درياهه جي فطري لنگهه سان هٿ چراند ڪرڻ جو مطلب آهي ته انسان پنهنجي لاءِ آفت کي دعوت ڏئي رهيو آهي. سنڌو درياهه ڪروڙين ماڻهن، آبي جيوت ۽ جهنگلي جيوت جي حياتيءَ جو وسيلو آهي. جيڪڏهن ان جي فطري لنگهه کي روڪيو ٿو وڃي يا ان جي پيٽ کي سوڙهو ڪرڻ جون ڪوششون ٿيون ڪيون وڃن ته هو پنهنجي طاقت ۽ زور وسيلي ضرور مها ٻوڏ جي صورت ۾ سڀ ڪجهه لوڙهي سگهي ٿو. هاڻوڪي آيل ٻوڏ ۾ اسين اهو سڀڪجهه ڏسي رهيا آهيون ته ڪهڙي ريت درياهه پنهنجي دائري ۾ آيل هر قبضي ۽ ناجائز اڏاوت کي تباهه ڪري ڇڏيو. گڊو کان وٺي ڪوٽڙي بيراج تائين سنڌو درياهه ۾ رهائشي اسڪيمون ٺاهڻ جو سلسلو جاري آهي. جنهن جي ڪري نه رڳو درياهه جو پيٽ سوڙهو ٿي ويو آهي پر اهي رهائشي اسڪيمون ڪنهن به ريت رهڻ لائق نه آهن. هن وقت اهي پاڻي هيٺ آهن.
خبر موجب حيدرآباد جي لطيف آباد يونٽ نمبر 10 ڀرسان سنڌو دريا جي ڪچي وارن علائقن ۾ بلڊرن جون 7 غيرقانوني رهائشي اسڪيمون هلندڙ آهن. جڏهن ته سنڌو دريا ۾ پاڻي جي چاڙهه ۽ ڪوٽڙي بئراج وٽ 6 لک 40 هزار ڪيوسڪ جي پاڻي گذرڻ کانپو اسڪيمن کي بچائڻ جي سلسلي ۾ پاڻيءَ جي گذرگاهن تي دٻا وڌي ويو آهي. پاڻيءَ جو گس پڻ بند ڪيو ويو آهي. جنهن دوران سوين ڳوٺ ٻڏي ويا آهن. اسڪيمن وٽ پٿر جمع ڪري پاڻيءَ کي روڪيو پيو وڃي، جيڪو پاڻي وري ڳوٺن کي ٻوڙي رهيو آهي. ڳوٺاڻن موجب ته فلڊ زون ۾ اسڪيمون ٺاهي سنڌو درياهه جي پاڻيءَ کي روڪڻ لا سندن ڳوٺن ۾ پاڻي ڇوڙ ڪري ڳوٺ ٻوڙيا ويا آهن. ان ڏس ۾ فلڊ زون ۾ هلندڙ 7 اسڪيمن ۾ غوثيه ٽائون، گرين سٽي، الرحيم سٽي، الرحمان سٽي، ڪوهسار گرين سٽي، سائبان هائوسنگ اسڪيم ۽ مدينه سٽي شامل آهن، اسڪيمون پاڻي ۾ ٻڏي ويون آهن. ان ڏس ۾ ڊي آ جي حيدرآباد پير محمد شاهه، ڊويزنل ڪمشنر نديم الرحمان ميمڻ، فلڊ زون وارن هنڌن تي پهچي اسڪيمن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ڪمشنر حيدرآباد نديم ميمڻ چيو ته اسان اڳ ۾ هتي جو دورو ڪري درياهه جي ڪچي ۾ قائم اسڪيمن کي غيرقانوني قرار ڏنو هو، جنهن ۾ 7 اسڪيمون شامل هيون. هن چيو ته غيرقانوني اسڪيمن جي منظوري ڏيندڙ ادارن خلاف ڪارروائي ڪري گرفتار ڪنداسين. اڳ ۾ ڊي سي، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي پڻ لکيو هو ته جيڪي به اسڪيمون آهن، اهي ختم ڪيون وڃن. اجازت نه ڏني وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ڊي سي آفيس، ايڇ ڊي اي ۽ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ڪوبه نوٽيس نه ورتو آهي. هتي جيڪو به اچي رهندو ته نقصان کڻندو. سمورن علائقن ۾ پاڻي اچي ويندو. 2014ع ۾ آبپاشي کاتي ڦليلي جي عملدارن سنڌ ها ڪورٽ حيدرآباد ۾ هڪ رپورٽ جمع ڪرائي هئي ته حيدرآباد ۾ درياهه جي فلڊ زون ۾ 22 رهائشي ۽ ڪمرشل اسڪيمون تعمير ڪيل آهن يا ڪيون پيون وڃن، انهن جو ڪم روڪيو وڃي، ان ڏس ۾ عدالت 2018ع ۾ اسڪيمن جو ڪم روڪي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. جيڪي اسڪيمون ايڇ ڊي اي ۽ ايس بي سي اي حيدرآباد جي منظوري سان تعمير ڪيون ويون آهن. عدالت ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ 22 اسڪيمن ۾ محمد عارف ميمڻ جي اسڪيم بسم الله سٽي، ارحمان سٽي هائوسنگ اسڪيم، ڪوهسار گرين سٽي، المدينا سٽي، الرحيم سٽي، ڪوهسار گرين سٽي شاپس ۽ فليٽس، شاهه لطيف ريزيڊنسي، عمار سٽي، نقاش ولاز ون، نقاش ولاز 2، پيرل ريزيڊنسٽي، الڪريم، عبدالله اسپورٽس ڪامپليڪس، غوثيه ٽائون هائوسنگ اسڪيم، عليان سٽي، ڪوهسار هيوين سٽي، گرين ٽاور سٽي، سائبان هائوسنگ اسڪيم، طيبي هائوسنگ اسڪيم، بسم الله گارڊن، يابي آرڪيڊ شامل آهن. جيڪي گدو بند، ڄامشورو ۽ قاسم آباد ۾ قائم ڪيون ويون آهن.
اسين سمجهون ٿا، ان حوالي سان سنڌ حڪومت پاران واضح قانون موجود آهن پر سنڌ حڪومت جي نا اهلي آهي جو اها پنهنجن ئي جوڙيل قانونن تي عمل نٿي ڪرائي سگهي. اها درياهه اندر قائم ٿيندڙ اسڪيمن کي روڪرائڻ ۾ ناڪام وئي آهي. هيءَ هڪ بهتر فيصلو ڪيو آهي پر جيستائين ان تي عمل نٿو ڪيو وڃي، تيستائين ان جو لاڀ نٿو حاصل ٿي سگهي. ان ڪري ان فيصلي تي عمل ڪرائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي ۽ ان کان سواءِ سنڌو درياهه جي ٻنهي پاسي جيڪو فلڊ زون آهي، ان تي ڪا به رهائشي اسڪيم قائم ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وڃي ته جيئن درياهه ۽ ماڻهن کي بچائي سگهجي.