دنيا ۾ جتي به آفتون اچن ٿيون، اتي ماڻهو ضرور متاثر ٿيندا آهن. اتان جي معيشت بدحال ٿيندي آهي ۽ انفرا اسٽرڪچر کي پڻ نقصان ٿيندو آهي. آفتن ۾ سڄي دنيا گڏجي آفت سٽيل ملڪ جي مدد ڪندي آهي. اها مدد پئسي جي صورت ۾ ٿيندي آهي. ان کان سواءِ ورڪ فورس جي صورت ۾ به ٿيندي آهي. پر ڪئين ملڪ آهن، جيڪي آفتن مان سکي امداد جو بهتر استعمال ڪري پنهنجن ملڪن کي پيرن تي بيهاري ڇڏيندا آهن. پاڪستان اهو ملڪ آهي، جيڪو هر آفت دوران امداد وٺندو آهي پر آفتون نه هوندي به امداد تي گذارو ڪندو رهندو آهي. هاڻوڪي ٻوڏ کان پوءِ ملڪ ۾ ٻاهرين ملڪن ۽ ادارن پاران بنهه گهڻي امداد اچي رهي آهي. امداد ملڻ جو اصل مقصد اهو هوندو آهي ته جيڪي به ماڻهو ٻوڏ جهڙي آفت کان متاثر ٿيا آهن، انهن جي سهائتا ڪئي وڃي. انهن جي بحاليءَ ۾ ڪا ڪسر نه رهجي وڃي. حڪومتي مشينري نه رڳو امداد بهتر نموني پهچائڻ ناڪام ويندي آهي پر متاثرن جي زندگي متاثر ئي نظر ايندي آهي. امداد جو بهتر استعمال ممڪن ڪونه ٿي سگهندو آهي. ڇاڪاڻ ته ٻوڏ هتان جي وزيرن ۽ سگهارن ادارن لاءِ آفت هڪ سيزن هوندي آهي. ان ۾ جنهن کي جيترو جهٽ لڳندو آهي، اهو اوترو ڪمائي وٺندو آهي.
هاڻوڪي ٻوڏ سبب جيڪو نقصان ٿيو آهي، اهو ڪروڙن جو نه پر اربن جو آهي. اها رپورٽ وزير اعظم شهباز شريف کي به ڏني وئي آهي. ناڻي واري وزارت ٻوڏ سان معيشت کي پهتل نقصانن جي رپورٽ وزيراعظم آفيس کي موڪلي ڇڏي. ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن سبب شروعاتي ڪاٿي تي ٻڌل رپورٽ تيار ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٻوڏ جي نتيجي ۾ زراعت ۽ انفرا اسٽرڪچر سميت ٻيا نقصان ٿيا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻوڏ سان ڪمزور ملڪي معيشت کي 12 ارب ڊالرن جو وڏو نقصان ٿيو، جنهن کي ڏسندي معاشي اوسر جي شرح 5 سيڪڙو کان گهٽ ٿي. 3 ڏهائي 3 سيڪڙو رهڻ جو اندازو لڳايو ويو آهي. وزيراعظم آفيس کي موڪليل رپورٽ ۾ معاشي اوسر جي شرح ۾ گهٽتائي سبب روزگار فراهم ڪرڻ جي شرح ۾ 1 ڏهائي 2 سيڪڙو تائين گهٽتائي جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٻوڏ سبب تقريبن 180 ارب رپين جا ترقياتي منصوبا مڪمل نه ٿي سگهندا ۽ منصوبا متاثر ٿيڻ سان 6 لک ماڻهن کي روزگار فراهم نه ڪري سگهبو. ان حوالي سان ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل آءِ ايم ايف اختيارين سان رابطو ڪيو آهي. جڏهن ته ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن جي رپورٽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ ٻين مالياتي ادارن کي به موڪلي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ، عالمي بئنڪ ۽ ٻين مالياتي ادارن کان مالياتي امداد جي اپيل جو فيصلو به ڪيو ويو آهي.
عام حالتن ۾ به پاڪستان گهڻو ڪري درآمد تي ڀاڙيندو رهيو آهي. جنهن ڪري معاشي طور ڪو توازن پيدا نه ٿي سگهيو آهي. هڪ ڀيرو وري مختلف شيون پرڏيهه مان گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جنهن ۾يوريا ڀاڻ به شامل آهي. ان حوالي سان اي سي سي ٻوڏ متاثرن لاءِ 3 ارب رپين جي فنڊز جي منظوري ڏئي ڇڏي. ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل جي صدارت هيٺ اي سي سي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اي سي سي ٻوڏ متاثرن لاءِ 3 ارب رپين جي فنڊز جي منظوري ڏئي ڇڏي. ناڻي واري وزارت چيو ته رقم اين ڊي ايم اي جي ذريعي ريسڪيو، رليف ۽ بحالي تي خرچ ڪئي ويندي. ٻوڏ متاثرن کي خوراڪ جي فراهمي لاءِ 54 ڪروڙ رپين جي منظوري ڏني وئي. يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن ذريعي متاثر علائقن ۾ ضروري شيون فراهم ڪيون وينديون. افغانستان ۾ ٽن اسپتالن جي سار سنڀال لاءِ هڪ ارب رپين کان وڌيڪ فنڊ منظور ڪيا ويا. هي فنڊ طبي سامان فراهم ڪرڻ، پگهارون ۽ مرمت تي خرچ ڪيا ويندا. اي سي سي 3 لک ميٽرڪ ٽن يوريا ٻاهران گهرائڻ جو عمل شروع ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ميڊيا رپورٽ موجب يوريا ٽريڊنگ ڪارپوريشن ذريعي حڪومتي سطح تي ٻاهران گهرائي ويندي. اي سي سي مختلف ادارن کي ڪڻڪ جي فراهمي جي منظوري ڏئي ڇڏي. اي سي سي 50 سيڪڙو مقامي ۽ 50 سيڪڙو درآمدي ڪڻڪ جي فراهمي جي هدايت ڪئي. يوٽيلٽي اسٽورن کي 75 سيڪڙو مقامي ۽ 25 سيڪڙو امپورٽيڊ ڪڻڪ ڏني ويندي. ڪڻڪ پاسڪو ذريعي فراهم ڪئي ويندي.
رڳو هنن خبرن جو جائزو وٺجي ته خبر پئي ٿي ته هڪ پاسي اربن جو نقصان آهي ۽ ٻئي پاسي وري به ٻاهران اسم گهرائڻ تي زور ڏنو پيو وڃي. اڄ به سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته ڪروڙين ماڻهو جيڪي ٻوڏ سبب متاثر ٿيا آهن. انهن جي بحاليءَ لاءِ حڪومت وٽ اهڙي ڪهڙي رٿابندي آهي. جنهن وسيلي دربدر ٿيل ماڻهن کي بهتر زندگي گذارڻ لائق بڻائي سگهجي. حڪومت پنهنجي بيوسيءَ جو اظهار ڪري ٿي پر عوام ان جواز کي قبولڻ لاءِ تيار ناهي. ڇاڪاڻ ته ان سان عوام هن وقت ٻوڏ سبب جن مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي. انهن کي حل نٿو ڪري سگهجي.
حڪومت کي اهو چوڻ گهرجي ته اها هر حال عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ جيستائين هڪ شهر به پاڻي هيٺ آهي، تيستائين حڪومت اهو ئي سمجهندي رهي ته سڄي سنڌ ٻڏل آهي. حڪومت جي بي حسيءَ جو ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ان پنهنجي مرضيءَ سان پاڻي ڪڍڻ لاءِ ڪٽ ڏنا، جڏهن ته ڪن شهرن ۾ شهرين پنهنجي مدد پاڻ تحت پنهنجن شهرن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي. جوهي واسي ان جو اهم مثال آهن. جن همت ڪري پنهنجي شهر کي بچائي ورتو. رنگ بند تي انهن ڏينهن رات هڪ ڪري پاڻيءَ کي روڪي رکيو. جيڪڏهن اهو ڪم سنڌ حڪومت جي حوالي ڪيو وڃي ها ته اها پاڻي ڪڍڻ لاءِ جوهي کي به ٻوڙائي ڇڏي ها.
هڪ پاسي اهو ڊپ ڏنو پيو وڃي ته تباهي بنهه گهڻي ٿي آهي. پر اهو ڊپ ڪوڙ تي ٻڌل آهي. ٻئي پاسي اهو به سچ آهي، جيتري امداد اچي رهي آهي. جيڪڏهن ان جو بهتر استعمال ڪيو وڃي ته ڪو شڪ ناهي ته ٻوڏ سبب دربدر ٿيل ماڻهن جي بحالي سٺي نموني ٿي سگهي ٿي.
ان هوندي به سوال اهو آهي ته ڇا پاڪستان ڪڏهن به پاڻڀرو نٿو ٿي سگهي. اهو ان قابل نٿو ٿي سگهي ته هو آفتن هوندي به ٻاهرين امداد تي ڀاڙڻ بدران پنهنجي سر عوام لاءِ ڪجهه ڪري سگهي. ڇاڪاڻ ته جڏهن امداد اچڻ کان پوءِ به اها عوام تائين بهتر نموني نٿي پهچي ته ان جو ڪو فائدو ناهي. ماڻهن کي ٻوڙي امداد تي هيرائڻ کان بهتر آهي ته ملڪ ۾ آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪجهه ڪيو وڃي. ان ڪري انفرا اسٽرڪچر بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي.
پاڻيءَ جا وهڪرا هٿن سان بند ڪرائي. ماڻهن کي ٻوڙائي جيڪڏهن ملڪ ٻڏي رهيو آهي ته اهو آفت جو ڏوهه ناهي پر اها انساني ڪوتاهي آهي. پراڻ ۾ پاڻيءَ کي روڪڻ ۽ پوءِ دليل ڏيڻ ته مٿيان ته ٻڏي ويا آهن. هاڻ هيٺين کي ڇو ٿا ٻوڙيو. بنهه عقل کان عاري دليل آهي. جيستائين پاڻيءَ کي رستو نه ڏنو ويندو، تيستائين اهو پاڻي سنڌ جا ٻيا ڪيترائي شهر ٻوڙيندو رهندو.
ان ڪري امداد تي ڀاڙڻ ۽ رڙيون ڪرڻ سان ٻوڏ متاثرن جي سهائتا ڪانه ٿي سگهندي پر امداد جي رسائي انهن ماڻهن تائين ٿيڻ گهرجي، جيڪي واقعي به هاڻوڪي ٻوڏ سبب سخت متاثر ٿيا آهن.