هن ملڪ جي عدالتن وٽ، جڏهن به هاءِ پروفائل ڪيس آيا آهن، ته عام ماڻهوءَ جون همدرديون هميشه جوابدار سان نظر آيون آهن، پر عمران خان، جنهن خلاف توهين عدالت يا جج کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران بلڪل ان جي ابتڙ ڏسڻ ۾ آيو. جنهن ويل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، عمران خان جي معافي نامي کي پڙهيو يا ان تي تبصرو ڪرڻ شروع ڪيو ته خبر پئي ته عدالت کي جنهن معافي نامي جي اميد هئي، اهو ته فائل ئي نه ڪيو ويو. عدالت چاهيو پئي ته عمران خان غير مشروط معافي وٺي،پر لڳي ائين ٿو، ته هن جي هماليا جيتري انا، کيس ائين ڪرڻ نه ڏنو،ممڪن آهي ته جنهن وقت عدالت فرد جرم لاڳو ڪندي، اوستائين عمران خان، ان سطح تي اچي ويندو ۽ هو غير مشروط معافي لاءِ به تيار ٿي ويندو. جنهن وقت عدالت هي چيو ته توهين عدالت جا ٽي قسم آهن، انهن ۾ هڪڙي ڪرمنل توهين آهي، عمران خان اها ئي ڪئي، هي سنگين معاملو آهي ۽ ان کي عمران خان هينئر تائين محسوس نه ڪري رهيو آهي، ايستائين جو جسٽس بابر ستار چيو ته عمران خان جي انداز مان ائين لڳي ئي نٿو ته هن ڪيترو سنگين ڏوهه ڪيو آهي. ان تي عمران خان نهڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيندو رهيو. عدالت جي مدد ڪندڙ وڪيلن، توڙي عمران خان جي وڪيل کيس ريسڪيو ڪرڻ جون گهڻيون ئي ڪوششون ڪيون پر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پوئتي نه هٽي. رهيل ڪسر عمران خان جي وڪيل حامد خان پوري ڪئي ۽ چيو ته عمران خان جو ڪيس ماضي جي طلال چوڌري،دانيال عزيز، نهال هاشمي، فردوس عاشق اعواڻ ۽ ٻين جهڙو ناهي. ان تي عدالت وڌيڪ ڪاوڙ ظاهر ڪندي رهي. حامد خان چيو ته سپريم ڪورٽ جيڪي توهين عدالت جا فيصلا ڏنا، انهن کان هٽي ڪري معاملي کي ڏسڻ گهرجي. پر چيف جسٽس اطهر من الله جو زور ئي ان ڳالهه تي هو ته ملڪ جي اعليٰ عدالت سپريم ڪورٽ، جيڪي فتوائون ڏنيون، هو انهن جي روشني ۾ فيصلو ڪرڻ گهري ٿو. ان جو سڌو مطلب هي هو ته عمران خان، ماضي ۾ جن توهين عدالت ڪئي ۽ معافي به گهري، انهن جيان سزا کان بچي نه سگهندو. هڪ جج ايترو به چيو ته عدالت ڪنهن شخص جي مقبوليت کي ڏسي ڪري فيصلا نه ڏيندي آهي، پر آئين مطابق معاملا طئي ڪندي آهي. ڇا ان جو مطلب ته هي سمجهيو وڃي ته جيڪڏهن ڪو غريب ڏوهه ڪري ته اهو سزا جو حقدار آهي، پر وڏا ماڻهو ڏوهه ڪرڻ جي باوجود بچي وڃن!
عمران خان جي خلاف توهين عدالت ۾ فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ تاريخ مقرر ڪرڻ ۽ عدالتي ڪارروائي کي جاري رکڻ مان هڪڙي ڳالهه ته واضح ٿي وئي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تاريخي فيصلو ڏيڻ گهري ٿي.عدالت، تاريخ جي رخ کي موڙڻ چاهي ٿي ۽ ثابت ڪرڻ گهري ٿي، ته انصاف جو تعلق امير يا غريب سان ناهي، نه ئي وري هي ڳالهه درست آهي ته عمران خان معافي نامي ۾ چيو ته جيڪڏهن عورت جج جا جذبا مجروح ٿيا آهن، ته ان کان معافي گهري ٿو، بقول جج جي ته عدالت جا ڪي به جذبا نه ٿيندا آهن، اها جذبن کان وانجهيل هوندي آهي، ٻين لفظن ۾ اها صرف قانون کي ڏسندي آهي.
ملڪي تاريخ ۾ جيڪڏهن ملڪ جي ڪنهن اعليٰ عدالت، ڪو غلط precedent set ڪيو آهي ته اهو ذوالفقار علي ڀٽو جو عدالتي قتل هو، جنهن هڪ فوجي آمر لاءِ رستو صاف ڪيو ۽ عدليا ان کي ڪلهو ڏنو، ان کانپوءِ افتخار چوڌري ٻيو غلط مثال قائم ڪيو، جنهن وقت هن آئين کي پاسيرو رکندي يوسف رضا گيلاني کي وزير اعظم جي ڪرسي کان نه صرف محروم ڪيو، پر نااهل به قرار ڏنو، جنهن بعد يوسف رضا گيلاني جيڪو سفر طئي ڪيو، اهو به گهٽ اذيتناڪ نه هو. هن جي پٽ کي سلمان تاثير جي پٽ جيان ڪيئن اغوا ڪري غائب ڪيو ويو، هي سڀ تاريخ جو حصو آهي. هاڻ هي ساڳيو يوسف رضا گيلاني هو، جنهن شاهه محمود قريشي کي تاريخ جي ڪٽهڙي ۾ ڏوهاري طور بيهاري ڇڏيو، ان سان گڏ هن واڳ ڌڻين سان ملي ڪري عمران خان جي صف ۾ بيٺل حفيظ شيخ کي سينيٽ جي چونڊ ۾ مات ڏئي ڪري حساب چڪتو ڪري ڇڏيو. ان سان گڏ عمران خان پاران اڪثريت جي دعوائن جي باوجود کي زوال طرف ڌڪي ڇڏيو. هي ساڳي اسٽيبلشمنٽ هئي، جنهن هڪ ٻئي سنڌي مظفر حسين شاهه جون خدمتون حاصل ڪيون ۽ سينيٽ جي چونڊ دوران يوسف رضا گيلاني کي چيئرمين ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ هي ثابت ڪيو ته سينيٽ جو موجوده چيئرمين صادق سنجراڻي، جنهن جو واسطو بلوچستان سان آهي،اهو وڌيڪ ڪمائتو آهي ۽ هن کي ٻيو ڀيرو مات کان بچايو ويو، پهريان ان وقت جي مخالف ڌر، جنهن جي سينيٽ ۾ اڪثريت هوندي، سنجراڻي کي هارائڻ ۾ ناڪام وئي ۽ ٻيو ڀيرو، ان کي هڪ ڀيرو ٻيهر سينيٽ جو چيئرمين چونڊرائڻ ۾ پنهنجون Good offices استعمال ڪيون!
عمران خان، جيڪو هينئر به چئي ٿو ته ڊرائينگ روم ۾ ويهي چئن ماڻهن، سندس سياسي obituary لکي، اهي چار ماڻهو ڪير هئا، انهن جا نالا به کڻي نٿو سگهي، جيڪڏهن هو انهن جا نالا کڻندو ته سندس زبان ٻاهر اچي وڃي ٿي، هو بس ڪجهه ٽرمز استعمال ڪري ابلاغ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. مسٽر ايڪس اينڊ واءِ، هي ان جي نئين اصطلاح آهي، هاڻ هو نيوٽرلز کان پاسو ڪري ٿو، هن جي تازي نئين آرمي چيف جي حوالي سان بيان به، سندس سياسي عمر کي گهٽائي ڇڏيو آهي. هي ڪنهن مذهبي پيشوا جيان سرٽيفڪيٽ ورهائي رهيو آهي، جنهن جي سياسي لغت ۾ ڪابه جاءِ ناهي. هينئر تائين هن جيڪو ڪجهه چيو آهي،اهو بيڪ فائر ثابت ٿيو آهي. هن کي هي به نه سمجهايو ويو ته ريڊ لائينز ڪهڙيون آهن، هن سمجهيو پئي، جيڪو هن جي زبان تي ايندو چوندو رهندو، عمران خان کي شايد هي خبر ناهي، پاڪستان، آمريڪا ناهي، جتي پهرين ترميم تحت شهرين کي بغاوت جو حق به حاصل آهي! عمران خان جنهن انقلاب جي ڳالهه ڪري ٿو، اهو طالباني لڳي ٿو، هن جي انقلاب جو ڪوبه سياسي ۽ معاشي نظام ناهي، هو مائوزي تنگ وانگيان ثقافتي انقلاب جي نالي ۾ ايستائين تاريخي شين کي تباهه ڪري نٿو سگهجي، نئين لانگ مارچ جي ذريعي لکين ماڻهو بک ۽ اڃ ۾ مارائي سگهي ٿو. هو وري وري چين جي ترقي ۽ خوشحاليءَ سان گڏ ڪڏهن سعودي جهڙي نظام جي ڳالهه ڪري ٿو، ته ڪڏهن وري چين جهڙي سخت گير نظام کي Idealize ڪري ٿو، پر هي سموريون تبديليون هن جي قد ڪاٺ کان پرڀريون آهن.
هي ته سڀني ٻڌو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس اطهر من الله،جيڪو ماتحت عدليا کي ريڊ لائين قرار ڏئي رهيو هو ۽ هي به پڇي رهيو هو ته ڇا عمران خان هڪ عورت جج لاءِ جيڪا ڌمڪي واري زبان استعمال ڪئي، اهڙي هو ڪنهن هاءِ ڪورٽ يا سپريم ڪورٽ جي جج لاءِ استعمال ڪري ها؟ جيڪڏهن ڪنهن جج کي ڌمڪي ڏني وڃي ته ان کي بقول هڪ جج جي ته اها هراسان ڪرڻ جي ڪوشش آهي. عمران خان جنهن کي مقبول ليڊر جو لقب هڪ طرف ڏنو ويو ته ٻئي پاسي هن جا تختا ڪڍيا ويا. اهڙي صورتحال ۾ عمران خان کي سوچڻ گهرجي ها ته هو ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي.
هينئر جڏهن سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ ٻوڏ ۽ برسات جون تباهيون، بحث جا موضوع آهن، اهڙي صورتحال ۾ هڪ طرف عمران خان جلسن ۾ انقلاب جون ڳالهيون ڪري ٿو ته ٻئي پاسي وري اسٽيبلشمنٽ هڪ ڀيرو ٻيهر پنجاب ۾ تبديلي جا پر سوئي رهي آهي. واڳ ڌڻين کي پرويز الاهي مان جيڪي اميدون هيون، اهي پوريون نه ٿي رهيون آهن، ان سان گڏ اليڪشن ڪميشن پاران ننڍين چونڊن واري معاملي کي پاسيرو ڪرڻ کانپوءِ هاڻ چيو پيو وڃي ته پنجاب ۾ تبديلي جون تياريون مڪمل ٿي ويون آهن. واڳ ڌڻين جي پنجاب ۾ تبديلي تي تنقيد به ٿي رهي آهي، پر هي اشارا به ملي رهيا آهن ته جيستائين پنجاب عمران خان کان نه کسيو ويندو، ان کي بي هٿيار ڪري نه سگهبو، عمران خان، ملڪ جي گادي واري شهر جو گهيرو ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، ان جو کيس پنجاب هٿان وڃائڻ جو جواب ڏنو پيو وڃي. چوڌري شجاعت حسين هينئر تائين خاموش آهي، هينئر پرويز الاهي کان وٺي ق ليگ جي جن ميمبرن عمران خان جي حمايت ڪئي، اهي سمورا نااهل ٿي سگهن ٿا. عمران خان سياست جي ورن وڪڙن کان ايترو واقف ناهي، جيترو، ان جا مخالف ۽ اسٽيبلشمنٽ آهن، اهي انگورن مان مختلف قسم جو شراب ٺاهڻ جا ماهر آهن، هينئر به معاملو ان طرف وڃي رهيو آهي. عمران خان جيترو حڪومت يا واڳ ڌڻين تي دٻاءُ وجهندو، ان جا مخالف ايتري، سندس پيرن هيٺيان زمين ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندا. هي سمجهڻ گهرجي ته عمران خان جي عوامي طاقت اهڙي ناهي، جيڪا، ڪنهن تبديلي جو رستو ڪڍي سگهي. هي ممي ڊيڊي ٻار آهن، جن جي والدين جا تمام گهڻا ڪاروباري مفاد آهن ۽ انهن جي ڪاروبار خراب ٿيڻ جي صورت ۾ حمايتي آهستي آهستي صفن مان نڪري سگهن ٿا. بهتر ائين ٿيندو ته عمران خان، واڳ ڌڻي ۽ موجوده حڪمران گڏجي ملڪ جي استحڪام لاءِ ڪم ڪن ۽ نين چونڊن لاءِ ڪنهن فارمولي تي اتفاق ڪن، ان لاءِ ضروري ناهي ته چونڊون عمران خان جي خواهش مطابق ٿين.