت جي قبضي واري نفسيات جي ڪري ٿيو آهي. سنڌ جي ڪيترن ئي شهر ۾ پاڻي بيٺل آهي. ان کان سواءِ ڪيترائي شهر اهڙا آهن، جيڪي پاڻيءَ کان بچڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ ڪئين اهڙا آهن، جن ڏانهن پاڻي وڌي رهيو آهي. پاڻيءَ کي صحيح رستو نه ملڻ ڪري اهو شهرن کي تباهه ڪري رهيو آهي. عوام لڏپلاڻ ڪري رهيو آهي ۽ اهو ڪئمپن ۾ زندگي گذارڻ جي مجبور ٿي ويو آهي. اهڙي ريت تباهي اڃا تائين به عوام جي منتظر لڳي پئي آهي. ٻوڏ جي تباهه ڪارين کان پوءِ جيڪي تصويرون اسان کي نظر اچي رهيون آهن. انهن ۾ علائقن جا علائقا ٻڏل آهن. ماڻهو پريشان آهن. شهرن کي پاڻي گهيري ويو آهي ۽ ڪٿي به ڪا انساني يا جهنگلي جيوت نٿي نظر اچي. جيتوڻيڪ هر پاسي کان امدادي ڪارروايون جاري آهن پر تڏهن به گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي. انساني زندگيءَ جي بحالي ايترو جلدي ممڪن ڪونهي. ڇاڪاڻ ته ٻوڏ سبب آيل تباهي اسان کي اندازي کان وڌيڪ آهي.

هاڻوڪي صورتحال ۾ هڪ ڳالهه نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته درياهه جو سڄو ڪچو ٻڏي ويو آهي. پاڻي شهرن ۽ ٻهراڙين کي ٻوڙي ڇڏيو پر ڪٿي به ڪو اهڙو ٻيلو نظر ڪونه اچي رهيو آهي. جهنگلي جيوت ڪو نالو نشان ڪونه پيو نظر اچي. ڇاڪاڻ ته حڪومتي نمائندن ۽ مختلف علائقن جي بااثرن ٻيلا وڌائي ڇڏيا آهن. انهن جهنگلي جيوت جو خاتمو آڻي ڇڏيو آهي. سنڌو درياهه جون ٻئي ڪنڌيون اسان کي پاڻيءَ ۾ ۾ ٻڏل نظر اچي رهيون آهن. پر ڪٿي به ڪو وڻ نظر ڪونه پيو نظر اچي، ڇاڪاڻ ته ڪو وڻ ڇڏيو ئي ڪونهي ويو. ٻيلن جي زمين تي قبضا ٿيل آهن. جن کي ڇڏائڻ لاءِ عدالتون به حڪم جاري ڪنديون رهيون آهن پر هيستائين ٻيلا قبضن کان آجا ڪونه ٿي سگهيا آهن. ظاهر آهي جڏهن ٻيلن کي وڍائي ان زمين تي قبضو ڪيو ويندو ته پوءِ برساتون اهڙي ئي تباهي مچائيندي آهي، جهڙي اسين هن وقت ڏسي رهيا آهيون. تنهنڪري ان ڳالهه تي سنجيدگيءَ سان غور ڪرڻ گهرجي ته هيڏي تباهيءَ کان پوءِ اسان کي ڪي به جهنگلي جانور نظر ڪونه آيا آهن ۽ نه ئي اسان انهن کي پاڻي وهڪرن ۾ ڏٺو آهي. ان جو مطلب اهو آهي ته اسان جهنگلي جيوت جو مڪمل طور خاتمو ڪري ڇڏيو آهي. هاڻ ان لاءِ ڪابه اهڙي جاءِ ڪونه ڇڏي آهي، جتي اهي رهي سگهن. ڇاڪاڻ ته انهن لاءِ اهڙو ماحول ئي ڪونه رهيو آهي. تنهنڪري اهي اسان کي سنڌ ۾ نظر ئي ڪونه ٿا اچن. سنڌ ۾ جهنگلي جيوت جون پناهه گاهون مڪمل طور ختم ٿي چڪيون آهن ۽ انهن کي بحال ڪرڻ جون به ڪوششون ڪونه ٿي رهيون آهن. اهڙي ريت اسين پنهنجي ئي جهنگلي جيوت کي ختم ڪري ايڪو سسٽم کي تباهه ڪري رهيا آهيون. دنيا ۾ رڳو ماڻهو جي زندگي اهم ڪانه هوندي آهي. پر دنيا ۾ جيڪو جيو دنيا ۾ رهي ٿو، ان جي زندگي اهم آهي. ڇاڪاڻ ته اهو هن پوري ايڪو سسٽم جو حصو آهي. جنهن ۾ انسان، جانور کان وٺي سڄي آبي جيوت گڏيل آهي. تنهنڪري انهن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌو درياهه جي ڪچي جي ڀيل ڪرڻ ڪنهن به ريت جائز آهي. اتان جهنگلي جيوت جو خاتمو ڪرڻ به بهتر عمل ڪونهي. تنهنڪري سنڌو درياهه جي ٻنهي ڪپن تي جهنگلي جيوت لاءِ پناهه گاهون ٺاهيون وڃن. ان کان سواءِ سنڌ ۾ جيڪي به واهه آهن. انهن جي ڪپن تي جيڪي به غير ضروري رهائشي اسڪيمون آهن. انهن کي ختم ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ ته جيستائين قبضن کي ختم نه ڪيو ويندو، تيستائين ڪنهن به ريت ٻيلن جي بحالي نه ٿي سگهندي ۽ نه ئي وري ٻيلا ٿي سگهندا. تنهنڪري جهنگلي جيوت جو تحفظ بنهه گهڻو ضروري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button