ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

دادوءَ کي خطري ۾ وجهندڙ شرپسند

Editorial

آفتون اچڻ وقت هڪ پاسي ته اهي ماڻهو هوندا آهن، جيڪي متاثرن جا هڏ ڏوکي ٿيندا آهن، ٻئي پاسي اهي هوندا آهن، جيڪي موقعي جي ڳولا هوندا آهن ته جيئن اهي مجبور ماڻهن جي مجبوريءَ جو فائدو وٺي سگهن. نتيجي ۾ انهن جي زندگي ويتر عذاب ٿي ويندي آهي. جوهي واسين پنهنجي شهر کي بچائڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيا آهن. اهي ڪيترن ڏينهن کان رنگ بند تي ويٺل آهن ۽ پنهنجي شهر کي بچائڻ ۾ لڳا پيا آهن. جنهن جي نتيجي ۾ نه رڳو انهن پنهنجو شهر بچايو پر هڪ مثال پڻ قائم ڪيو آهي. پر تنهن هوندي ڪي اهڙا شرپسند آهن، جيڪي شهر کي ٻوڙڻ لاءِ هر ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن وقت دادو خطري هيٺ آهي ۽ ماڻهن لاءِ مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن.
خبر موجب ڀان سيد آباد ڀرسان سم نالي کي لڳل گهارو دادو تعلقي جي پير شاخ سان ٽڪرائجڻ کانپوءِ شرپسند ماڻهن پير شاخ جي موري کولي ڇڏي، جنهن سبب دادو شهر کي بچائڻ لا ڏنل رنگ بند کي 100 فوٽ گهارو پئجي ويو. اهڙي اطلاع تي پوليس پهچڻ تي شر پسندن ۽ پوليس ۾ چڪريون ٿي پيون. ڏنڊا لڳڻ سبب 3 اهلڪار ايڇ سي منير احمد ڪابورو، ايڇ سي ديدار علي ۽ پي سي عبدالحفيظ زخمي ٿي پيا. اطلاع تي ايس ايس پي دادو عرفان علي سمون پوليس جي وڏو نفري ساڻ ڪري پهتو ته شرپسند فرار ٿي ويا. خدا آباد ٿاڻي تي 6 سڃاتل ۽ 100 کان وڌيڪ اڻسڃاتل جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو. جوابدارن ۾ ملوڪ، قاسم، شاهد، الهڏنو، سيفل، فهد سولنگي ۽ 100 کان مٿي اڻسڃاتل شامل آهن. جوابدارن جو تعلق ڀان سيد آباد جي ڳوٺ لڙهه ماڇي سان ٻڌايو پيو وڃي. پوليس پاران موري کي بند ڪرڻ کانپوءِ موري ڪمزور ٿيڻ تي گهارو لڳي ويو. اطلاع تي ضلعي انتظاميا، چونڊيل نمائندا ۽ شهري وڏي انگ ۾ پهچي ويا. هيوي مشينري جي ڪوششن باوجود گهارو بند نه ٿي سگهيو، جيڪو وڌي 100 فوٽن تائين پهچي ويو ۽ پاڻي تيزي سان دادو تعلقي جي يونين ڪائونسل يار محمد ڪلهوڙو ۽ يوسي پير شاهنواز جي 50 کان وڌيڪ ڳوٺن کي گهيري هيٺ آڻي ڇڏيو، 20 کان وڌيڪ ڳوٺ ٻڏي ويا. سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل پڻ ٻڏي ويو، پاڻي جي تيز وهڪري سبب يوسي يار محمد ڪلهوڙو ۽ يوسي پير شاهنواز ۾ سوين گهر ڊهي پٽ پئجي ويا. هزارين خاندان لڏپلاڻ ڪري ويا. جڏهن ته پاڻيءَ جي تيز وهڪري سبب خدا آباد يونين ڪائونسل سميت آس پاس جي علائقن ۽ ضلعي هيڊڪوارٽر دادو شهر ۾ خوف ڇانئجي ويو آهي. دادو جي پهرين لائيف لائين پير شاخ کي گهارو لڳڻ سبب ضلعي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن دادو جي با پاس ٻرڙا شاخ وٽان ضلعي هيڊڪوارٽر دادو کي بچائڻ لاءِ رنگ بند ڏيڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، انتظاميا موجب پاڻي هن وقت ڦڪا ڀرسان پهتو آهي، جيڪو دادو شهر کان 12 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آهي، پاڻيءَ ۾ ايترو چاڙهه ناهي جو هو دادو شهر پهچي، جيڪڏهن پاڻي کي پويان ڪو پريشر اچي ٿو ته ان کانپوءِ پاڻي دادو شهر جي رنگ بند تي پهچڻ لاءِ به 2 کان 3 ڏينهن لڳي ويندا. هوڏانهن منڇر کي باغ يوسف ۽ آر ڊي 52 وٽان لڳايل ڪٽن ۽ ايم اين وي ڊرين کي زيرو پوائنٽ وٽان لڳل گهاري سڄي تعلقي سيوهڻ ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي. منڇر جي ڀر وارن ڳوٺن ۾ 15 کان 20 فوٽ جڏهن ته باقي ڳوٺن ۾ سراسري طور 10 فوٽن کان مٿي پاڻي بيٺل آهي. انڊس لنڪ ڪئنال کي ڳوٺ گلشير مهر وٽان لڳل گهاري جو پاڻي ڀان سيدآباد شهر جي رنگ بند سان ٽڪرائجي ويو آهي پر شهرين طرفان ڀان سيدآباد کي بچائڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جا زور لڳايا پيا وڃن.
اسين سمجهون ٿا ته هيءَ هڪ شرمناڪ عمل آهي. هن وقت ماڻهن جي مدد ڪرڻ جي ضرورت آهي پر ڪي شرپسند اهڙا آهن، جيڪي هٿ وٺي شهرن کي ٻوڙائڻ ۾ لڳا پيا آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انهن خلاف سخت کان سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن وري اهڙُو واقعو نه ٿئي ۽ حڪومتي مشينري شهرين جي حفاظت ڪرڻ لاءِ اڳيان اچي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button