ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عالمي امداد جو آسرو

Editorial-Article-Umer Qazi

گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاران پاڪستان اچڻ هڪ اميد جو اچڻ آهي. ڇو ته پاڪستان ۾ هن وقت جيتري تباهي ٿي آهي، ان جو اندازو هن مهل تائين مڪمل طور تي معلوم به نه ٿي سگهيو آهي. گڏيل قومن جي سربراهه کي جيڪا بريفنگ ڏني وئي آهي، ان ۾ به هن کي اهو ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ صوبو سنڌ آهي. هونءَ به هن مهل سموري دنيا ۾ جيڪو ڪجهه عالمي ميڊيا تي پيش ٿي رهيو آهي، ان جو فوڪس سنڌ ۾ آيل تباهيءَ تي آهي. پر ان سلسلي ۾ سوال اهو آهي ته ڇا سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي سرڪار عالمي برادريءَ کان ايتري امداد حاصل ڪري سگهندي جو اها ماڻهن جي نقصانن جو ڪنهن حد تائين ازالو بڻجي سگهي؟ ان حوالي سان اها به اهم ڳالهه آهي ته ڇا پيپلز پارٽيءَ کي ملندڙ امداد پوري ايمانداريءَ سان متاثر ماڻهن جي مٿان ئي خرچ ٿيندي؟ جڏهن هن صورتحال ۾ تنبو لڪايا وڃن ۽ لڪائي پنهنجن ماڻهن کي ڏنا وڃن. جڏهن راشن جا ڪٽا انهن من پسندن حوالي ڪيا وڃن، جيڪي مبينا طور تي انهن کي وري دوڪانن تي وڪڻن ٿا ته پوءِ عالمي امداد جو موثر ۽ منصفاڻو استعمال تمام گهڻو تڪراري بڻجي وڃي ٿو. اسان هن حالت ۾ تصور به نه ٿا ڪري سگهون ته اڄ جڏهن زخم تازا آهن، تڏهن حڪومت جو ڪو ڪردار ناهي ته اڳتي هلي اهو ڪهڙا ڪارناما سرانجام ڏيندو؟
پاڪستان جو نالو عالمي برداريءَ ۾ تمام گهڻو متاثر ٿيل آهي. اسان جي ملڪ جو اميج جهڙي طرح پيش ٿيو آهي، ان ۾ اسان جي عوام جو ڪو قصور ناهي. اصل قصور انهن ظاهر ۽ لڪل حڪمرانن جو آهي، جن پاڪستان جي نالي ۾ پنهنجا ڀڀ ڀريا آهن. جن پاڪستان جي مٿان من مانيءَ ۽ مفاد پرستيءَ واري حڪومت ڪري اسان جي ملڪ کي ايترو ته ڦريو ۽ لٽيو آهي جو ان ملڪ جي لاءِ عالمي برادريءَ وٽ احساس جي به گهٽتائي اچي وئي آهي. جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته هن مهل پوري دنيا جو ڌيان اسان جي ملڪ جي طرف ٿي وڃي ها ۽ پاڪستان جي مدد ڪرڻ لاءِ عالمي برادري نوان مثال قائم ڪري ها. پر جنهن ملڪ کي قرض ڏيڻ ۾ به تمام گهڻي مشڪل جو مظاهرو ٿئي، ان ملڪ کي امداد ڏيڻ ڪيترو نه ڏکيو ڪم هوندو؟
انتونيو گوتريس شخصي طور تي تمام گهڻو معتبر ۽ انسان دوست ماڻهو آهي. هو پاڪستان جي حالت ڏسي ويو آهي ۽ هن جيڪو ڪجهه به چيو آهي، اهو پاڪستان جي حوالي سان هن جي دلي جذبات جو عڪس آهي. ان جي مٿان ته اسان کي ڪنهن به طرح جو شڪ نه ٿيڻ گهرجي. پر اسان کي اهو به معلوم هجڻ گهرجي ته انتونيو گوتريس گڏيل قومن جو سيڪريٽري آهي. هو دنيا جو حڪمران ناهي. هن جي چوڻ تي دنيا جا ملڪ ڪجهه به ڪري وڃن ته اهو تصور به نه ٿو ڪري سگهجي. هن ڀيري ته دنيا کي موقعو مليو آهي. هن ڀيري پاڪستان جي مٿان ملامتن جو بار وجهڻ ۽ پاڪستان کي پريشان ڪرڻ جو موقعو مليو آهي، انهن ملڪن کي جيڪي پاڪستان جي سلسلي ۾ ارها ۽ ناخوش رهيا آهن. جن ملڪن کي پاڪستان کان شڪايتون رهيون آهن، انهن کي هاڻي موقعو مليو آهي ته هو پاڪستان کي ستائين ۽ تنگ ڪن. اها ڪيتري نه افسوسناڪ صورتحال آهي ته اسان جي حڪمرانن جي عملن جي سزا اسان جي ماڻهن کي ملي رهي آهي. اسان جا اهي ماڻهو جن سان پاڻ ظلم ٿيو آهي. انهن سان ظلم ڪرڻ وارا هٿ ٻيو ڪنهن جا نه پر انهن حڪمرانن جا آهن، جن جي مٿان ڪرپشن جا داغ لڳل آهي. انهن جي ڪردار سبب اڄ دنيا ۾ اسان جي ملڪ جي لاءِ جيڪا همدردي ۽ جيڪو پيار هجڻ گهرجي، اسان کي ان جي تلاش ڪرڻي ٿي پوي.
اسان جي ملڪ جي حڪمرانن جو عالمي اميج ڪهڙو آهي؟ اهو ته اسان کي پنهنجي وزير اعظم جي ان تقرير مان سمجهڻ گهرجي، جيڪا هن انتونيو گوتريس جي موجودگيءَ ۾ بلڪه ان کي مخاطب ٿيندي ڪئي آهي. جنهن ۾ هن چيو آهي ته پاڪستان کي ملندڙ امداد جي پائي پائي ايمانداريءَ ۽ شفافيت سان استعمال ڪئي ويندي. هن جي ان بيان تي موجود وزيرن ۽ مشيرن تاڙيون وڄايون. جڏهن ته اها فخر جي نه پر شرم جي گهڙي هئي. ڇا هڪ ملڪ جي حڪمران کي اهو زيب ڏئي ٿو ته هو عالمي فورم جي سربراهه کي پنهنجي ايمانداريءَ جو يقين ڏياري؟ اهڙو يقين اهي ڏياريندا آهن، جن کي دل ۾ تمام گهڻو احساس هوندو آهي ته دنيا انهن کي ايماندار نه ٿي سمجهي. جنهن ملڪ جي حڪمرانن کي ملندڙ تحفا ڪرپشن جي حوالي سان خبرن جا موضوع بڻجن، ان ملڪ جي لاءِ عالمي برادريءَ ۾ ڪيتري عزت هوندي؟
هن وقت پاڪستان جا متاثر ماڻهو ۽ خاص طور تي سنڌ جا ماڻهو اهو سمجهن ته انهن کي ايتري امداد ملندي، جيتري انهن جي حڪمرانن جي دنيا ۾ ساک هوندي. اسان کي ان سلسلي ۾ سمجهڻ گهرجي ته هن مهل جيڪو افغانستان جو حشر آهي، جهڙي ريت افغانستان جي طالبان حڪمرانن کي عالمي امداد ملڻ ۾ تمام گهڻي تڪليف اچي رهي آهي، ساڳي طرح سان اسان جي حڪمرانن لاءِ به عالمي برادريءَ وٽ ڪنهن به قسم جو همدرديءَ ڀريو احساس ناهي. پر ان جي قيمت ته وري به اسان کي ٻوڏ متاثر عوام کي ادا ڪرڻي پوندي؟ حڪمرانن جو ڇاهي؟ انهن وٽ اڄ به ايتري دولت آهي جو اهي حڪومت ۾ نه هوندي به حڪمرانن جهڙي ٺٺ سان زندگي گذاري سگهن ٿا. پر اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان جي حڪمرانن کي ان سلسلي ۾ اها به پٽ پيل آهي ته هو پنهنجي گهر جي چانهن پيئڻ به پسند نه ڪندا آهن. انهن کي چانهن جو ڪوپ به سرڪاري مال مان گهربل هوندو آهي. ان ڪري هو آخر تائين ڪرسيءَ سان چنبڙيل هوندا آهن ۽ انهن جي نظر ۾ انهن جي زندگيءَ جو واحد سهارو اها ڪرسي هوندي آهي، جنهن جي لاءِ هو پنهنجي عزت ۽ پنهنجو شخصي وقار ته اڳ ۾ ئي وڃائي چڪا آهن ۽ هاڻي اهڙي حالت ۾ آهن جو انهن مٿان ڪو رحم کائڻ لاءِ به تيار ناهي. ڇا ڪنهن ملڪ جي حڪمرانن جو اهڙو حال ان ملڪ جي لاءِ ڪنهن به طرح سان ڪنهن به قسم جي فائدي جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿو؟ اسان کي ان سلسلي ۾ اهو به سوچڻ گهرجي ته جيڪو ڪجهه پاڪستان سان ٻوڏ جي حوالي سان ٿيو آهي اهو به حمڪرانن جي نااهليءَ جو نتيجو آهي ۽ هاڻي جيڪڏهن عالمي امداد ملڻ ۾ مشڪل پيش اچي رهي آهي ته ان جو سبب به اسان جا حڪمران آهن. ڇو ته انهن جي ڪردار سبب ۽ انهن جي ساک پت سبب عالمي برادري اسان جي ملڪ جي متاثر ماڻهن جي مدد ڪرڻ جي سلسلي ۾ کليل دل جو مظاهرو نه ٿي ڪري.
عالمي برادريءَ کي معلوم آهي ته پاڪستان جا ماڻهو هر ملڪ جي ماڻهن جيان تمام گهڻا مظلوم ۽ معصوم آهن. ان کي ڄاڻ آهي ته انهن سان جيڪو ڪجهه به ٿيو آهي اهو پاڪستان جي نالي ۾ انهن حڪمرانن جي ڪارنامن جو نتيجو آهي. ان ۾ پاڪستان جي عام ماڻهن يعني پاڪستان جي عوام جو ڪو ڪردار ناهي. انهن کي بلڪل خبر آهي. پر انهن کي اها به خبر آهي ته انهن جي طرفان ملندڙ امداد وري به انهن حڪمرانن جي هٿن ۾ هوندي. ان ڪري انهن کي خوف آهي ته ائين نه ٿئي جو انهن جي امداد مستحق ماڻهن کي ملڻ بدران وري به انهن جي حوالي ٿي وڃي، جن اڳواٽ پاڪستان جي نالي ۾ پنهنجا گهر ۽ پنهنجا ڀڀ ڀريا آهن. هن وقت اسان جي ملڪ جي عالمي مدد جي راهه ۾ اسان جي حڪمرانن جو اميج سڀ کان وڏي رڪاوٽ بڻيل آهي ۽ اسان جا حڪمران ڪنهن به طرح سان پراميد ناهن ته انهن جا پرڪار پاڪستان جي لاءِ هن مشڪل گهڙيءَ ۾ مدد جو ڪارڻ بڻجي سگهندا. جيڪڏهن پاڪستان جا حڪمران ساک وارا هجن ها ته اڄ پاڪستان جي حالت اهڙي نه هجي ها. هڪ ته پاڪستان ۾ جيڪو ڪجهه به ٻوڏ جي صورت ۾ ٿيو آهي، اهو نه ٿئي ها ۽ جيڪڏهن تمام گهڻو ڪجهه ٿي به وڃي ها، تڏهن به پاڪستان جي لاءِ عالمي برادري ور وجهي ايئن بيهي ها، جيئن عالمي برادريءَ جو فرض هجڻ گهرجي. پاڪستان جي لاءِ هن وقت مشڪل گهڙي آهي. هڪ ته پاڪستان جو پنهنجو خزانو خالي آهي ۽ ٻيو ته حڪمرانن جو اميج اهڙو ناهي جو انهن جي مدد ٿي سگهي. اهڙي ماحول ۾ پاڪستان جيڪڏهن عالمي امداد جو آسرو ڪري ته ڪيئن ڪري؟
ان سوال ۾ هن مهل پاڪستان ۽ خاص طور تي سنڌ جي ماڻهن جو مستقبل داءَ تي لڳل آهي. ان مونجهاري مان نڪرڻ جي ڪهڙي واٽ آهي؟ ڇا ان تمام گهڻي مشڪل سوال جو جواب اسان جي حڪمرانن وٽ آهي؟ جيڪڏهن ناهي ته پوءِ نيٺ هن مسئلي جو حل ڪهڙو نڪرندو؟ ڇو ته لکين ماڻهو بي گهر آهن. انهن کي ٻيهر آباد ڪرڻ آسان ڪم ڪونهي. جنهن ملڪ ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ گهوٻيون لڳنديون هجن ۽ جنهن ملڪ ۾ مسڪينن جو مال کائڻ جو رجحان عام جام هجي. جنهن ملڪ جا ماڻهو تمام گهڻا غريب ۽ حڪمران تمام گهڻا امير هجن، ان ملڪ جي مدد ڪرڻ جي سلسلي ۾ عالمي برادريءَ وٽ به آخر سوال هوندا! انهن سوالن جا جواب پاڪستان جي انهن حڪمرانن وٽ ته هرگز ناهن، جن جي مٿان هن وقت به ڪرپشن جا ڪيس هلي رهيا آهن ۽ هو جيڪڏهن جيلن کان بچيل آهن ته انهن جو سبب به انهن جو حڪومت ۾ هجڻ آهي. جڏهن حڪمرانن جو حال اهڙو هجي ته ان ملڪ جي عوام جي مدد ڪرڻ جي لاءِ عالمي برادريءَ کي اعتراض ڪيئن نه هوندا؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button