سنڌ ۾ ٻوڏ واري صورتحال سبب اڪثر وبائي مرض پکڙجي ويا آهن. جنهن جي ڪري دوائن جو بحران پيدا ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي. مختلف علائقن ۾ پيناڊول ۽ فليجل ڪونه پيون ملن. جڏهن ته سنڌ جي گادي جي هنڌ ڪراچي ۾ ٻوڏ متاثرن جي منتقلي جو سلسلو جاري آهي، جنهن سبب مختلف وبائي مرضن جو خدشو وڌي ويو آهي. شهر ۾ دوائن جي گهرج وڌي وئي آهي. ذريعن موجب ڪجهه ملٽي نيشنل ڪمپنين پاران دوائن جي قيمتن ۾ 40 سيڪڙو واڌ جو مطالبو پڻ ڪيو ويو آهي ۽ انهن ڪمپنين جي دوائن جو اسٽاڪ رڳو پرچون فروشن کي وڪرو ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته انهن ڪمپنين جون دوائون هولسيل مارڪيٽ ۾ پيون ڏنيون وڃن. اڪثر دڪاندار دوائن جي کوٽ جو ذميوار ڊالر جي بلندي کي به قرار ڏئي رهيا آهن ۽ چون ٿا ته ڊالر جي قيمت ۾ واڌ سان خام مال جي خريداري ۽ وڪري تي منفي اثر پئجي رهيا آهن. شهر ۾ جتي هڪ طرف سرڪاري توڙي خانگي اسپتالن ۾ مريض بخار، ٿڌ، پيٽ ۾ سور، پيٽ ۽ هڏن جي درد جي شڪايتن سان گڏ اچي رهيا آهن ته ٻئي طرف بخار، ٿڌ، پيٽ جي سور ۽ پيٽ جي سور لاءِ شربت ۽ ٽيبليٽ به نه ملي رهيا آهن. ڊاڪٽرن پاران دوائون ڏنيون وينديون آهن پر مريضن کي جيڪي تجويز ڪيون وينديون آهن اهي نه ته اسپتالن ۾ دستياب آهن ۽ نه ئي اهي دوائون ڪنهن ميڊيڪل اسٽور تي موجود آهن، شهر جي هولسيل مارڪيٽ ۾ پڻ ايرينيڪ، اينٽاميزول، ٽئڪسيليڪس، سوموجل، ايپيوال ۽ ٽئگرال جو بحران آهي. ذريعن موجب ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جي عباسي شهيد اسپتال سميت سنڌ جي صحت کاتي جي ماتحت جناح اسپتال، سول اسپتال ۽ ٻارن جي صحت جي عالمي اداري ۾ مٿين دوائن جي بحران سبب شهرين جي مشڪلاتن ۾ اضافو ٿي ويو آهي. ۽ ميڊيڪل اسٽورن تي به اهي دوائون ناياب ٿي ويون آهن. ان جي بليڪ مارڪيٽنگ ۾ اڪثر تنظيمون به ملوث آهن ۽ مختلف دوا ساز ڪمپنيون اهي دوائون صرف ڪجهه گراهڪن کي وڪرو ڪري رهيون آهن ۽ اهي دوائون مهانگي اگهه تي وڪرو ٿي رهيون آهن، بروفن جي 25 پتن جو هڪ دٻو 680 رپيا وڪرو ڪيو پيو وڃي. 20 پتي وارو پيناڊول باڪس جيڪو 340 روپين ۾ وڪرو ٿيندو هو، هاڻي 700 روپيا، 10 پتي وارو ايرينيڪ باڪس 850 روپين ۾، اينٽاميزول جو هڪ پيڪٽ 110 روپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ايپيوال جا 10 پتا 1140 روپين ۾ وڪرو ٿي رهيا آهن.
اهڙيون حالتون صرف هتي ئي پيدا ٿي سگهن ٿيون. ڇاڪاڻ ته هتي هڪ منظم انداز ۾ غريبن ۽ قدرتي آفت جي سٽيل ماڻهن کي لٽيو ۽ ڦريو ويندو آهي. غالب امڪان ان ڳالهه جا ئي آهن ته دوائن جو هٿرادو بحران پيدا ڪري ان مان به منافعو ڪمايو پيو وڃي. سوال اهو آهي ته نيٺ حڪومت ڀلا ڪهڙي مرض جي دوا آهي؟ جيڪڏهن ههڙين حالتن ۾ به هو متاثرن جي واهر نه ڪندي ته پو ڪڏهن ڪندي؟ جيڪڏهن دوائن جو بحران وڏي پئماني تي پيدا ٿئي ٿو ته پو ان سان رڳو ٻوڏ متاثر مريض ئي متاثر نه ٿيندا پر عام مريض کي به ڏکيايون درپيش اينديون، پر اهڙي صورتحال جي خاتمي لا هن مهل تائين حڪومتي سطح تي ڪا به چرپر نظر نه پئي اچي. عوام کي مڪمل طور عوام دشمن قوتن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي. اسان سمجهون ٿا ته وقت جي حاڪمن جي اها ذميواري آهي ته هو اهڙي صورتحال جي روڪٿام لا پنهنجو ڪردار ادا ڪن. پر سندن اهڙو ڪو به ڪردار نظر نه پيو اچي. جن حڪمرانن جي غفلت جي ڪري اڄ سڄي سنڌ ٻڏل آهي، اهي آخر عوام جي ڀلائي ۾ قدم کڻدا به ته ڪيئن کڻندا؟ جڏهن هيل معمول کان وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي پئي وئي ته حڪمرانن ان کي منهن ڏيڻ جي اڳواٽ تياري ڇو نه ڪئي؟ جيڪڏهن اڳواٽ جوڳا اپا ورتا وڃن ها ته اڄ شايد اهڙي صورتحال پيدا نه ٿئي ها جو لکين ماڻهو پنهنجا گهر ڇڏڻ تي مجبور ٿين ها نڪي ان سطح جي ٻوڏ اچي ها، ۽ نه ئي ان سطح جون وبائون بيماريون ڪر کڻن ها جو منافعي خورن کي مال ڪمائڻ جو وجهه ملي وڃي ها. صاف ظاهر آهي ته حڪمرانن ڪجهه نه ڪيو. ڀلا جيڪڏهن حڪمرانن اڳواٽ ڪي قدم نه کنيا، لکين ماڻهو ٻڏا، انهن جا اجها ٻڏا، انهن جو مال متاع ٻڏو، انهن جا فصل ٻڏا، پر جيڪڏهن هاڻي هو دربدر آهن، ۽ وبائي بيماريون ڦهلجن پيون ته گهٽ ۾ گهٽ حڪمرانن کي انهن کي سستي سگهه تي دوائون ته فراهم ڪرڻ گهرجن.