ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مارڪس جي نقطه نظر جي ارتقا

Editorial-Article- Yameen Jatoi

ڪارل مارڪس جو نالو کڄڻ سان سندس شخصيت بابت ذهن ۾ جيڪو پهريون خاڪو جڙندو آهي، اهو اهو آهي ته هو سائنسي سوشلزم جو باني هو. اڻويهين صديءَ جو آخري اڌ ۽ سموري ويهين صدي ته مڪمل طور سندس سائنسي سوشلسٽ فڪر جي اثر هيٺ رهي. پر سائنسي سوشلزم تائين پهچڻ کان اڳ هڪ تخليقي مفڪر جي حيثيت ۾ مارڪس جو نقطه نظر ارتقاءَ جي مختلف مرحلن مان گذريو.
اسڪولي ڏهاڙن ۾ مارڪس جنهن فڪر کي پنهنجايو، اها فرانس ۽ جرمنيءَ جي روشن خيالي هئي. وقت گذرڻ سان گڏ سندس ذهني لاڙن ۾ ڦيرو ايندو رهيو ۽ هو انقلابي جمهوريت پسند بڻجي ويو، ڇاڪاڻ ته مارڪس جي وقت رجعت پرست بادشاهت جو جبر پنهنجي عروج تي هو. اهڙين حالتن مان غيرمطمئن مارڪس لاءِ انقلابي جمهوري رستي تي هلڻ ئي پهرين چونڊ هئي. هو 1837ع ڌاري هيگل جي فلسفي، خاص ڪري سندس جدلياتي فڪر جو به حامي بڻجي ٿو ۽ نوجوان هيگليائي گروپ سان لاڳاپا قائم ڪري ٿو، جيڪي هيگل جي فلسفي مان انقلابي ۽ سياسي نتيجا اخذ ڪن ٿا. پر مجموعي طور هو هيگل جي فلسفي مان به مطمئن نه ٿو ٿئي جو، اهو ابتو بيٺل آهي.
هيگل معروضي خياليت پسند فلسفيءَ جي حيثيت ۾، اها دعويٰ ڪئي ته، فطرت (مادو) رڳو ”مطلق خيال“ کان علحيدگيءَ جي نمائندگي ڪري ٿي، هيگل جي بقول اسان حقيقي دنيا ۾ جنهن شئي جو ادراڪ ڪيون ٿا، اهو ان جو فڪري مواد ئي آهي. جنهن ذريعي دنيا بتدريج مطلق خيال جي حقيقي شڪل اختيار ڪري ٿي، ان مطلق خيال جو وجود ڪٿي ابد کان، دنيا کان آزاد ۽ دنيا کان پهرين هو. اها ڳالهه ڪنهن وڌيڪ ثبوت کان کانسواءِ ظاهر آهي ته، فڪر اهڙي مواد جو ادراڪ ڪري سگهي ٿو، جيڪو شروعات کان ئي فڪري مواد هجي. هيگل جي فلسفي جو انقلابي پاسو اهو هو ته، هن فطري، سماجي ۽ ذهني لقائن کي هڪ تاريخي سلسلي ۾ ڏٺو. هيگل جي خيال موجب مطلق تصور جو وجود نه رڳو ازل کان آهي، بلڪ هو سموري موجوده دنيا جو حقيقي ۽ جاندار روح به آهي. هو پنهنجي پاڻ ۾، انهن سڀني شروعاتي ڏاڪن دوران ارتقاءَ ڪندو رهي ٿو، جنهن جو تفصيلي بحث ”منطق“ ۾ ڪيو وڃي ٿو. پوءِ هو فطرت ۾ تبديل ٿي، پنهنجي پاڻ کي ڌار ڪري ڇڏي ٿو ۽ اتي ذات جي شعور کانسواءِ، قدرتي ضرورت جي روپ ۾، هڪ نئين ارتقاءَ مان گذري ٿو ۽ نيٺ انسان ۾ وري پنهنجي ذات جي شعور تائين واپس اچي وڃي ٿو ۽ اهو ذات جو شعور وري تاريخ جي شڪل ۾، پنهنجي پاڻ جي تڪميل ڪري ٿو. اهو انقلابي پاسو هو، جو هن شين کي تاريخي عمل جي حيثيت ۾ ڏسندي، مسلسل حرڪت، تبديل ٿيندڙ لقائن طور پيش ڪيو ۽ هيگلي فلسفي جو رجعتي پاسو اهو آهي ته، هن ان سموري تاريخي ارتقا جو بنياد ”مطلق خيال“ کي قرار ڏيندي، ان کي فطرت، سماج ۽ انساني شعور جي تبديلين جو ماخذ سڏيو، اهو ان ڪري، جو هو افلاطون جيان معروضي خياليت پسند فلسفي جي حيثيت ۾ ڪنهن ”ابدي“ ۽ ”ڪائناتي“ سچ جو قائل هو. اهو ئي سبب آهي جو هيگل جي جدليات مٿي ڀر بيٺل هئي، جنهن کي پيرن تي بيهارڻو هو.
مارڪس هيگل جي فلسفي جي جدلي نفي ڪندي، يعني سندس هاڪاري پاسي کي محفوظ ڪندي ۽ سندس خيالي انداز کان جان ڇڏائيندي، اهو ثابت ڪيو ته، فطرت کان سماج ۽ شعور تائين اهي مادي تضاد ئي آهن، جيڪي لقائن جي اوسر ۽ ترقيءَ جو سبب بڻجن ٿا. هر موجوده لقاءُ دراصل ڊگهي تاريخي ارتقاءَ مان گذري، ان ڏاڪي تي پهتو آهي ۽ اها ارتقا ڪنهن ”مطلق خيال“ جي ”ارتقاءَ بالذات“ جي نه پر خارجي-مادي قانونن جي داخلي ۽ باهمي حرڪت، اثر ۽ جدوجهد جو نتيجو آهي. تنهنڪري پاڻ هيگل جي ان ”مطلق خيال“ جو راز به انسان جي مادي پيداوار جي سرگرميءَ ۾ لڪل آهي. ٻين لفظن ۾ اهو پڻ انسان جي مادي سرگرميءَ جي ڊگهي تاريخي ارتقاءَ جو ئي نتيجو آهي.
اهي پيرس ۾ 1843ع جا ڏهاڙا آهن، جڏهن مارڪس فرانس جي مزدور طبقي جي انقلابي روايتن، پورهيتن جي تنظيمن ۽ جمهوري ۽ سوشلسٽ حلقن سان سڌيءَ ريت لهه وچڙ جي تجربي مان گذري ٿو. سينٽ سائمن، فوريئر، اوون ۽ ٻين جي يوٽوپيائي سوشلسٽ ۽ ڪميونسٽ نظرئي جي ڇيد دوران مارڪس ان ۾ عقلي عنصر ڏسندي، انهن جي اڻپختن تصورن کي رد ڪري ٿو. پيرس ۾ مارڪس ماديت پسنداڻي ۽ ڪميونسٽ نقطه نظر جي روشنيءَ ۾ پهريون ڀيرو بورجوا سماج جي معاشي بنيادن جي تنقيدي تشخيص ڪري ٿو. مارڪس ان نتيجي تي پهچي ٿو ته، بورجوا سماج جي ايناٽمي (Anatomy) سياسي معاشيات ۾ ئي چڪاسڻي پوندي ۽ اهو ئي اهو وقت آهي جڏهن مارڪس جي برطانوي ڪلاسيڪي معاشي ماهرن ايڊم سمٿ ۽ ڊيوڊ ريڪارڊو بابت رويي جي صورتگري به ٿئي ٿي. مارڪس سندن نظرئي ۾ موجود تاريخي حدن جو تعين ڪري ٿو. ڇاڪاڻ ته انهن ٻنهي عظيم معاشي ماهرن بورجوا سماجي پيداواري رشتن کي تاريخي طور عارضي ۽ عبوري نه پر ابدي سمجهيو ٿي.
مارڪس جا خيال، 1844ع کان پوءِ بدلجڻ لڳن ٿا، اهو ئي اهو زمانو آهي جڏهن سندس هڪ انقلابي جمهوريت پسند کان ڪميونزم ڏانهن عبور جو دور شروع ٿئي ٿو. جنهن جو واضح اظهار “يهودين جي سوال بابت” ۽ “هيگل جي حق جي فلسفي تي تنقيد” ۾ ٿئي ٿو. جن ۾ مارڪس ان نتيجي تي پهچي ٿو ته، رڳو ڪميونسٽ ڪاياپلٽ ذريعي ئي بورجوا انقلابن جي حدن کي عبور ڪندي، ماڻهوءَ کي سماجي قيد سميت سمورين زنجيرن کان نجات ڏياري سگهجي ٿي. اهو ئي اهو زمانو به آهي، جڏهن مارڪس اها سماجي قوت به دريافت ڪري ٿو، جنهن کي اها ڪميونسٽ ڪاياپلٽ سرانجام ڏيڻي آهي ۽ سندس نظر ۾ اها سماجي قوت جديد مزدور طبقو آهي. مارڪس ترقي پسند نظرئي کي مزدور طبقي جو فڪري هٿيار قرار ڏيئي ٿو. ڪميونسٽ سماج جي خالق جي حيثيت ۾ مزدور طبقي جي سماجي قوت طور دريافت ئي سوشلزم جي يوٽوپيائي کان سائنسي ڏانهن عبور جو عظيم سنگ ميل رکيو ۽ ان وقت کان پوءِ ئي مارڪس پرولتاري انقلابي ۽ مزدور طبقي جو نظرئيدان بڻجي ٿو.
ان سڄي عرصي ۾ مارڪس “فلسفي جي غربت” کان ويندي، “مقدس خاندان”، “جرمن نظريو” ۽ ٻين لکڻين ۾ تاريخ بابت پنهنجي ماديت پسند نقطه نظر کي پيش ڪيو. مارڪس جو اهم ڪارنامو نظرئي ۽ عمل کي هيڪڙائي ۾ ڏسڻ آهي. ان عرصي دوران لکيل هڪ تحرير “فائرباخ تي مقالا” به هئا، جيڪا جرمن فلسفي لڊوگ فائرباخ جي “قياسي ماديت” تي تنقيد هئي. فائر باخ تي مقالي ۾ مارڪس زور ڏيئي ٿو ته، ماڻهوءَ جي سماجي زندگي ۽ ادراڪي سرگرميءَ جي رازن کي عمل ۾ ڳولڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته عمل ئي سچ جو معيار آهي. شين کي انسان جي عملي سرگرميءَ جي بنياد تي ئي سمجهي سگهجي ٿو. مارڪس پنهنجي عالمي نقطه نظر جي عمومي انقلابي ڪردار کي “فائر باخ تي ٿيسس” جي آخري مقالي ۾ پيش ڪندي چوي ٿو: “فلسفين اڄ تائين دنيا جي تشريح ڪئي آهي، اصل ڪم ان کي بدلائڻ آهي.” پر ان جو اهو مقصد نه آهي ته، فلسفو اڻ لاڳاپيل بڻجي ويو، مارڪس جي ان مان مراد هيءَ آهي ته، مسئلا ڪهڙا به هجن، اهي فلسفياڻا هجن يا ٻيا، اهي حقيقي زندگيءَ جي حالتن مان ئي پيدا ٿين ٿا، اهي حل به تڏهن ٿيندا، جڏهن انهن مادي حالتن کي تبديل ڪيو وڃي. يعني دنيا جي نئين سر تشڪيل ڪئي وڃي.
بهرحال، انهن سمورين لکڻين باوجود دنيا جا مارڪسسٽ 1848 ۾ لکيل “ڪميونسٽ پڌرنامي” کي ئي سائنسي ڪميونزم جو ”برٿ سرٽيفڪيٽ“ ۽ بنيادي دستاويز قرار ڏين ٿا. فريدرخ اينگلز جي لفظن ۾ مينيفيسٽو اندر جيڪو بنيادي خيال ڪم ڪري رهيو آهي، اهو هيءُ آهي ته، هر تاريخي دور ۾ اقتصادي پيداوار ۽ ان مان لازمي طور پيدا ٿيندڙ سماج جو ڍانچو، ان دور جي سياسي ۽ ذهني تاريخ لاءِ بنياد جو ڪم ڏيئي ٿو ۽ ان جو نتيجو آهي جو، (زمين جي ابتدائي برادريءَ واري ملڪيت جي منتشر ٿيڻ کان پوءِ) سموري تاريخ طبقاتي جدوجهد جي تاريخ آهي، ان جدوجهد جي، جيڪا استحصال ڪندڙن ۽ استحصال ٿيندڙن، حاڪم ۽ محڪوم طبقن ۾ سماجي ارتقا جي مختلف ڏاڪن تي ٿيندي رهي آهي.
بعد ۾ مارڪس جڳ مشهور لکڻي ”داس ڪيپيٽل“ ۾ به سرمائيداراڻي سماجي-معاشي تشڪيل جي ڇيد جي سلسلي ۾، تاريخي عمل تي، مادي جدليات جي اصول کي لاڳو ڪندي، سرمائيداريءَ جي اوسر جو معاشي قانون دريافت ڪرڻ سان گڏوگڏ سرمائيداراڻي نظام جي ”زوال“ ۽ ڪميونزم جي ”فتحيابيءَ“ جي اڳڪٿي ڪري ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button