انساني سماج هن وقت جيترو پيچيده ۽ منجهيل سُٽ نظر اچي رهيو آهي. ڪنهن وقت اهو ان کان به وڌيڪ پيچيده رهيو آهي. جڏهن اسين انساني سماج جي تاريخ تي نظر وجهنداسين ته اهو واضح ٿي ويندو ته سماج جي جوڙجڪ ۾ تمام گهڻيون پيچيدگيون موجود آهن. انسان کي سڀ کان وڌيڪ مونجهارا تڏهن پيش آيا، جڏهن هِن پنهنجي چوڌاري ماحول کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي. پنهنجي ڀرپاسي ٻوٽا، وڻ، ٻيلا، جبل، آبشار، ڍنڍون ڍورا، نديون، جانور ۽ بلائون ڏسندي سندس اچرج ۽ حيرانگين جي ڪا حد نه رهي ۽ گذرندڙ وقت سان گڏ نيون شيون سامهون اچڻ لڳيون. جن سندس حيرت ۽ تجسس ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو. انهن سڀني لقائن کي هِن معمول مطابق ڏٺو ۽ گهڻين شين کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي.
سنڌي سماج اندر لطيف انهن ڪجهه ماڻهن جي صفن جي سرواڻي ڪندڙ شاعر آهي. لطيف جي شاعريءَ کي پڙهندي محسوس ڪري سگهجي ٿو ته هو پنهنجي دور جي ڪڌين روايتن کان ڪيترو ڏور هجڻ ڪري هڪ عظيم سوچَ وارو شاعر رهيو آهي.
اهو ڏسي تمام گهڻي حيرت ٿئي ٿي ته لطيف وٽ ارڙهين صديءَ ۾ تنقيدي شعور جي شمع روشن آهي، جيڪا سندس شاعريءَ ۾ واضح نظر اچي ٿي. اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ ضروري آهي ته هر دور جو وڏو ماڻهو پنهنجي دور جي اسٽيٽسڪو کي ٽوڙي ۽ ان جو مقابلو ڪرڻ ڪري ئي تاريخ جو وڏو ماڻهو ليکيو ويندو آهي. تنهنڪري سنڌي شاعريءَ ۾ لطيف هر دور جو وڏو شاعر ان ڪري بہ آهي جو هو پنهنجي شاعريءَ ذريعي سماج اندر موجود هر قسم جي اسٽيٽسڪو جو مقابلو ڪندي نظر اچي ٿو. اهڙا ماڻهو رواجي سوچ جي ابتڙ تنقيدي اک رکندڙ هوندا آهن. جيئن هِن بيت جي پهرين ٻن سٽن ۾ لطيف جو تنقيدي شعور پسي سگهجي ٿو، اچو ته هن بيت کي سمجهون؛
اک الٽي ڌار، ونءُ الٽو عام کان،
جي لهوارو لوڪ وهي تون اوچو وهه اڀار.
لطيف سائين هن بيت ذريعي سمجهائڻ گُهري ٿو ته جيئن عام ماڻهو دنيا کي ڏسي ٿو ۽ کيس سمجهي ٿو تون ان جي ابتڙ ۽ انهن کان بلڪل الٽو سوچ ۽ سندن پرک جي پيمانن کان پنهنجا پيمانا ابتڙ رکُ. جيئن عام ماڻهو ڪن ٿا، جيئن عام ماڻهو زندگي گذارين ٿا تيئن تون نه گهار. لطيف لاءِ عام ماڻهوءَ ۽ خاص (لطيف جو آدرشي انسان) ماڻهوءَ ۾ اهو بنيادي فرق آهي ته عام ماڻهو پنهنجو تنقيدي شعور استعمال نه ٿو ڪري ان جي ابتڙ خاص ۽ آدرشي انسان شين کي جيئن جو تيئن ڪونه ٿو ڏسي پر هر شئي جي سڀني پاسن تي تنقيدي اک رکي ٿو ۽ انهن بابت تحقيقي ڇنڊڇاڻ ڪري ٿو نه فقط ايترو پر سماج ۾ موجود سڀني ڪاروهنوارن ڏانهن علمي ۽ فڪري رويو رکي ٿو. انهن مرحلن کان پوءِ ئي شين تي ڪا راءِ رکي ٿو. لطيف ان معنيٰ ۾ ئي ڪمال جو شاعر ۽ هڪ تنقيدي دماغ آهي. جيڪي دنيا کي جيئن جو تيئن ڏسن ٿا ۽ پنهنجن عقلي، علمي ۽ فڪري صلاحيت کي استعمال نه ٿا ڪن. اُهي انهن منجهان ناهن جيڪي دنيا کي تبديل ڪن ٿا. دنيا کي تبديل ڪرڻ لاءِ موجوده نظام جي تنقيدي پرک لازمي آهي. تنقيدي اکِ رکڻ وارو ماڻهو نظام جي ڪمين ڪوتاهين کان ويندي سماج ۾ اڻبرابرين ۽ ظلمن کي نه فقط ننديندو پر تنقيدي شعور ذريعي هڪ نئين سماج جي اڏاوت ۾ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪندي جدوجهد به ڪندو، جيڪو سڌي اک رکڻ واري ماڻهوءَ لاءِ ناممڪن آهي.
لطيف جو آدرشي انسان آسان رستا جاچڻ کي ترجيح ڪونه ٿو ڏئي. ٻين لفظن ۾ شارٽ ڪٽ ڪونه ٿو ڳولهي پر هو مستقل مزاجيءَ سان پنهنجي آدرشي ۽ انقلابي راهه اختيار ڪري ٿو. ڀلي ان ۾ سندس ڪيترو به وقت ۽ طاقت ڇو ڪونه صرف ٿئي.
تڏهن ته چوي ٿو؛
“جي لهوارو لوڪ وهي، تون اوچو وهه اڀار”
“جي لوڪ (دنيا) هيٺانهون پاسو وٺي ٿي ۽ هيٺ هلي ٿي ته تون ان جي ابتڙ اوچو مٿانهون هَلُ” لطيف جو هن شعر ۾ اوچائي ۽ هيٺانهين مان مقصد زميني سطح جي حساب سان لاهي ۽ چاڙهي ناهي، پر دنيا اندر جيڪو پراڻنِ ريتن، رسمن ۽ رواجي سوچن جو هڪ نه کُٽندڙ وهڪرو آهي، ان جي ابتڙ درست خيالن، درست سوچن ۽ درست منزل طرف وکون وڌائڻ ڏانهن اشارو ڪري ٿو. اسان سڀني کي اها خبر هُئڻ سان گڏوگڏ اهو تجربو پڻ ضرور هوندو ته پاڻي جبل مٿان ڪيترو آسانيءَ سان هيٺ لهندو آهي يا ڪنهن وڏي چاڙهيءَ تان ڪيترو آسانيءَ سان هيٺ لهي ٿو. لطيف جو هن سٽ اندر مون کي جيڪا ڳالهه سمجهه آئي آهي اها آهي ته ڪي ماڻهو موجوده نظام سان خوش رهي ڪري ۽ کانئن مليل مراعتن مان آسان زندگي ۽ عيش عشرتون حاصل ڪري ٿو پر اهو ذاتي مفادن لاءِ اجتماعيت کي ڌڪ رسائي ٿو.
پر ان جي ابتڙ جڏهن چاڙهيءَ تي چڙهجي ٿو ته اهو لهڻ جي ڀيٽ ۾ ڪيڏو نه تڪليف وارو مرحلو هوندو آهي. پاڻ کي جڏهن ڇهه کان ست ماڙ مٿي فليٽ تي وڃڻو هوندو آهي ته پاڻ ٽين ماڙ تي ئي ٿڪجي سهڪڻ لڳندا آهيون. لطيف اوچي وهڻ وارن کي پسند ڪري ٿو ۽ اوچي خيال وارا ماڻهو پنهنجون زندگيون پنهنجن عظيم مقصدن تان قربان ڪري ڇڏيندا آهن ۽ لطيف اهڙن ماڻهن کي پسند ڪري ٿو، تنهنڪري لطيف جو آدرشي انسان مراعتن تي هلندڙ ۽ ظلم جي نظام کي قبولي جيئڻ وارو ناهي پر هو تڪليفن سان زندگي گذاري هڪ اهڙو سماج ۽ نظام ٺاهڻ گهري ٿو جنهن ۾ هر شئي جي ورهاست برابريءَ جي بنيادن تي ٻڌل آهي.
“تڪليفون آدرشي انسان ٺاهين ٿيون”
عام طور تي هڪڙو خيال آهي ته تڪليفون انسان کي ڪمزور ڪري ڇڏين ٿيون ۽ انسان تڪليفن اندر گهاريندي فقط تباهه حال ٿي وڃي ٿو، پر سُک انسان کي مضبوط ۽ بهادر بنائين ٿا.
جڏهن پاڻ شين کي درست رخ يا کڻي ائين چئجي ته لطيفي اک سان پرکيون ٿا ته ڏکن، غمن، دردن، پيڙائن، تڪليفن ۽ آزارن جو انساني زندگيءَ کي بهتر کان بهتر بنائڻ ۾ تمام اهم ۽ بنيادي ڪردار رهيو آهي. مٿي ذڪر ڪيل ڪيفيت اندر ليلائڻ کان ويندي توبهه زاري ڪرڻ تائين انسان فقط هڪڙي رويي کي ظاهر ڪري ٿو ۽ اهو رويو آهي مايوسي. شاعري سماجن اندر تمام گهڻو وزندار ۽ پيرائتو ڪم ڪري ٿي، شاعريءَ جو اثر سڌو انسانن جي ذهنن مٿان ٿئي ٿو. منهنجي خيالَ ۾ هڪ شاعر لاءِ ماڻهن کي مايوسين مان ڪڍڻُ سندس شاعريءَ جو سڀ کان بنيادي ڪارج هجڻ کپي نه ڪي پنهنجي دل تي ڇنڊا هڻڻ لاءِ شاعريءَ جو رستو اختيار ڪري ٻين کي به مايوس ڪجي.
لطيف جو فڪر ڏکن ۽ غمن کي پنهنجو رهنما سمجهي ٿو. ڏُک ۽ غم جون ڪيفيتون ۽ حالتون لطيف جو آدرشي انسان ٺاهڻ ۾ پيرائتو ڪردار ادا ڪن ٿيون، تڏهن ته لطيف لکيو آهي؛
ڏُکَ سُکنِ جي سُونهنَ،
گُهوريان سُکَ ڏُکن رِي.
يا
ڏُکَنِ پُٺِيان سُکَ، سِگها ٿِيندَءِ سَسُئِي
پيرَ مَ ڇَڏجِ پِرينءَ جو توڙي لَڪَنِ لُکَ
ڏورِجِ پاسي ڏُکَ، ته پوي ٻاجهَه ٻَروچَ کي.
“اي سسئي، ڏکن پٺيان ئي جلدي سک ايندا آهن. تون پنهنجي پرينءَ (منزل، مقصد، سچائيءَ جي واٽ ۽ جدوجهد جو رستو) جي ڳولها کي ڪڏهن به ترڪ نه ڪجانءِ، ڀلي جبل جي تنگ رستن ۽ ڏکين پيچرن منجهان گذرندي ساڙيندڙ جهولو لڳندو رهي. تون ڏکن ۽ پيڙائن سان نباههِ ته پاڻهي هوت (منزل ۽ مقصد) پنهل توسان راضي ٿيندو”.
لطيف اهڙو شاعر آهي جنهن سماجَ جي اندر مروج سڀني تصورن ۽ سوچن کي تبديل ڪرڻ جو ڄڻ ته پڪو پهه ڪري ڇڏيو هو. تڏهن ته سندس شاعري هر قسم جي اسٽيٽسڪو کي ٽوڙيندي نظر اچي ٿي. لاکيڻي لطيف جو 279 هون جنم ڏينهن آهي. سنڌ جي هن يگاني انسان جي جنم ڏينهن جون پوري عالم انسانيت کي لک لک واڌايون هُجن.